Monday, December 14, 2015

لو گنگا مان! تمهين اپنا پِتا ديتا هون الطاف شيخ

لو گنگا مان! تمهين اپنا پِتا ديتا هون
الطاف شيخ
ورانسي يعني بنارس شهر ۾ پهريان ٻه ڏينهن کن هوٽل ورونا (Varuna) ۾ رهيس. ورونا هن شهر مان وهندڙ ندي جو نالو آهي جيئن لنڊن شهر مان ٿيمس ندي وهي ٿي ۽ ملاڪا شهر مان ملاڪا ندي..... يا کڻي چئجي ته بنارس جي ورونا ندي ائين آهي جيئن لاڙڪاڻي ضلعي جي باڊهه شهر مان رائيس ڪئنال وهي ٿو جنهن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي پر ٿورو پرتي وهندڙ سنڌو نديءَ جي ڳالهه ئي ٻي آهي. سو هِتي ورانسي ۾ ورونا ندي ڄڻ رائيس ڪئنال آهي. اهم شيءِ گنگا ندي آهي جنهن جي ڪناري تي هي شهر بنارس ويدن جي ڏينهن کان آباد آهي. گنگا ندي هندستان جي ڊگھي ۾ ڊگهي ۽ پوتر ندي آهي. هندن جي ڌرمي ڪِتابن ويدن مان پهرين ڪِتاب رگ ويد ۾ فقط سنڌو ۽ سراسوتي جو ذڪر اهم ڀلارين ندين طور آيل آهي ۽ ان ۾ گنگا جو نالو بلڪل ناهي... هيءَ ڳالهه آئون سنڌو جو رهاڪو ٿي ڪري پنهنجي طرفان ٺاهي نه پيو ڪريان پر هِتي جي ڪيترن ئي پنڊتن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن ٻڌائي... گنگا ندي جو ذڪر ان بعد وارن ويدن... يجر ويد، سما ويد ۽ اٿر ويد ۾ ضرور آهي... بلڪه چون ٿا ته تمام گهڻو آهي.


بهرحال مون هوٽل ورونا جي ڳالهه ٿي ڪئي ته اها ورانسي جنڪشن ريلوي اسٽيشن کان ميل کن جي پنڌ تي آهي. ڀرسان ئي فرلانگ ٻن جي پنڌ تي ڀارت ماتا مندر آهي. هن شهر ۾ ايندڙ ماڻهن جو جيئن ته اهم مقصد گنگا ندي ۾ وهنجي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ آهي ۽ ويندي غير هندو به جن جو ان عقيدي سان ڪو واسطو ناهي اهي به گنگا ندي جي ڪناري تي ٺهيل اشنان گهاٽن جي ويجھو رهڻ پسند ڪن ٿا جيئن گهڻي کان گهڻي رونق ڏسي سگهن ڇو جو سڄو ميلو گنگا ندي جي ڪناري تي متل رهي ٿو. هونءَ مون کي هن شهر جي اشنان گهاٽن کان علاوه هِتي جا تعليمي ادارا، اسپتالون، مندر ۽ مسجدون پڻ ڏسڻ ۾ دلچسپي هئي.
بهرحال اسان واري هوٽل ورونا جيڪا گنگا ندي جي ڪناري تي ٺهيل گهاٽن مان هڪ مشهور گهاٽ مانيڪرنيڪا کان ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي ۽ آٽو واري 20 رپيا ٿي ورتا هِتي جي ٿري اسٽار هوٽل سڏي وڃي ٿي جنهن جي مسواڙ هڪ هزار رپيا هڪ ڏينهن جا آهن پر انهن ڏينهن ۾ بنارس جون مڙيئي هوٽلون ڊسڪائونٽ ڏئي رهيون هيون ان ڪري هن هوٽل وارن به مونکان فقط 750 رپيا ٿي ورتا جيڪي اسان جي ڪرنسي ۾ به ايترائي هجڻ کپن پر گذريل ست اٺ سالن کان اسان جي رپئي جي ساکَ ڪرڻ ڪري انهن ڏينهن ۾ انڊين رپيو اسانجي ڏيڍ رپئي برابر هجڻ ڪري منهنجو سمجھو ته يارنهن سؤ رپيا خرچ ٿيو ٿي... پر هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته هوٽل کڻي ٿري اسٽال سڏي وئي ٿي پر ڇا ته صاف سٿري ۽ هر سهولت سان ڀرپور هئي. آئون نٿو سمجھان ته حيدرآباد جي ڪا وڏي هوٽل به ان جو مقابلو ڪري سگهندي. آئون 1980ع ۾ حيدرآباد جي فاران هوٽل ۾ رهيو هوس انهن ڏينهن ۾ ان هوٽل جي مسواڙ 300 روپيا هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ ملائيشيا جي شهر ملاڪا جي هوٽل ”ملاڪا اسٽرئٽ“ ۾ اچي رهيس جنهن جي مسواڙ اڌ جيتري مس هئي ۽ مونکي مسواڙ ئي ڏيڻي پئي... نه ڪو ٽئڪس نه ڪا ٽِپ. اهوئي حال هِتي جي هوٽلن جو آهي. ڪيتريون ئي هوٽلون ان کان به سستيون آهن جن ۾ پڻ بنيادي سموريون سهولتون موجود آهن... ۽ جيئن ته هِتي يا ملائيشيا ۽ ايران ۾ جِتي امن امان جي حالت بهتر آهي ۽ موسم به سٺي آهي اتي آئون ٽوئرسٽن کي اها ئي صلاح ڏيندس ته اڃان به سستي هوٽل ۾ رهن جيئن يورپي سياح ڪَن ٿا .... آخرڪار سياري جي موسم ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ هوٽل جي ڪهڙي ضرورت آهي جڏهن ڪمري ۾ پنکو به آهي ته دريءَ مان به هوا پئي اچي. ٻن ڏينهن بعد منهنجو گوتم هوٽل ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جي مسواڙ اڃا به گهٽ 800 رپيا هئي ۽ ڊسڪائونٽ موجب مونکي هڪ رات جا يعني 24 ڪلاڪن جا 650 رپيا ڏيڻا پيا ٿي. منهنجي ميزبان موجب هنن مونکي گنگا ندي جي اڃان به ويجھو رکڻ ٿي چاهيو جيڪا اتان ميل سوا جي فاصلي تي هئي. ۽ هن هوٽل جي ڀرسان ورانسي ڪئنٽ ريلوي اسٽيشن ميل کن جي پنڌَ تي هئي ۽ بس اسٽاپ ته اتي ئي هو جِتان لکنئو، ڪانپور، فتح پور، الهه آباد ۽ ٻين شهرن ڏي بسون ويون ٿي.
بهرحال جيئن ايران جي مشهد شهر ۾ هر ڪو امام رضا جي روضي جي ويجھو واري هوٽل کي ترجيح ڏئي ٿو تيئن هِتي بنارس (ورانسي) ۾ هر هڪ گنگا ندي جي ويجھو رهڻ چاهي ٿو جنهن کي هِتي جا ماڻهو عزت ۽ پيار مان ‘گنگا ماتا’ سڏين ٿا. ‘گوتم هوٽل’ جي رسيپشن تي ويٺل گجراتي ڇوڪريءَ سان خبر چار ڪندي پڇيومانس ڪو پسنديده شعر يا گانو ٻڌاءِ ته يڪدم گنگا ماتا تي نظم ائين ٻڌائين جيئن اسان وٽ ٻار ”پئسو لڌم پٽ تان.....“ يا ”جو کير پيئي سو ويرُ ٿئي...“ زباني پڙهي ويندا آهن. هن جو گنگا جي عقيدت ۾ ٻڌايل نظم هن ريت هو:
The River Ganga
O my Holy deity
O my Ganga Mata
You rise from the Himalayas
The Gangotri Glacier
And drains one fourth of
India’s territory
You are flowing through
The most fertile and
Densely populated regions
Your basin support
Hundreds of millions of people
The Gangetic plain
Cradle of successive civilization
You are traveling
Two thousand five hundred ten km
And empty yourself
In to the Bay of Bengal
O my deity, save me, save me.
گنگا ندي هندستان جي ڊگهي ۾ ڊگهي اٽڪل 1570 ميل (2530 ڪلوميٽر) آهي. هيءَ ندي اترکنڊ (Uttarakhand) رياست جي هماليا جبلن مان شروع ٿئي ٿي. هيءَ ندي ان هنڌ ڪيلاش پربت جي مانسرور ڍنڍ جي مور منهن (Peacock) مان نڪري ٿي. هندو ڌرم جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته ڪيلاش پربت تي شِو مهاديو رهي ٿو ۽ گنگا ان جي چتائن (وارن) مان وهي اچي هيٺ پهچي ٿي. هن کي آسمان جي ندي به چئجي ٿو. هن نديءَ جو جِتان جِتان به وهڪرو ٿئي ٿو اتي ڪيترا اشنان گهاٽ جوڙيا ويا آهن جِتي لکن جي تعداد ۾ هندو اچي شنان ڪري پنهنجا پاپ ڌوئين ٿا. آئون هريدئار (Haridwar) ۽ الهه آباد به ويو آهيان پر منهنجي خيال ۾ هن شهر ورانسي (بنارس) ۾ سڀ کان گهڻا اشنان گهاٽ  آهن.
هِتي اهو به لکندو هلان ته شِو ديوتا يا شِو مهاديو جنهن جي مندر جو هِتي بنارس ۾ يا هندن جي ٻين ڌرمي شهرن ۾ نالو ٻڌجي ٿو ...جيئن مغل شهنشاهه به بنارس ۾ ٺهرايل ٻن مندرن مان هڪ شِو ديوتا کي منسوب ڪيو، اهو ديوتا هندن جو، خاص ڪري کشترين جو ديوتا چيو وڃي ٿو. شو ديوتا لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته اهو بنيادي طور تي غير آريائي خدا آهي. جنهن جي اڻ آريا پوڄا ڪندا هئا. هندن جي عقيدت موجب ٽن ُمک ديوتائن مان (جيڪي ٽمورتي يا ٽريمورتي به سڏجن ٿا) شِو مهاديو هڪ آهي... اهي ٽي ديوتا هن ريت آهن:
1.     برهما ـــ  تخليق ڪندڙ،
2.     شِو ـــ  تباهه ڪندڙ، ۽
3.     وشنو ـــ  حفاظت ڪندڙ.
واديءَ سنڌ جي قديم آثارن مان شِو جي علامت ڍڳو پڻ ڏيکاريل آهي. هندستان ۾ شِو جي پوڄا لڳ ڀڳ ٽي سؤ سال قبل مسيح ۾ ملي ٿي. سندس اڪيلي طور پوڄا جو رواج تمام گهٽ هو. عام طور ان جي عبادت لنگ يا لنگم جي صورت ۾ ۽ ان جي زالَ جي پوڄا يوني جي صورت ۾ ٿيندي هئي. يوني عورتاڻي توانائي جي علامت آهي. شِو جي مٿي تي نانگ ۽ ڳچيءَ ۾ کوپڙين جي هارَ جي موجودگي سندس تشدد واري صفت کي ظاهر ڪن ٿا. شِو جي خاصيتن ۾ گهڻو شراب پيئڻ ۽ پنهنجي زال پاروتي ديويءَ سان گڏ نچڻ پڻ شامل آهي. شِو ديوتا جا ڪيترائي نالا آهن جيئن ته مهاديو، مهيشور، ايشور، شنڪر، شمڀو، مهاڪال وغيره. شِو جو رنگ اڇو ۽ ڳچي نيري يا ڪاري ڏيکاريل هوندي آهي. هن جون پنج مُنڍيون، چار ٻانهون ۽ ٽي اکيون آهن. سندس ٽين اک نرڙ تي آهي. شِو جو ٺڪاڻو هماليائي سلسلو ڪيلاش پربت آهي. هندو روايتن مطابق اتي گنگا ندي آسمان مان لٿي هئي. شِو ديوتا جو مقام اوچو ۽ پالڻهار وارو چيو وڃي ٿو. هو گنگا هٿان ايندڙ تباهيءَ کي روڪڻ سان گڏ انسان جي اَنَ اُپاج لاءِ آسانيون پيدا ڪري ٿو.
گنگا انڊيا جي اتراهين رياست اترکنڊ کان شروع ٿئي ٿي ته پوءِ هيٺ ٿورو ڏکڻ ڏي وهي ان بعد اتر طرف انڊيا واري بنگال رياست مان ٿيندي بنگلاديش هلي وڃي ٿي جِتي اها چٽگانگ ۽ چالنا وٽ خليج بنگال واري سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪري. منهنجي خيالَ ۾ دنيا جي ٻي ڪا اهڙي ندي ناهي جنهن جي اردگرد ايترا ماڻهو رهندا هجن.... اٽڪل 400 ملين ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن جي گپاگيهه يعني Density ڏٺي وڃي ته هڪ چورس ميل تي 1000 ماڻهو ٿين ٿا يا کڻي چئجي ته هڪ چورس ڪلوميٽر تي 400 ماڻهو ٿيا.
سڄي هندستان ۾ ڪيتريون ئي نديون آهن پر هندن لاءِ گنگا ندي بيحد پاڪ ۽ مقدس ندي آهي جيڪا هن جي ڪناري تي رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ Life Line (جياپي جي تند) آهي.... جيڪا هنن جون روزمره جون گهُرجون ... پيئڻ ۽ وهنجڻ کان رڌ پچاءَ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ تائين پوريون ڪري ٿي. توهان گنگا جي ڪناري تي وڃي بيهندائو ته ڪو ان ۾ شنان ڪري پنهنجا پاپ پيو ڌوئندو ته ڪو ٻڪ ۾ پاڻي کڻي ان کي واپس نديءَ ۾ ناري پنهنجي وڏن ۽ ديوتائن کي مانُ ۽ پنهنجي تابعداري جو اظهار پيو ڪندو.... ڪو نديءَ کي گل ۽ پتيون پيو پيش ڪندو ته ڪو ٺڪر جي ننڍڙين ڪٽورين ۾ تيل جي ڪپهه ۾ ٻوڙيل وٽ کي ٻاري درياهه حوالي پيو ڪندو ۽ گنگا جي ديدار بعد پنهنجي گهر وارن لاءِ گنگا جي پاڻي (گنگا جل) سان بوتلون يا دٻا پيو ڀريندو ۽ جڏهن ڪو ڪنهن جو پيارو وفات ڪري ٿو ته هن کي ساڙڻ بعد هن جي رَک/خاڪ (Ashes) کي پڻ گنگا حوالي اچيو ڪري.
ياد رهي ته هندو مري ويل جي لاش کي زمين ۾ دفن ڪرڻ بدران هن کي ساڙين ٿا ۽ پوءِ ان جي خاڪ کي گنگا ندي جي پاڻي حوالي ڪن ٿا..... بنارس ۾ رهائش دوران ڪنهن کان ان بابت واهه جو هندي شعر ٻڌم.....

پہلے آگ اب پانی کے چِتا دیتا ہوں
لو گنگا ماں! تمہیں اپنا پِتا دیتا ہوں

مجھے کیا معلوم  بندہ کیا کرے
یہ لیں دیں کا دھندہ کیا کرے
میں کیا جانوں وید پران کی باتیں
ہر اور سی ناقص بندہ کیا کرے
جو رسم ہے تیری وہ نبھا دیتا ہوں
لو گنگا ماں! تمہیں اپنا پِتا دیتا ہوں

اپنی بَہو کا بابل تھا
میری کاں کا سہاگ تھا
دن رات جو جلتا ہی رہتا
ہمارے لیئے وہ چراغ تھا
تیرے پانی میں اب بجھا دیتا ہوں
لو گنگا ماں تمہیں اپنا پتا دیتا ہوں..... وغيره
جواهر لعل نعرو جهڙو ماڻهو جيڪو Iconoclast سڏبو هو يعني هن کي روايتن، رسم رواجن..... خاص ڪري مذهبي عقيدت ۾ ڪو گهڻو ڀروسو يا لڳاءُ نه هو ان به گنگا کي عزت ۽ ڏهڪاءَ سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ٿي تڏهن ته هن پنهنجي چتا جي ڪجهه رک گنگا حوالي ڪرڻ چاهي ٿي. هن پنهنجي وصيت ۾ لکيو هو ته:
The Ganga, is the river of India, beloved of her people, round which are intertwined her racial memories, her hopes and fears, her songs of triumph, her victories and her defeats. She has been a symbol of India’s age-long culture and civilization, ever-changing, ever-flowing, and yet ever the same Ganga...”.


No comments:

Post a Comment