لاڙڪاڻي
پهچڻ تي.....
الطاف
شيخ
سنڌ ۾ مَچُ ڪچهري يعني سياري جي راتين ۾ باهه جا مَچَ
ٻاري ڪچهري ڪرڻ اسان جي تمام پراڻي ريت ۽ وندرآهي. ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ جهڙا ملڪ هاڻ
امير ٿي ويا آهن ـــ پئسي ڏوڪڙ ۾ ته ٽيڪنيڪل سهولتن ۾ به ـــ ۽ هاڻ سينٽرلي هيٽيڊ ٿيٽرن
۽ فائو اسٽار هوٽلن جي ڪنسرٽ هالن ۾ ويهي راڳ ۽ ڊانس جا پروگرام ۽ فلمون ڏسن ٿا، ٿڌ
کان بچڻ لاءِ گئس يا اليڪٽرڪ ذريعي گرم ۽ بند گرائونڊن ۾ والي بال، ٽينس، ويندي فٽ
بال راند کيڏن ٿا نه ته اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ به هنن جو ڇا حال هو؟ سيءَ کان بچڻ، وقت
پاس ڪرڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ برف جي ڇپن مان اوڏڪي نموني ٺهيل گول ۽ بند گهرن (Igloos) ۾ جانورن
جون کلون پائي ويهي ڪوڙيون سچيون سامونڊي مڇين ۽ ٻين ساهوارن جي شڪارن ۽ ٻين جون رنون
ـــ خاص ڪري جرمن، پولش، ايسٽونين جون ـــ ڀڄائڻ جون ڪوڙيون سچيون خبرون ڪندا هئا.
سو هن قسم جون ڪچهريون نه رڳو اسان وٽ پر سڄي دنيا ۾، آفريڪا توڙي ايشيا جي ٻين ملڪن
۽ يورپ ۾ صديون عام رهيون. پوءِ انهن ڪچهرين ۾ ڪن وٽ مذهب تي گيان هليو ٿي ته ڪن وٽ
سياست ۽ اوڙي پاري جي علائقن يا ٻيٽن تي وڃي ڦرلٽ (Piracy) ڪرڻ جون
رٿائون ٺهيون ٿي. اڄڪلهه ماڊرن دور ۾ جتي ڪٿي خوشحالي اچڻ ڪري انهن ڪچهرين سان گڏوگڏ
ملڻ ملائڻ ۽ وندر جا طور طريقا به مختلف ٿي پيا آهن.
سنڌ ۾ اڃان به، ڪٿي ڪٿي روايتي مچ ڪچهري جون خبرون
اينديون رهن ٿيون جن ۾ اڪثر شعر و شاعري، راڳ روپ، ڳجھارتون، ڏور، گيت ۽ مناظرا محفل
۾ آيل حاضرين جي دل وندرائين ٿا. گذريل سال ڄام شوري ۽ ٿاڻي بولان خان ۾ اهڙين مچ ڪچهرين
جو احوال اخبار ۾ پڙهيم ۽ ٽي وي جي سنڌي چئنلن تان ڏٺم ۽ انهن جي دعوت مونکي پڻ امداد
حُسيني، عنايت بلوچ ۽ نصير مرزا معرفت ملي هئي پر منهنجي ٻن ڪمزورين ڪري منهنجي لاءِ
حاضر ٿيڻ مون لاءِ آسان ڪم نه هو. هڪ ته هي ڪچهريون رات جو دير سان شروع ٿين ٿيون
۽ آڌي رات تائين هلن ٿيون... ڪي ڪي ته اڇو صبح به ڪريو ڇڏين ۽ مون لاءِ گهمڻ ڦرڻ توڙي
ملڻ جلڻ مان enjoy ڪرڻ جو بهترين وقت صبح پهر
آهي. رات جو اوجاڳو ڪرڻ (سواءِ طوفانن ۽ ايمرجنسي جي حالت ۾ جهاز هلائڻ کان علاوه) سزا ڀوڳڻ آهي. ٻي ڳالهه ته مَچُ ڪچهريءَ ۾ پَٽَ تي پٿل ماري وهڻو پوي ٿو.
اڄ کان ۳۵ سال
اڳ منهنجو جهاز تي حادثو ٿيڻ بعد مون لاءِ گهڻي دير پٽ تي وهڻ مشڪل ڪم رهيو آهي.
ڪراچي کان
هلندڙ اڏام شامَ جو ۵ بدران ۹
بجي هلڻ ۽ ڏهين ساڍي ڏهين
ڌاري لاڙڪاڻي پهتي. ايئرپورٽ تي وٺڻ لاءِ منهنجي ميزبان (ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال
محمد يوسف) ڪاليج جي هڪ پروفيسر منير چانڊيو کي موڪليو. رستي تي منير ٻڌايو ته هو مونکي
منهنجي رهائش تي ڇڏڻ هلي رهيو آهي جيڪا ڇوڪرن جي هاسٽل ڀرسان ٺهيل گيسٽ هائوس جي هڪ
ڪمري ۾ آهي. گذريل ۴۰ سالن کان آئون ٻاهر جي ملڪن ۾ اهو ئي دستور ڏسندو اچان
ته ڪنهن وٽ رات جو ڏهين کانپوءِ پهچڻ جي معنيٰ اهائي سمجھي وڃي ٿي ته مهمان ٽرين ۾
يا جهاز ۾ ڊنر کائي پهتو آهي، يا رستي تي ڪنهن بس اسٽاپ تان کائي ڇڏي هوندائين. اسان
کي هن ڪلاڪ جي اڏام ۾ ماني بدران هڪ سموسو
مليو جيڪو آئون ان ڪري کائي نه سگهيس جو ڪراچي ايئرپورٽ تي منهنجي ڪلاس ميٽ پاڻ به
۽ مونکي به هڪ هڪ برگر وٺي کارايو هو. مون کيس ڏاڍو جھليو هو ته لاڙڪاڻي پهچي منهنجي
ميزبان ضرور ڊنر رکي هوندي جيڪا هي برگر کائڻ بعد کائي نه سگهندس. پر هاڻ منير جي واتان
اهو ٻڌي مونکي خوشي ٿي ته هو مونکي سڌو منهنجي
ڪمري تي وٺي هلي ٿو يعني رات جي ماني جو ڪو
پروگرام ناهي. مون به اهوئي چاهيو ٿي. سڄي ڏينهن جو ٿَڪُ ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي ۵ ڪلاڪ کن انتظار جي ٽينشن ڪري
هاڻ مون سمهڻ ٿي چاهيو. ٻاهر جي دنيا جي رسم موجب رات جو دير سان پهچڻ تي ميزبان سان
نئين سج اڀرڻ بعد ملاقات ڪئي ويندي آهي. مون ٻئي ڏينهن صبح جو ڪاليج جي پرنسپال سان
سندس آفيس ۾ وڃي ملڻ هونءَ به بهتر سمجھيو جڏهن اسان ٻئي تازا توانا هونداسين.
آئون بئگ مان سامان ڪڍي ڪٻٽ جي خاني تي رکڻ لڳس ته
در وٽ اڃان بيٺل منير چانڊيو چيو ته ”سائين سامان پوءِ اچي ٺاهجو هينئر بس رڳو هٿ منهن
ڌوئي هلو ته پرنسپال سان ملون ... هو آفيس ۾ انتظار ڪري رهيو آهي. اهو ٻڌي مونکي حيرت
ٿي ۽ افسوس پڻ ته منهنجي فلائيٽ ۾ delay ٿيڻ ڪري منهنجي ميزبان کي تڪليف
رسي ۽ اسانجي قومي ايئر لائين جو جيڪو حال آهي ان موجب اها ته اڃان به ڪلاڪ ٻه Late ٿي سگهي
ٿي.
سامان کي ڪمري ۾ ڇڏي منير سان گڏ ٻاهر نڪتس ٻاهر توڙي
ڪمري ۾ سخت سيءُ محسوس ٿي رهيو هو. اهڙو سيءُ
ته يورپ ۾ به نٿو ٿئي. مون وانگر اها ڳالهه هرڪو ڪندو رهي ٿو جنهن مان اسان سڀني جو
مطلب اهو هوندو آهي ته توڙي کڻي يورپ ۾ اسان کان وڌيڪَ سردي ٿئي ٿي پر اتي هر گهر،
آفيس، هوٽل، دڪان ويندي بس اسٽاپ سينٽرلي هيٽيڊ (گرم) رهن ٿا ۽ سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ٻن
ڏينهن کان يورپ ۾ سياري جا ٻه مهينا رهڻ آسان ڪم آهي. مون ڏٺو ته منير چانڊيو کي ايڏو
سيءُ نه پئي لڳو جو هن کي فقط ڪوٽ پهريل هو جنهن جا به ٻيڙا کليل هُئا ۽ مونکي سئيٽر
۽ ڪوٽ ۾ به سيءُ ٿي رهيو هو. ان جو هڪ سبب ته اهو هو جو آئون ڪراچي جي ڪوسي موسم مان
يڪدم هتي پهتو هوس ۽ منهنجي وڏي عمر به هڪ فئڪٽر آهي.
محمد يوسف صاحب جي آفيس ۾ پهتاسين ته ساڻس گڏ ڪاليج
جا ٻه پروفيسر، لاڙڪاڻي ڊويزن جو ‘ڊي آئي جي پوليس’ عبدالخالق شيخ ۽ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد
سعيد مڱڻيجو به منهنجي آڌر ڀاءَ لاءِ موجود هُئا. ڊاڪٽر سعيد سان منهنجي هيءَ پهرين
ملاقات هئي. هو ڪمشنر آهي معنيٰ هن CSS جو امتحان پاس ڪيو آهي. ان
قسم جا مقابلي جا امتحان پاس ڪرڻ ڪو آسان ڪم
نه آهي. هڪ اهو شاگرد جيڪو ذهين آهي، محنتي آهي ۽ پڙهائي جو بنياد مضبوط اٿس اهو ئي
هن امتحان ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. يعني ائين نه آهي ته امتحان کان ٻه هفتا اڳ سڄي سڄي
رات پڙهڻ سان ڪاميابي نصيب ٿيو وڃي. هنن امتحانن ۾ شاگردن کي آل رائونڊر ٿيڻ کپي يعني
نه فقط سنڌي، انگريزي ۽ مئٿس وغيره ۾ پر جنرل ناليج، ايوري ڊي سائنس ۽ مضمون نويسي
جهڙن مضمونن ۾ پڻ پختي ڄاڻ هئڻ کپي ... ڇو جو هنن امتحانن ۾ فقط پاس ناهي ٿيڻو پر مٿاهين
نمبر تي اچڻ ضروري آهي ڇو جو هنن امتحانن ۾ هڪ مقرر ننڍڙي تعداد ۾ اميدوارن کي کنيو
وڃي ٿو. اسان وارو هي ڪمشنر جيڪو ڊاڪٽر پڻ آهي
معنيٰ هن سنڌي يا مسلم هسٽري ۾ بي اي
نه ڪئي آهي پر هن انٽر جي امتحان ۾ به سٺي پوزيشن کڻي ميڊِڪل ڪاليج ۾ ويو آهي ۽ پنجن
سالن جو ڊاڪٽري جو ڪورس مڪمل ڪري MBBS ڊگري حاصل
ڪئي آهي. اهڙن آفيسر مان اڄ جي نوجوان شاگردن کي اتساهه حاصل ڪرڻ کپي. اڳتي هلي مونکي جيئن ئي موقعو مليو ته مون ڊاڪٽر سعيد کان اهو سوال ڪيو ته ڊاڪٽري پڙهڻ
يا CSS ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لاءِ کيس پاڻ شوق ٿيو يا ان پويان
سندس والدين جو هٿ هو؟
”منهنجو به هو پر منهنجي والد جو وَڌيڪَ هو جيڪو
ان وقت ٽيچر هو.“ ڊاڪٽر سعيد ٻڌايو.
منهنجي ويهارو کن سالن جي ٽيچنگ واري تجربي ۾ مون ڏٺو
ته اسان وٽ پاڪستان ۾ توڙي ملائيشيا ۽ ٻين
ايشيائي ملڪن ۾ اهي شاگرد وڌيڪَ محنتي، ذهين ۽ تعليم جي معاملي ۾ سنجيده آهن جن جي
ماءُ يا پيءُ ٽيچر آهي. يعني ٽيچر ته آهي پر سٺو، محنتي ۽ ايماندار ٽيچر آهي. اهڙن
ٽيچرن جي ٻارن سٺو نالو پئدا ڪيو آهي. توهان به ڀلي پنهنجي اوسي پاسي ۾ نظر ڊوڙائي
سگهو ٿا.
ڊاڪٽر سعيد مڱڻيجو ۲
مئي ۱۹۶۳ع تي سکر شهر ۾ پروفيسر عبدالرشيد صاحب جي گهر ۾ ڄائو.
بنيادي تعليم سکر مان ئي حاصل ڪيائين. MBBS جي ڊگري
سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان ۱۹۹۲ع
۾ حاصل ڪيائين. ان بعد CSS جو امتحان پاس ڪيائين. پاڻ
نوڪري جي سلسلي ۾ نوشهري فيروز، گمبٽ، خيرپور سکر، وغيره ۾ رهيو ۽ گذريل سال ۱ مئي تي لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر ٿي
اچڻ کان اڳ ٽي سالَ شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. لاڙڪاڻي جو DIG پوليس عبدالخالق
شيخ جيڪو بئريسٽر سڏيو وڃي ٿو مونکان ۲۳
سالَ کن ننڍو آهي ۽ سندس ڄم
جي تاريخ ۱۹ مارچ
۱۹۶۷ع آهي. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ٽي سالَ کن اڳ ڪراچي
جي ايئرپورٽ تي ٿي جڏهن آئون ۽ ٽندو قصير جو شوڪت حسين نظاماڻي (ڪِٽ نمبر ۷۸۰۳) دبئي وڃي رهيا هئاسين ته عبدالخالق شيخ به اتي مليو.
هو دبئي کان اڳتي لنڊن قانون جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو. شوڪت ٻڌايو
ته عبدالخالق به ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو پڙهيل آهي ۽ هو کانئس هڪ سال پوءِ ۱۹۷۹ ۾ آيو هو ۽ سندس ڪِٽِ نمبر ۷۹۱۱۵ آهي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا
اسين پڙهيل هڪ ٻئي جو ڪِٽِ نمبر ان ڪري پڇندا آهيون جيئن اسان کي idea ٿي وڃي
ته اڳلو ڪهڙي سال ۾ پيٽارو آيو هو ۽ هو اسان کان ڪيترو ننڍو يا وڏو آهي. ڪِٽ نمبر جا
کاٻي پاسي وارا انگ سالَ ٻڌائين ٿا ته هو ڪهڙي سالَ ۾ پيٽارو آيو. عبدالخالق جو اهو
انگ ۷۹ آهي
معنيٰ هو ۱۹۷۹ع ۾ آيو ۽ ان مان ۱۳
سالَ کن ڪٽڻ سان اڳلي جي ڄم
جي سالَ جي خبر پوي ٿي. شروع جي ٽن چئن بئچن جا ڪِٽ نمبر سيريل وائيز هُئا. هر سال
۳۳ کن
شاگرد کنيا ويا ٿي. آئون ٻي بئچ مان آهيان ۽ منهنجو ڪِٽ نمبر ۴۷ آهي.
پوليس کاتي ۾ عبدالخالق شيخ قانون جي سبجيڪٽ ۾ وڏي
ڄاڻَ رکي ٿو. سندس تعلق قمبر شهر سان آهي. ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد هن کي NED ڪاليج
۾ انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ داخلا ملي هئي. پر پوءِ سال ڏيڍ انجنيئرنگ جو پڙهڻ بعد هن B.A ڪري ۱۹۸۸ع ۾ CSS جو امتحان ڏنو جنهن ۾ هن کي
Accounts ۾ رکيو ويو. ان بعد ۱۹۹۱ع ۾ هن هڪ دفعو وري امتحان ڏنو جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي هن کي پوليس
ڊپارٽمينٽ مليو.
عبدالخالق کي اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي پڙهڻ
جو شوق رهيو آهي. اونهي مطالعي کان علاوه هو سٺو ڊبيٽر ۽ رانديگر به ٿي رهيو آهي. سندس
پڙهائي جي شوق ۽ قابليت کي ڏسي ملڪ جي حڪومت کيس قانونَ ۾ اعليٰ تعليمَ حاصل ڪرڻ لاءِ
نامزد ڪيو. هن LL.B يونيورسٽي آف لنڊن مان ڪئي.
ان بعد LL.M آڪسفورڊ
بروڪس يونيورسٽي مان ۽ سوسائٽي آف لنڪن اِن لنڊن مان بئريسٽر آف لا حاصل ڪيائين. پاڻ
قانون سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي ڪِتابن جو ليکڪ آهي. جيئن ته :
1.
Honor Killings & Police in Sindh
2.
Juvenile Justice System
وغيره. ۽ تازو هاڻ سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان UNDP جي سهڪار
سان ڪِتاب ڇپيو ويو آهي جنهن جو نالو آهي:
Violence
against Women
عبدالخالق ۽ ٻين سان ملي ويٺاسين ته گرم گرم چانهه
اچي وئي جنهن جي ههڙي پاري جهڙي سردي ۾ سخت ضرورت هئي. لڳي ٿو مونکي اتر سنڌ جي سرديءَ
جو پهريون دفعو تجربو ٿي رهيو هو . ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ ويهي رڳو ٻڌبو هو ته سکر لاڙڪاڻي
پاسي ٿڌ جو پد زيرو تي پهچي ويو آهي. اهڙي طرح هتي گرمي به سخت ٿئي ٿي يعني ڪراچي
۽ لاڙ جي مقابلي ۾ تڏهن ته صدين کان هتي جا ماڻهو اونهاري جي موسم جي سخت گرمي کان
ڀڄڻ لاءِ ڪوئيٽا ۽ لاڙ جو رخ اختيار ڪن ٿا ۽ اهڙي هڪ اترادي عاشق کي سندس محبوبا لاڙ
وڃڻ کان روڪيندي چوي ٿي:
سهڻا! تون نه وڃ لاڙ
پکو مان لوڏينديسانءِ
بهرحال هاڻ پَکن يا جِهلين لوڏڻ جو زمانو هليو ويو
آهي. هي اليڪٽرسٽي جو دور آهي ۽ هوا لاءِ اليڪٽرڪ جا پنکا هلايا وڃن ٿا.... اها ٻي
ڳالهه آهي ته هن پنجن سالن جي عوامي دور ۾ بجلي اهڙو ته غائب ٿي وئي آهي جو هڪ دفعو
وري وڃي هٿ جي وڃڻن تي ڪم پهتو آهي!
چانهه سان گڏ ٻي ڪنهن بسڪٽ نه کاڌو پر مون ٻه بسڪٽ
کڻي ڊنر جي Compensation ڪيم. چانهه پي بس ڪئيسن ته
سائين يوسف صاحب اعلان ڪيو ته هاڻي هلجي دير ٿي وئي آهي. ڪافي وقت کان انتظار ٿي رهيو
آهي.
مون سائينءَ کان پڇيو ته سائين ڪيڏانهن؟
”توهان لاءِ مَچُ ڪچهري ۽ ڊنر جو بندوبست ڪيو
ويو آهي!“ هن چيو.
اهو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته اها ته مون لاءِ سزا ٿي جو
مونکي هڪ طرف ننڊ اچي رهي هئي ۽ ٻئي طرف بسڪٽ کائي رهيل سهيل بک به پوري ڪيم. هاڻ ڇا
کائي سگهندس!
”توهان کي surprise ڏيڻ لاءِ
اڳواٽ نه ٻڌايم“ سائين يوسف چيو. دل ۾ چيم ته سائين توهان جون surprises ته بيحد خطرناڪ آهن ... مزي جي اها ڳالهه ته لاڙڪاڻي
۾ جيڪي به ڏينهن رهيس ته يوسف صاحب صبح شامَ ان قسم جون Surprises ئي ڏيندو رهيو.
No comments:
Post a Comment