برمودا ٻيٽ گهمڻ لاءِ ڪيئن رهندو
الطاف شيخ
برمودا
ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ ڏکيائي پنهنجي جاءِ تي، برمودا سان وابسته جل پرين ۽ جهاز غائب ٿيڻ
جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر موسم ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لاءِ هن ٻيٽ جي ڇا
تعريف ڪجي! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جتي به انگريزن پنهنجو هٿ رکيو اهو ٻيٽ دنيا ۾
اعليٰ ٿي ويو ... . پوءِ اهو چاهي ممبئي هجي، هانگ ڪانگ هجي يا سنگاپور ۽ پينانگ.
مون جهڙا پوڙها جن 1950ع يا 1960ع واري ڏهاڪي تائين به جيڪڏهن ڪراچي جو صدر وارو
علائقو ڏٺو هوندو ته انهن کي برمودا ٻيٽ جو هُڳاءُ محسوس ٿي سگهي ٿو. جتي جتي
انگريز رهيا آهن اتي هنن رهائش جو پنهنجو اسٽائيل رکيو آهي ... . دڪان، هوٽلون،
جيم خانه، ريلوي اسٽيشنون، عمارتن جو آرڪيٽيڪچر ... . ممباسا، زنجبار، ڪولمبو
وغيره مون کي هميشه انگلنڊ جا شهر ۽ انهن جو ماحول ياد ڏياريندا هئا. هاڻ مٿين ٻيٽن
۽ شهرن مان جيتوڻيڪ آهستي آهستي ٿي اها ڳالهه نڪري چڪي آهي پر برمودا ۽ ٻئي نمبر
تي ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو اهڙا ٻيٽ آهن جن مان اڄ به انگريز ڪالونيل ڪلچر جي سڳنڌ اچي ٿي.
