قديم سنڌ جا آثار
منصور نثار
سنڌ هڪ اهڙي به هئي جيڪا تاريخ جي
سيني تي آزاد وطن طور ڪائنات جي وجود تي قائم هئي، اُن سنڌ جا هن وقت صرف آثار ئي پسي
سگهجن ٿا، جتي ديبل، نيرون، اروڙ، برهمڻ آباد وسندا هئا. اسين جڏهن آزاد ۽ موجود سنڌ
تي نظر وجهون ٿا ته فرق صرف هڪڙو ئي نظر اچي ٿو، باقي حملا، تباهڪاريون، اجڙندڙ وسنديون،
درسگاهن کي تالا، روزگار تي ڌاڙا، وسيلن جي ڦرلٽ جو ساڳيو سلسلو جاري و ساري آهي. اهڙي
صورتحال جي ذميوارن کان سڀ بخوبي واقف آهن تنهن ڪري ان تي نظر وجهڻ کان اڳ قديم سنڌ
جي آثارن بابت مختصر تاريخي جائزو ڪجهه هن ريت آهي؛
ڪجهه ڏينهن اڳ (گذريل سال جي آخري
ٽئين هفتي) برهمڻن جي ڀونءِ ۾ وڃڻ ٿيو. جتي ماضيءَ ۾ راجا ڏاهر جو ڀاءُ ڏهرسين حڪمران
هو ۽ کيس اها حڪومت راجا ڏهر ڏئي، پاڻ مڪران طرف روانو ٿي ويو هو.