لاڙڪاڻي
پهچڻ تي.....
الطاف
شيخ
سنڌ ۾ مَچُ ڪچهري يعني سياري جي راتين ۾ باهه جا مَچَ
ٻاري ڪچهري ڪرڻ اسان جي تمام پراڻي ريت ۽ وندرآهي. ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ جهڙا ملڪ هاڻ
امير ٿي ويا آهن ـــ پئسي ڏوڪڙ ۾ ته ٽيڪنيڪل سهولتن ۾ به ـــ ۽ هاڻ سينٽرلي هيٽيڊ ٿيٽرن
۽ فائو اسٽار هوٽلن جي ڪنسرٽ هالن ۾ ويهي راڳ ۽ ڊانس جا پروگرام ۽ فلمون ڏسن ٿا، ٿڌ
کان بچڻ لاءِ گئس يا اليڪٽرڪ ذريعي گرم ۽ بند گرائونڊن ۾ والي بال، ٽينس، ويندي فٽ
بال راند کيڏن ٿا نه ته اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ به هنن جو ڇا حال هو؟ سيءَ کان بچڻ، وقت
پاس ڪرڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ برف جي ڇپن مان اوڏڪي نموني ٺهيل گول ۽ بند گهرن (Igloos) ۾ جانورن
جون کلون پائي ويهي ڪوڙيون سچيون سامونڊي مڇين ۽ ٻين ساهوارن جي شڪارن ۽ ٻين جون رنون
ـــ خاص ڪري جرمن، پولش، ايسٽونين جون ـــ ڀڄائڻ جون ڪوڙيون سچيون خبرون ڪندا هئا.
سو هن قسم جون ڪچهريون نه رڳو اسان وٽ پر سڄي دنيا ۾، آفريڪا توڙي ايشيا جي ٻين ملڪن
۽ يورپ ۾ صديون عام رهيون. پوءِ انهن ڪچهرين ۾ ڪن وٽ مذهب تي گيان هليو ٿي ته ڪن وٽ
سياست ۽ اوڙي پاري جي علائقن يا ٻيٽن تي وڃي ڦرلٽ (Piracy) ڪرڻ جون
رٿائون ٺهيون ٿي. اڄڪلهه ماڊرن دور ۾ جتي ڪٿي خوشحالي اچڻ ڪري انهن ڪچهرين سان گڏوگڏ
ملڻ ملائڻ ۽ وندر جا طور طريقا به مختلف ٿي پيا آهن.