Saturday, September 21, 2013

ويزا جي مون سان به جٺ ٿي - الطاف شيخ

ويزا جي مون سان به جٺ ٿي

الطاف شيخ

هڪ دفعو Visa جي مون سان به ٿوري گهڻي جٺ ٿي چڪي آهي جيڪا منهنجي بي ڌيانيءَ جو نتيجو هئي. اهو هن ريت: ٻه سال اڳ تائين ٿائلنڊ وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين کي اڳواٽ ويزا وٺڻ جي ضرورت نه هوندي هئي. جڏهن دل چاهيندي هئي ته پاسپورٽ کڻي هليو وڃبو هو. بارڊر تي ٿائي اميگريشن جو آفيسر، پاسپورٽ تي داخلا (Entry) جي ٺپي سان گڏ مهينو رهڻ لاءِ ويزا جو ٺپو پڻ هڻي ڏيندو هو.

هڪ دفعي موڪلن ۾ ڪوالالمپور ويس جتي هڪ عرب ۽ آسٽريلين دوست پينانگ هلڻ لاءِ چيو. پينانگ پهتاسين ته اتي جو ملئي ميزبان ۽ هڪ سنگاپوري انجنيئر ٿائلنڊ وڃي رهيا هئا. اسان کي به زور ڀريائون ۽ سڀ هلڻ لاءِ تيار ٿي وياسين. اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ اتان کان ريل گاڏي ٿائلنڊ وڃڻي هئي. جلدي جلدي ۾ ٽڪيتون وٺي ٿائلنڊ واري ريل ۾ ٿائلنڊ ڏي روانا ٿياسين. پوري پنجين بجي ڌاري ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جي بارڊر واري ريلوي اسٽيشن Padang Besar تي ريل گاڏي پهتي. پڊانگ بسار جنگشاهيءَ جهڙو هڪ ننڍڙو شهر آهي جنهن کانپوءِ ٿائلنڊ جو ملڪ شروع ٿيو وڃي. پڊانگ بسار جو سڄو شهر ملائيشيا ۾ اچي ٿو. باقي ريلوي اسٽيشن کي اڌواڌ ڪيو ويو آهي ـــ اڌ ملائيشيا وارن جون آفيسون آهن ته اڌ ۾ ٿائلنڊ وارن جون.
ملائيشيا واري اميگريشن آفيس مان اسان سڀني ـــ يعني مون وارن ملئي، سنگاپوري، آسٽريلين ۽ عرب دوستن Exit جو ٺپو هڻائڻ بعد ٿائي اميگريشن آفيسر وٽ آياسين. ان سلسلي ۾ اسان قطار ۾ بيٺا هئاسين ته هڪ سگريٽ چاڪليٽ وڪڻندڙ ٿائي گهوريئڙو، ذري ذري منهنجي سائي رنگ جي پاسپورٽ ڏي اشارو ڪري ٻين کي چوي ته ”هِنَ کي ٿائلنڊ ۾ اچڻ نه ڏيندا.“
مون کي ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه اچي ته هو ائين ڇو پيو چوي. هن کان اڳ ته ڪڏهن به ڪنهن نه روڪيو آهي. ڀلا فقط مون کي ڇو اچڻ نه ڏيندا. ٽرين مان ته سوين ماڻهو لٿا پر هي چريو فقط مون لاءِ ڇو  پيو چوي. ايتريقدر جو اسان وارو آسٽريلين دوست جيڪو قطار ۾ اڳيان هو ۽ پنهنجي پاسپورٽ تي ويزا هڻائي چڪو، تنهن ڇڙٻ ڏيئي چيس:
“Why do you say so?”
ٺهه پهه جواب ڏنائين:
 Because he is a Pakistani
دراصل ڇا ٿيو هو جو فقط ٻه ڏينهن اڳ ٿائلنڊ جي حڪومت اعلان ڪيو هو ته هاڻ ان ڏينهن کان پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جي ماڻهن کي پهرين وانگر ٿائلنڊ ۾ آزاديءَ سان اچڻ نه ڏنو ويندو ـــ يعني کين Arrival  (پهچڻ) تي ويزا نه ڏني ويندي. هو پنهنجن ملڪن ۾ موجود ٿائي ايمبسي يا قونصل خاني کان ويزا وٺي پوءِ ٿائلنڊ لاءِ نڪرن. اها ڳالهه نه  مونکي ڌيان ۾ هئي ۽ نه منهنجن دوستن کي. اسان سڄي واٽ چرچا ڀوڳَ ڪندا اچي بارڊر واري شهر پڊانگ  بسار ۾ نڪتا هئاسين. مونکي ته اها به ڄاڻ نه هئي ته ٻه ڏينهن اڳ ٿائلنڊ حڪومت اسان جهڙن غريب ملڪن لاءِ هي نئون قانون جاري ڪيو آهي. (آهي ته ٿائلنڊ به غريب. پر هاڻ مڙيئي اسان کان ڪجهه سڀرو ٿي ويو آهي ته اسان ڄڻ هن لاءِ ايراغيرا ٿي پيا آهيون)
منهنجي اڳيان بيٺل مڙني دوستن کي ٿائي اميگريشن آفيسر Entry ۽ Visa جو ٺپو هڻي ڏنو. منهنجو وارو آيو ته اهوئي ٿيو جنهن جو انديشو هو پاسپورٽ موٽائي ڏنائين ته مونکي اچڻ نه ڏيندا.
”ڪوالالمپور يا پينانگ وڃي اسانجي ٿائي آفيس ۾ ويزا جو درخواست فارم ڀري پوءِ ويزا وٺي اچ.“ هن چيو.
مون هن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ٻڌايو ته آئون پهرين به ٿائلنڊ ويندو رهيو آهيان. پر جواب ۾ هن خبر جي اها ڪٽنگ ڏيکاري جنهن ۾ پاڪستانين کي بنا ويزا اچڻ کان جهل جي قانون جو اعلان ٿيل هو.
ٽرين جي اسان واري دٻي ۾ ملائيشيا جو هڪ رٽائرڊ سينئر سيڪريٽري پنهنجي پوڙهي زالَ سان سفر ڪري رهيو هو. اُها ٿائي عورت هئي. ڪپڙي گندي ۽ ڳالهائڻ مان لڳو ٿي ته زال به ڪنهن اهم عهدي تي رهي چڪي آهي ۽ ٿائلنڊ جي ڪنهن اهم گهراڻي سان تعلق رکي ٿي. هو پڻ، پينانگ کان وٺي اسان سان ڪچهري ڪندا آيا ۽ هڪ ٻئي سان ايتري واقفيت ٿي ويئي جو هنن بئنڪاڪ ۾ ٺهرايل نئين گهر جي ائڊريس ڏني ته جيڪڏهن بئنڪاڪ وڃون ته هنن جا مهمان ٿي رهون.
اُنَ وقت قطارَ ۾ هو ٻئي منهنجي پويان هُئا. مونکي ويزا نه ملڻ ڪري سيڪريٽريءَ جي ٿائي زال اميگريشن آفيسر کي ٿائي زبان ۾ مون لاءِ ايتريون ته منٿون ڪيون جو مون ئي منع پئي ڪئيمانس ته مڙيئي خير آهي. پر جڏهن اميگريشن آفيسر نه مڃيو ته  هن عورت سندن باس سان ملڻ لاءِ عرض ڪيو جيڪو ڀر واري آفيس مان هلي آيو. ٿائي عورت پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ڪنهن طرح مونکي اجازت ڏيڻ لاءِ چيو. ايتريقدر جو هوءَ ضمانت ڏيڻ لاءِ به تيار هئي. پر ان وڏي صاحب به اهوئي چيو ته هو مجبور آهي. قانون جي ڀڃڪڙي ڪري نٿو سگهي. هن ٻڌايو ته اڄوڪي ڏينهن ۾ بئنڪاڪ ايئرپورٽ تان به مون جهڙا ڪيترا ئي پاڪستاني واپس ڪيا ويا آهن.
مونکي ان وقت محسوس ٿيو ته هڪ شهريءَ جو سٺو هجڻ يا خراب هجڻ ڪا اهميت نٿو رکي. توهان جي اهم هجڻ جو مدار ملڪ جي ڌاڪ، ساک، دٻدٻي ۽ دولت تي آهي. اڄ به اسانجي ملڪ ۾ سون، پيٽرول، پلاٽينم نڪري اچي ته سڀان کان اسان به دنيا جا باعزت ماڻهو بنجي وينداسين. ڌارين ملڪن جا ماڻهو اسانکي به عربن وانگر V.I.P ڪري سمجھندا جن سان ويزا جهڙا ٺڙڪو قانونَ لاڳو ٿي نه سگهندا. اسانجي ملڪ جي حڪومت جو نظام صحيح معنيٰ ۾ جمهوري ٿي وڃي، معيشيت مضبوط ٿي وڃي، سِڪي جي ساکَ سگهاري ٿي وڃي ته اسان ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائي کان به بهتر سمجھيا وينداسين. اسان جو ملڪ Technical Know How ۾ مٿڀرو ٿي وڃي ۽ بم توبون، جهاز راڪيٽ ٺاهڻ شروع ڪري ڏئي ته اسانجي به جپان، اسرائيل، انگلينڊ، فرانس جهڙي آؤ ڀڳت ٿي سگهي ٿي..... پوءِ اها ڳالهه ڪنهن کي به ڌيان ۾ نه ايندي ته ايٽمي هٿيار ٺاهڻ غير اخلاقي ڳالهه آهي.
دوستن سان مرڪي موڪلايم جن کي منهنجي الڳ ٿيڻ جو ڏک ضرور ٿيو.
”مڙيئي خير آهي. ائون سڀاڻي ئي پينانگ ۾ ٿائي قونصل خاني وڃي، ويزا وٺي، توهان سان هاتيائي ءَ ۾ اچي ملندس. جتان پوءِ گڏجي اڳتي بئنڪاڪ هلنداسين.“
ساڳي وقت اهو به چيومان ته انتظار نه ڪجو. آيس ته اچي نڪرندس. (ڇو جو دلي طرح مون هاڻ ٿائلنڊ وڃڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو.)
پاسپورٽ کڻي واپس ملائيشيا واري اڌ ۾ آيس جتي جا اميگريشن آفيسر ٽپڙ ٻڌي آفيس بند ڪري رهيا هُئا جو هاڻ ٻي ٽرين ٻئي ڏينهن اچڻي هئي. چڱو جو Exit جو ٺپو هڻائڻ مهل، ان ملئي اميگريشن آفيسر سان عليڪ سليڪ ٿي ويئي هئي. هن جي پڇڻ تي مون ٻڌايو هئو مانس:
”ورڪنگ ويزا تي ملائيشيا ۾ رهيل آهيان. مئرين انجنيئر آهيان ۽ توهان جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ پڙهايان ٿو. ماستر آهيان.“
ملائيشيا دنيا  جي انهن چند ملڪن مان آهي جتي ماستر جو اڃا تائين مان ڪيو وڃي ٿو. استاد کي اتم سمجھيو وڃي ٿو. مهاتير کان به وڌيڪَ سندس پيءُ جي عزت ڪئي وڃي ٿي جو هو ٽيچر هو. سو هن ملئي آفيسر ذڪريا مونکي سندس پاسي واري اڌ ۾ اڪيلو بيٺل ڏسي تعجب مان پڇيو: ”cigu ڇو ـــ؟ خير ۾“  چيگو ”چيڪ ـــ گرو“ جو شارٽ فارم آهي. يعني ”سائين ماستر“. (گرو معنا ماستر، مهاگرو معنا وڏو ماستر ۽ گرو بسار معنا هيڊماستر. هي هندي يا سنسڪرت جا لفظ آهن جيڪي ملئي زبانَ ۾ اچي ويا آهن. ساڳي وقت مريد معنا شاگرد)
”ڪوالالمپور مان ويزا وٺڻ وسري ويم. هاڻ ٿائلنڊ وڃي نٿو سگهان.“ ٻڌايو مانس.
هن شريف انسان ”ڊپارچر ڪارڊن“ جي وري هڙکولي جنهن مان منهنجو ڪارڊ ڳولهي ڪڍيو. ان ڪارڊ ۽ پاسپورٽ تي لڳل Exit جا ٺپا رد ڪري ٻئي واپس ڪيا. ٿائلنڊ واري ريل، ٻين مسافرن سان گڏ، منهنجا دوست پڻ کڻي رواني ٿي ويئي. اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ هڪ هڪ ٿي هليو ويو. پڊانگ بسار ريلوي اسٽيشن جو پليٽ فارم سڄو خالي ٿي ويو. ٽڪيٽ واري کان ملائيشيا ڏي ويندڙ ٽرين جو وقت پڇيم جيئن پينانگ يا واپس ملاڪا هليو وڃان.
”هتان هاڻ سڀاڻي نائين بجي ڌاري ملائيشيا ڏي ويندي.“
”ڀلا هن شهر ۾ رهڻ لاءِ ڪا هوٽل آهي ـــ؟ مون پڇيو.
”سائين ننڍڙو ڳوٺ آهي. هتي ڪير رهڻ چاهيندو.“
”ڀلا ڪا ٻي سواري ــ؟“
”سانجهي نماز کانپوءِ هڪ بس پينانگ وڃڻي آهي.“ هن ٻڌايو.
آئون ٿيلهو ڳچيءَ ۾ وجھي ريلوي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتس. رمضان جو مهينو هو. سج لهڻ تي هو. روزو کولڻ لاءِ هڪ ملئي هوٽل ۾ اچي ويٺس. ٻاهر رستي تي ٿائي ۽ ملئي عورتون ٿائلنڊ کان سمگل ٿي آيل ٿوم، بصر ۽ چانور وڪڻي رهيون هيون. اهي شيون ٿائلنڊ ۾ سستيون ۽ سٺيون آهن پر ملائيشيا ۾ مهانگيون. روزو کولي مسجد ۾ ويس. رستي تي بس اسٽاپ هو. جِتي ويٺل ڪلارڪ ڇوڪريءَ کان بس جو پڇيم.
”هتان اٺين بجي بس ويندي ۽ ان بعد ڏکڻ ڏي آخري بس نائين بجي ويندي. (ظاهر آهي هن ڏکڻ پاسي جي ڳالهه ڪئي جو اتر ڏي ته چند قدمن بعد ٿائلنڊ شروع ٿئي ٿو). پر عيد ويجھي هجڻ ڪري سڀ سيٽون ڀريل آهن. جيڪڏهن ڪو مُسافر نه آيو ته پوءِ توکي ان جي سيٽ ڏيئي سگهنداسين.“
اٺين تائين انتظار ڪيم پر ان بس ۾ ڪا به خالي سيٽ نه نڪتي، مسجد جي ملئي امام چيو ته ان صورت ۾ مسجد ۾ ئي رات گذاريان. جسماني ٿڪ ۽ ذهني مونجھاري ڪري مٿي جو سور پئجي ويو هو. موٽي وري ڳوٺ جي ساڳي هوٽل ۾ چانهه لاءِ آيس. هوٽل جي سامهون، ميدان تي ڪجهه پرائيويٽ ٽئڪسيون بيٺيون هيون جن جا ڊرائيور هوٽل جي ٻاهران دڪين ۽ بينچين تي ٻين ڳوٺاڻن سان خبرون ڪري رهيا هئا. هڪ اڌ ڊرائيور، رکي رکي، ٻين کان نظرون بچائي منهنجي ڀرسان ويهي، بنا ويزا جي ٿائلنڊ وٺي هلڻ جي آڇَ ڪَئي.
”انچق! (سائين) هيترو ڀاڙو ڏيو. توهانکي اهڙن رستن تان بارڊر ٽپائي ٿائلنڊ وٺي هلندس جو ڪنهن کي به خبر نه پوندي. ويزا ته ڇا پر پاسپورٽ جي به ضرورت ناهي.“ ڊرائيور خاطري ڏني.
”ان طرح غير قانوني رستي هرگز وڃڻ نٿو چاهيان.“ مون کين سختيءَ سان چئي کانئن جند ڇڏائي. دل ۾ چيم ته هي ٽئڪسي وارا ڪجهه سڪن ڪارڻ پريشان مسافر کي ڪيڏي غلط راهه ڏسين ٿا. ٿي سگهي ٿو ڪو سندن ڳالهين ۾ اچي وڃي. ان کي ڏوهه جو ڪم نه سمجھي سندن ڏسيل واٽ تي هليو پاڻ کي ڦاسائي، پرديس ۾ پاڻ لاءِ به پريشاني پئدا ڪري ته ملڪ جو به نالو بدنام ڪري. اهڙا ڪيس به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيندا رهن ٿا. ان ۾ ڦاسندڙ به جيڪڏهن امير يا طاقتور ملڪ جو آهي ته ٿاڻي تائين به نالو درج نٿو ٿئي. باقي بنگلاديش، پاڪستان، هندستان جهڙن ملڪن جا نالا ان سلسلي ۾ اخبارن جون سرخيون هونديون آهن. پوءِ بعد ۾ڀلي کڻي اهو ثابت ٿئي ته ملزم جو انهن ملڪن سان تعلق ئي نه هو.
چانهه پي نائين وڳي واري بس لاءِ اچي انتظار ڪيم. خوش قسمتيءَ سان ان ۾ مونکي جاءِ ملي ويئي. پينانگ تائين ايندي ايندي رستي تي جتي ڪٿي هنن جي خفيه پوليس بس جي چيڪنگ ڪئي ٿي. پر ڀر ۾ ويٺل همراهه ٻڌايو ته بارڊر وارن علائقن ۾ اها چيڪنگ ضروري آهي نه ته ڪيترا ماڻهو غير قانوني طرح اسانجي ملڪَ ۾ گهڙي پون ٿا.
رات جو پوري ٻارهين بجي بٽروٿ (پينانگ) پهتاسين. اتان ڪيتريون ئي بسون ڏکڻ ڏي: ڪوالالمپور، ملاڪا، جوهوربارو ــــ ويندي سنگاپور تائين، وڃڻ لاءِ تيار هيون. آڌي رات جو ڪنهن دوست جو گهر کڙڪائڻ يا هوٽل ۾ ڪمرو هٿ ڪرڻ بدران بس ۾ ئي سمهڻ بهتر سمجھيم. هڪ بس جيڪا سنگاپور تائين وڃي رهي هئي، ان جي آفيس ۾ پنجٽيهه رنگٽ (پوڻا ٽي سؤ رپيا) ڀاڙو ڏيئي سنگاپور تائين جي ٽڪيٽ ورتم ۽ باقي موڪلن جا ڏينهنسنگاپور ۾ اچي گذاريم ــــ جتي اسان پاڪستانين کي اڳواٽ ويزا  وٺڻ بنا اچڻ ڏين ٿا.
(نوٽ: پر هاڻي تازي قانونَ موجب (ملائيشيا ۽ سنگاپور) لاءِ به پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ مان اڳواٽ ويزا وٺي اچڻ کپي.)


اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment