قديم سنڌ جا آثار
منصور نثار
سنڌ هڪ اهڙي به هئي جيڪا تاريخ جي
سيني تي آزاد وطن طور ڪائنات جي وجود تي قائم هئي، اُن سنڌ جا هن وقت صرف آثار ئي پسي
سگهجن ٿا، جتي ديبل، نيرون، اروڙ، برهمڻ آباد وسندا هئا. اسين جڏهن آزاد ۽ موجود سنڌ
تي نظر وجهون ٿا ته فرق صرف هڪڙو ئي نظر اچي ٿو، باقي حملا، تباهڪاريون، اجڙندڙ وسنديون،
درسگاهن کي تالا، روزگار تي ڌاڙا، وسيلن جي ڦرلٽ جو ساڳيو سلسلو جاري و ساري آهي. اهڙي
صورتحال جي ذميوارن کان سڀ بخوبي واقف آهن تنهن ڪري ان تي نظر وجهڻ کان اڳ قديم سنڌ
جي آثارن بابت مختصر تاريخي جائزو ڪجهه هن ريت آهي؛
ڪجهه ڏينهن اڳ (گذريل سال جي آخري
ٽئين هفتي) برهمڻن جي ڀونءِ ۾ وڃڻ ٿيو. جتي ماضيءَ ۾ راجا ڏاهر جو ڀاءُ ڏهرسين حڪمران
هو ۽ کيس اها حڪومت راجا ڏهر ڏئي، پاڻ مڪران طرف روانو ٿي ويو هو.
تاريخ ۾ چچ گهراڻي کي برهمڻ حڪومت
سڏين ٿا. راجا ڏاهر راجا چچ جو فرزند هو ۽ والد جي ۵۲هه ۶۲۷ع تي لاڏاڻي بعد راجا چندر، سنڌ
جو واڳ ڌڻي بڻيو هو، جنهن سنڌ تي ۸ سال حڪمراني ڪئي ۽ ۶۰هه ۶۸۰ع تي سندس لاڏاڻي بعد راجا ڏاهر، سنڌ جي حڪومت جي گادي تي ويٺو. جنهن ۳۲
سال حڪومت ڪئي. ان وقت، عرب جو بادشاهه حاڪم عبدالملڪ بن
مروان هو ۽ سندس سپهه سالار حجاج بن يوسف ثقفي هو. جنهن جي نياڻي/ ڀائٽيي، محمد بن
قاسم اروڙ ۹۳هه ۷۱۱ع ۾ فتح ڪيو. اٽڪل ۳۴۰ سال، غيرن جي حڪمراني بعد، سومرا گهراڻي ۱۳۵۱ع ۾ وري سنڌ تي خالص سنڌي حڪومت قائم ڪئي هئي.
منصوره کي برهمڻ آباد ۽ دلوره به
سڏيو وڃي ٿو. جنهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو هن جا آثار هن وقت به سانگهڙ ضلعي جي تعلقي ڄام
نواز علي يونين ڪائونسل منصوره آباد ۾ ٽنڊو آدم جهول روڊ تي موجود آهن. جنهن بابت ٻڌايو
وڃي ٿو ته هندو راجائن ۱۳۰ سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. راجا ڏاهر/ چچ گهراڻي جي دور ۾ اهو علائقو برهمڻ آباد
سڏيو ويندو هو. جڏهن ته هڪ روايت موجب ان کي راجا دلوراءِ جي ظلمن سبب تباهه ٿيڻ جو
ڪارڻ ڄاڻائيندي، دلور يا دلوره به سڏيو وڃي ٿو. فتح بعد اتي عربن گادي ٺاهي، ان جو
نالو منصوره نالو رکيو هو. جيتوڻيڪ برهمڻ آباد/ منصوره سانگهڙ ضلعي جي اڀرندي ۸
ميلن جي فاصلي تي ۲۵
ڊگريون ۳ انچ اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ ۶۸ ڊگريون ۴۹ انچ ڊگهائي
ڦاڪ قطر تي وسيع ڀڙن جا پرون پسجن ٿا. جنهن کي ڳوٺاڻا ڀانبرا ۽ دلور به سڏين ٿا. مرزا
قليچ بيگ هن کي ڀانبرا مان ٻانڀاهه ڄاڻايو. بقول ڳوٺاڻن جي ته منصوره نالو، ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ جي تحقيق ذريعي سامهون آيو هو. اهو پڻ چيو ويندو آهي ته اهو شهر بهمن بن اسفند
جو جوڙايل هو ۽ عيسوي سن کان اٽڪل ۵۰۰ ورهيه اڳ، پراڻي سنڌو ندي، هاڪڙي جي ڪنڌي تي آباد ٿيو.
برهمڻ آباد تي ۱۸
ڊسمبر تي جاويد بوزدار (عوامي آواز جي ساٿي) سان گڏ وڃڻ جو
موقعو مليو، جيڪو سندس ڳوٺ آهي. برهمڻ آباد، شهدادپور کان ۸
ميل (۱۳ ڪلو ميٽر) ۽ حيدرآباد کان ۴۳ ميل (۶۹ ڪلو ميٽر)
پري سانگهڙ-ٽنڊو آدم جي اولهندي پاسي واقع آهي. جتي چوطرف دڙا آهن. جيڪي ٺڪرين جهڙا
۽ ٿلهين پراڻين سرن جا ٺهيل آهن. اتي هڪ وڏو ٺل موجود آهي. جنهن بابت علائقي واسين
جو چوڻ آهي ته؛ اهو ٺل ان وقت جي بادشاهه جو محل ٿي سگهي ٿو. ٺل جي ڀرسان ئي، هڪ مقبرو
آهي جنهن کي زهرو پير سڏيو وڃي ٿو. پر ان بابت ٻه رايا موجود آهن؛ هڪ ته ڪي چون ٿا
اها قبر مسلمان جي آهي ته ڪي وري ان کي هندو ڄاڻائين ٿا. مقبري تي سندس نالو موجود
ناهي پر مقبري جي مرمت/ تعمير ڪرائيندڙ هندو آهي. مقبري ڀر سان وڻ ۾ باسُن جا ڌاڳا
۽ جهنڊ ڏنل ڳوٿريون به ٻڌل نظر آيون. مقبري جي پٺئين پاسي هڪ وڏي مسجد نظر آئي جنهن
کي ٻن محرابن واري واحد مسجد سڏيو وڃي ٿو پر محراب جي ماپ مان لڳو ته هڪ محراب ۽ ٻي
جاءِ پاڪ ڪتاب رکڻ جي ٿي سگهي ٿي.
هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته جڏهن
ڳوٺ بخشڻ بوزدار کان برهمڻ آباد اچجي ٿو ته اتي دڳ ۾ هڪ زبون ڪوٽ نظر اچي ٿو جنهن کي
آرڪيالاجي وارن جي ان وقت قائم ڪيل ڪئمپ سڏيو وڃي ٿو جڏهن برهمڻ آباد تي کوٽائي جو
ڪم شروع ٿيو هو. کوٽائي دوران ۲/۳
تهه مليا هئا، جنهن مان هڪ منصوره ۽ ٻيو دلور ۽ ٽيون/ هيٺيون
تهه برهمڻ آباد جو ٻڌايو وڃي ٿو. آثارن کي ڳوٺاڻا ”ڀڙو“ سڏين، جتان کوٽائي دوران ۴
مورتيون مليون هيون. جن جي سڃاڻپ باضابطه طور ناهي ٿي سگهي.
پر انهن مان ٻه مورتيون ڪراچي ۽ ٻه مورتيون اسلام آباد ميوزيم ۾ رکيل آهن. جڏھن ته
۴ مورتيون،
وڏن درن جي وڏن ڪڙن جي شڪل جهڙيون به ملي چڪيون آهن. دي برٽش لائبريري، فوٽوگرافر هينري
جي تصويرن، جن تي سال ۱۸۹۶ ڄاڻايل آهي، انهن مطابق برهمڻ آباد مان برهمڻ جو سِرُ (مورتي) مليو هو. سڪا،
ٿانو، موتي ۽ ٻيون قديم شيون ملي چڪيون آهن ۽ هاڻ به جڏهن مينهن وسي ٿو ته وڏي انگ
۾ ماڻهو آثارن جو رخ ڪن ٿا. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اتي وڏو خزانو پوريل آهي پر
ان تي ديون جو اثر هجڻ ڪري ڪير ڪڍي نٿو سگهي. ان حوالي استاد علي محمد لاکي جو چوڻ
هو ته هن ماضي ۾ ”ڀڙي“ مان وڏيون روشنيون اُٿندي ڏٺيون هيون، جيڪي ڪنهن ٽارچ وانگر
آسمان کي ڇهي رهيون هيون ۽ اهو سلسلو راتين جون راتيون ڳچ عرصو جاري رهيو. ”ڀڙو“ لفظ
دڙن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. انهن ڀڙن تي مسجد ڀرسان هڪ مندر به مليو هو، جيڪو هن وقت
پنهنجا نشان مٽائي چڪو آهي، ڇو ته خزاني جي لالچ رکندڙ ماڻهو آثارن کي وڏو نقصان پهچائي
رهيا آهن.
آثارن جو جائزو وٺڻ بعد اسان جڏهن
سنڌو جي اڳوڻي لنگهه / نديءَ/ هاڪڙي تي پهتاسين ته اتي پرديسي پکي پڻ نظر آيا ۽ ماضيءَ
۾ اتي اهڙن پکين جا وَلَر هوندا هئا پر شڪار ۽ ڏڪار جي ڪري پکين پنهنجي اڏام جو رُخ
تبديل ڪري ڇڏيو. هاڪڙي کانپوءِ اسان واپس ڳوٺ بخشڻ بوزدار وڃڻ لاءِ ڳوٺ ڇٽل سهتو وارو
دڳ ورتو، جتي وري موجوده سنڌ جي تباهي جا آثار نظر آيا. ڳوٺ جو اسڪول سپروائيزر جي
حڪم تي اسڪول سامهون واري بنگلي ۾ هلي رهيو هو، جڏهن بنگلي کي ڏٺو ته بنگلي جون ڀتيون
اسڪول واري ڇت کان به چَٽ هيون. بنگلي تي پهتاسين ته اتي به ڪو اهڙو عمل نظر نه آيو
سواءِ لوهي ننڍڙي در تي اهو لکيل هجڻ جي ته ”هتي اسڪول هلي رهيو آهي“. اتي موجود ڳوٺاڻن
ٻڌايو ته اسڪول هلندو آهي. اڄ به هليو آهي پر بنگلي ۾ ڏٺو ته اتي ڪچي زمين تي پيرن
جا نشان صرف هڪ ماڻهو جا هئا، تنهن ڪري وري ڳوٺ ۾ چدي راند کيڏندڙ ٻارن کان معلوم ڪيو
ته هنن سچ ٻڌايو ته هتي اسڪول ناهي هلندو. ٻنهي ڳوٺن ۾ تقريبن ۱۰
استاد هئا، رات جو مچ ڪچهري تي ڳوٺاڻن جا تجزيا سپر ۽ تز
هئا، موجوده سياسي صورتحال هجي يا عالمي صورتحال، هو ماضي ۽ حال جو احوال ڏئي مستقبل
جون اڳڪٿيون ڪري رهيا هئا، يعني اهي ڳوٺاڻا بي شعور نه هئا پر حقن کان ان ڪري محروم
هئا، جو وڏيرن جا راڄ ڀاڳ هئا. ڳوٺاڻن جو گذر سفر مال متاع، زراعت ۾ ڪيلا، انب، بصر،
ووئنڻ، ڀاڄيون، ڪمند ۽ ٻيا فصل پوکيا وڃن ٿا. اسان به ٻه ڏينهن ٻه راتيون ڳوٺ بخشڻ
بوزدار ۾ گذاري ديسي کاڌا مکڻ جا چاڻا، ڏڌ، ڳُڙَ واري بُسري، بيضا کائي واپس (سهتا
رستِي) تي پهتاسين، ان کان اڳ چاچي ليمي بوزدار جيڪا خدمت ڪئي سا ته ڪڏهن نه وسرندي،
سهتا رستِي سانگهڙ – ٽنڊو آدم روڊ تي لڳي ٿو ۽ دڳ ۾ اچڻ وقت دل ۾ صرف اهو ئي چئي رهيا
هئاسين ته خيرن سان هي تباهه ٿيل روڊ پار ڪري ڄاڻايل اسٽاپ تي پهچون. برهمڻ آباد گهمڻ
بعد اهو ڏٺو ته آزاد سنڌ جا آثار ۽ موجوده سنڌ جا آثار هڪ جهڙا آهن، ٻنهي جي تباهي
ٿي رهي آهي، بس پاڻ تباهه ٿيل ۽ تباهه ٿيندڙ سنڌ جا منظر پسندي واپس ڪراچي پهچي وياسين.
هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته برهمڻ، دلور يا منصوره جي تباهي بابت مختلف قسمن جون ڳالهيون
ٿينديون رهنديون آهن، جن منجهان هڪ ڪارڻ اهو به ڄاڻايو ويندو آهي ته ان وقت وڏو زلزلو
آيو هو، يا سنڌوءَ ڦيرو کاڌو هو، جنهن بابت تحقيق سان گڏ ان ڳالهه جي به ضرورت آهي
ته آثارن جي حفاظت ڪئي وڃي، اهي اسان جي آزاد سنڌ جا آثار آهن ۽ موجوده سنڌ جي مالڪي
ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ موجوده سنڌ جا آثار وري اسان جو ايندڙ نسل ڏسندو.
No comments:
Post a Comment