انگريزن
پينانگ تي قبضو ڪيئن ڪيو؟
الطاف
شيخ
ملائيشيا ۾ انگريز پوڻا ٻه سؤ سال کن رهيا. پهرين پينانگ ٻيٽ
کي قبضي ۾ ڪيائون، جيڪو تن ڏينهن ۾ ڪيداح رياست ۾ هو ۽ سلطان عبدالله جي ملڪيت هو. پينانگ تي قبضي بعد آهستي آهستي سڄي
ملائيشيا تي انگريزن جو راڄ شروع ٿي ويو.
پينانگ ميوزيم جي ٻاهران ڪئپٽن فرانسز جو بت (Statue) ۽ ان هيٺان لکيل:“Founder of
Penang ۱۷۸۶” (پينانگ جو ڳوليندڙ) اڃا تائين موجود آهي ۽ ياد ڏياري ٿو ته
انگريز ڪئپٽن فرانسز کي هتي آئي هن سال پورا ٻه سؤ سالَ (Bicentenary) ٿيا ـــ يعني انگريزن جو ملايا تي راڄ پينانگ کان ۽ ان سن کان شروع ٿيو
هو.