ڪئمپ جي ڏُکي زندگي.......
الطاف شيخ
پئان معصومه جڏهن گهران نڪتي هئي
ته هن وٽ فقط ٽي وڳا هُئا. سندن سادو سودو سپاٽو ان پنڌ جي شروع واري ڏينهن ۾ ئي
ڇڄي ويو ۽ پوءِ باقي ڏينهن اگهاڙين پيرين پنڌ ڪندي رهي ـــ نه فقط ڪئمپ تائين، هي
ٻارهن ڏينهن وارو، پر جيسين ريلوائيءَ جو ڪم هلندو رهيو هوءَ پيرين اگهاڙي رهي.
کيس شاديءَ ۾ مائٽن فقط سونا ايئرنگ ڏنا هئا جيڪي گهر ڇڏڻ وقت هن جي ڪنن ۾ هئا. هن ٻارهن ڏينهن جي پنڌَ ۾ هڪ ڏينهن سندس
اها نشاني به هلي ويئي.
”هڪ سڪڻي جپانيءَ جي پهرين ڏينهن کان ان ۾ اک
هئي. هن نيٺ مونکان اهي زوريءَ لهرائي
ورتا ته کيس ان مان سونا ڏند ٺهرائڻا آهن.“ پئان معصومه ٻڌايو.