Tuesday, December 01, 2015

منهنجي بنارس ڏي روانگي - ۲ الطاف شيخ

منهنجي بنارس ڏي روانگي - ۲
الطاف شيخ
هندستان جي شهر بنارس جو نالو اسان ننڍي هوندي کان ٻڌو. جيئن اسان مسلمان مڪي ۽ مديني وڃڻ لاءِ سڪندا رهون ٿا ۽ حج ڪرڻ بعد حاجي سڏايون ٿا، يا ايران جي شهر قم ۽ مشهد مان ٿي پاڻ کي زوار سڏائيندي فخر محسوس ڪريون ٿا تيئن ننڍي لاڪون اسانجي ڳوٺ جي هندو ٻارن ۽ وڏن کان هندستان جي شهر بنارس، هردوار ۽ مٿرا جهڙن شهرن جا نالا ٻڌبا هئا جن جي زيارت ڪرڻ هرهندوءَ جي زندگيءَ جو مقصد رهيو آهي. بنارس جو نالو ته اسان جهڙن جي ڌيان تي هڪ انڊين فلم جي گاني ڪري به رهيو آهي جيڪو شايد اميتاڀ بچن ڳايو آهي.
کھا کے پان بنارس والا
کھل جائے بند عقل کا تالا
۽ هاڻ دهلي جي هڪ هوٽل ۾ هفتو کن گذارڻ بعد منهنجي دل ۾ بنارس وڃڻ جو اردو ٿيو. ويزا ته مون وٽ هئي ان ڪري هي موقعو وڃائڻ نٿي چاهيم. دهلي هيڏو وڏو شهر آهي ته به جنهن کان کڻي پڇ ته هن کي بنارس وڃڻ جي تمنا محسوس ٿئي ٿي. ظاهر  آهي بنارس هندو مت جي ماڻهن لاءِ هڪ پوتر شهر آهي جِتان وهندڙ گنگا ۾ ٽٻي هڻڻ سان هن جا سمورا پاپَ ڌوپجيو وڃن. هندو عقيدي موجب جنهن جو بنارس ۾ ديهانت ٿئي ٿو اهو سڌو سرگ ۾ وڃي ٿو. بنارس اسان  جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ به دلپسند شهر آهي جِتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر اچن ٿا. آڳاٽا مندر ۽ مسجدون، ميلا ملاکڙا،  مختلف قسمن جي کاڌن ۽ انهن مان نڪرندڙ نرالين خوشبوئن واريون ريسٽورنٽون آهن. هڪ اندازي مطابق بنارس ۾ روزانو 60 هزار کن ماڻهو اچن ٿا جن ۾ ڏهه سيڪڙو کان مٿي اسان جهڙا غير هندو ٽوئرسٽ به آهن.


مون دهلي ۾ پنهنجي ميزبان فئملي ۽ ٻين اوڙي پاڙي جي ماڻهن کان بنارس وڃڻ جي صلاح ورتي ته هنن منهنجي ڏاڍي همتافزائي ڪئي ته مون جهڙي سفرناما لکندڙ کي بنارس ضرور ڏسڻ کپي. گنگا جي ڪناري تي مختلف گهاٽ ۽ اتي سنان ڪندڙ انيڪ ماڻهو، ۽ صبح جو سج اڀرڻ مهل آرتي جو نظارو ۽ چوڌاري مندر ڏسڻ وٽان آهن.
”آئون سمجھي ويس ته هردوار وانگر بنارس به آهي. ڪجهه سال اڳ مون هڪسڄو ڏينهن هردوار ۾ گذاريو هو.“ مون چيومان.
”بلڪل صحيح ٿا چئو“ مونکي دهلي وارن چيو، “پر بنارس هردوار کان به وڌيڪَ اٿانو.“
مون ان ڏينهن دهلي جي هڪ هوٽل ۾، بنارس گهمي آيل يورپي ٽوئرسٽن کان به پڇيو. ”سو، سو!“ هنن وراڻيو، ”بنارس ڏسڻ کپي. اسان فوٽو به ڪڍيا آهن جن ۾ بنارس جا نظارا بيحد لڀائيندڙ آهن پر روزانو هيڏي عوام جي اچڻ ڪري نه فقط ماڻهن جي پيهه پيهان آهي پر جِتي ڪٿي مُٽن جي ڌپ ۽ گهٽين ۾ ڍڳين جا ڇيڻا ۽ ماڻهن جي ڪرفتي نظر اچي ٿي.“
هڪ خيال کان هنن ڪوڙ نٿي ڳالهايو. فلمن ۽ فوٽن ۾ واقعي انڊيا رنگين ۽ سهڻو نظر اچي ٿو پر گهڻي آدم شماري ۽ Sanitary جو نه برابر بندوبست هجڻ ڪري جِتي ڪٿي گندگي ۽ پيشاب سڙانڊ نڪ جي ناسن جي ستيا ناس ٿي ڪري. پر ان هوندي به هڪ ڳالهه قابلِ داد آهي ته انڊيا جي حڪومت اهڙين ڳالهين تي تمام تيزيءَ سان سڌارو آڻي رهي آهي. ڪيترن ئي اهم رستن، بس اسٽاپن ۽ پارڪن ۾ Toilet کلندا وڃن. اهي هنڌ جتي سالن کان گند جا ڍيرَ گڏ ٿيندا رهيا ٿي، هر شهر جي ميونسپالٽي انهن جي صفائي ڪرائڻ ۾ رڌل نظر اڇي ٿي ... ۽ شهر جي انتظاميا نه فقط انهن هنڌن تي پارڪ ٺاهرائي رهي آهي پر انهن کي maintain به رکندي اَچي جيئن ٽوئرسٽن تي سٺو اميگ پوي.
يورپي ٽوئرسٽن بنارس شهر ۾ بس جي سفر جي به شڪايت ڪئي. هو پنهنجي مغربي معيار کان صحيح هئا جِتي جون بسون بيحد اعليٰ قسم جون آهن. هندستان ۾ اڃا اهو معيار نه آيو آهي پر حق جي ڳالهه ڪبي ته هو اسان کان گهڻو گهڻو اڳتي آهن..... گهٽ ۾ گهٽ هر هنڌ مقرر وقت ۽ مقرر بس اسٽاپ تي بس اچي بيهي ٿي ۽ سواءِ رش اَور جي باقي ٽائيمن تي توهان کي وهڻ جي سيٽَ به مليو وڃي ۽ جِتي توهان کي لهڻو آهي اتي صحيح اسٽاپ تي بس فُٽ پاٿ سان لڳي بيهي ٿي ۽ اسان کان وڌيڪَ پوڙها به هتي جي بس ۾ آرام سان سفر ڪري سگهن ٿا ۽ ساڳي وقت ڇا ته معمولي ٽڪيٽ آهي. اسان وٽ جيتوڻيڪ نه رڳو بسون جن جي ته ڇتين تي به ماڻهو وهن  ٿا پر ساڳي وقت اسانجي PIA جي به هر فلائيٽ مسافرن سان ٽٻ رواني ٿئي ٿي... ان هوندي به هر هڪ نقصان ۾ آهي ۽ اسانجو بسون توڙي هوائي جهاز ڊٺل مقام لڳن ٿا.
ڏينهون ڏينهن اسان جي بسين، ريل گاڏين ۽ هوائي جهازن جي ستيا ناس ٿيندي وڃي ۽ سچ ٻڌايو ته اسان جي وڏي شهر ڪراچي جي بسن ۾ ڪو فارينر ويهي سگهندو؟ ۽ اهي جن دنيا ڏٺي آهي، انهن، دنيا جي ڪنهن شهر ۾ ڪراچي جهڙيون ڀڳل ۽ خطرناڪ بسيون ۽ انهن ۾ جنهن خطرناڪ طريقي سان مجبور مسافر سفر ڪن ٿا اهڙو عالم ڪنهن هنڌ ڏٺو هوندو؟ آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ به ائين ناهي. آفريڪا جا ڪينيا، گهانا، نائيجيريا، سينيگال جهڙا ملڪ ته يورپ جو مقابلو ٿا ڪن، پر گني بسائو، گئمبيا ۽ گبان جهڙن آفريڪن ملڪن ۾ اڄ کان 40 سال اڳ به اهڙو حال نه هو. مون ان وقت جي سفرنامن ۾ اتي جي کٽارو بسين جو ذڪر ضرور ڪيو آهي پر ان وقت به اتي جي بسين جو اهو حال نه هو جيڪو اڄ ڪراچي جهڙي بين الاقوامي شهر ۾ بسين جو آهي .... جن جي ويندي ڇتين تي بيوس مسافرن کي وهاريو وڃي ٿو. هنن کي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته ڀولڙن وانگر هنن بسين جي ڇتين تي چڙهي وڃن ۽ اهي بسون بس اسٽاپن تي فل اسٽاپ ۾ بيهڻ بدران وچ روڊ تي ٿوري دير Slow ۾ هلي مسافرن کي ٽپ ڏيئي لهڻ جو موقعو ڏيڻ کي ڄڻ  ته هنن تي ٿورو ٿيون سمجهن.
انڊيا جي ماڻهن کي شڪايت آهي ته هنن جون ٽرينون وقت جي پابندي نٿيون ڪن. اسان جو ماڻهو اها ڳالهه ٻڌي سوچيندو هوندو ته اتي جون ريل گاڏيون به اسان وانگر ڏهه ڏهه پنڌرهن ڪلاڪَ دير سان پهچن ٿيون.... پر نه انديا ۾ مسافرن کي کڻڻ لاهڻ لاءِ روزانو انيڪ ٽرينون هلن ٿيون ۽ اهي واقعي ڪڏهن ڪڏهن مقرر وقت کان دير سان اچن ٿيون... پر فقط پنج ڇهه منٽ!... اسان وانگر نه ته اهي سڄو ڏينهن غائب رهن ٿيون!
”پوءِ ڀلا بنارس ڪيئن وڃان؟“ مون پنهنجي دهلي جي واقفڪارن کان پڇيو.
”سائين جيئن توهان کي بهتر لڳي. چوويهه ئي ڪلاڪ ريل گاڏيون ۽ بسون هلنديون رهن ٿيون. چاهيو ته اڪيلي ٽئڪسي يا حصي پتي واري ٽئڪسي ۾ به وڃي سگهو ٿا.“
هنن بلڪل صحيح چيو. انڊيا جي هونءَ به هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ لاءِ هر وقت هر قسم جي سواري موجود آهي... سروس به سٺي آهي... ڀاڙو به ڪو خاص ناهي... امن امان جي به ڪافي حد تائين بهتر حالت آهي.... تڏهن ته دنيا جي امير توڙي غريب ملڪن جا ٽوئرسٽ انڊيا جي شهرن ۾ ڏينهن رات پيا هلن... ننڍن ننڍن ڳوٺن جي بس اسٽاپن جي هوٽلن تي به ٻوڙن ۽ چانهين جا هنڊا چڙهيا پيا آهن ...۽ اهي سڄي سڄي رات کليون پيون آهن. ڌاريان ٽوئرسٽ مرد توڙي عورتون، حجابن ۽ روءِ سرين ۾ عرب عورتون توڙي ايراني ڇوڪريون..... يا اسڪرٽن ۾ يورپي مهلائون دهلي توڙي بڙودا جهڙن شهرن ۾ ٽهڪ ڏيندي نظر اچن ٿيون.... سي به هڪ ٻه نه پر سون جي انگ ۾.... ۽ اسان وٽ موهن جو دڙو کي ڏسڻ لاءِ به ڪو ورلي نظر اچي ٿو... بقول اتي جي هڪ سرڪاري ڪلارڪ جي ”سائين هجي حفاظت ۽ سلامتي ته ڪو اچي... نه نر کي ٿو ڇڏيو وڃي نه ناريءَ کي....“
باءِ روڊ دهليءَ کان بنارس 816 ڪلوميٽر آهي. هِتي جون بسون يارهن ڪلاڪ کن وٺن ٿيون باقي ٽرينن جي مختلف رفتار ۽ مختلف اسٽيشنن تي بيهڻ ڪري مختلف ٽائيم لڳي ٿو. مثال طور رات وارين گاڏين ۾ هڪ نيو دهلي کان روانو شامَ جو ساڍي ڇهين بجي ڇٽي ٿي ته ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍي ستين بجي بنارس پهچي ٿي. هڪ ٻي ريل گاڏي جنهن ۾ وڃڻ لاءِ مونکي چيو ويو اها شامَ جو نائين بجي ڌاري نيو دهلي مان نڪتي ۽ ورانسي (بنارس) جنڪشن تي صبح جو نائين بجي اچي ڇڏيو. انهن کان علاوه نيو دهليءَ کان راڄ ڌاني ايڪسپريس، شِوِ گنگا ۽ ٻيون ٽرينون پڻ بنارس روانيون ٿين ٿيون. فرسٽ ڪلاس جو ڀاڙو گهڻو آهي يعني 2400 انڊين رپيا جيڪي ڏهاڪو سال اڳ تائين ته اسان جي ئي رپين برابر هئا پر هاڻ انڊيا جو رپيو اسان جي ٻن رپين برابر وڃي ٿيو آهي. باقي هيٺين ڪلاس جو ڀاڙو گهٽ آهي ٻنTiers يعني هڪ ٻئي مٿان ٻن ٻن سيٽن واري دٻي جو ڀاڙو 1300 رپيا آهن ۽ ٽن Tiers (سيٽن/بسترن) واري دٻي جو 900 رپيا آهي. ياد رهي ته رات وارين گاڏين ۾ هر مسافر کي سڄي سيٽ بلاڪيٽ ۽ وهاڻي سميت ڏني وڃي ٿي جيئن هو ڊگهو ٿي سمهي رهي.
دهليءَ کان بنارس ويندي ڪيترائي مشهور شهر اچن ٿا جن جا نالا ننڍي هوندي کان ٻڌندا اچون ۽ اهڙن شهرن جا نالا ٻڌي دل اڇلون ٿي کاڌيون ته انهن تي لهي اهي به ڏسجن جيڪي تمام گهڻي تاريخي نوعيت پڻ رکن ٿا. ان وقت هر شهر جي نالي ٻڌڻ وقت ان شهر سان وابسته ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد اچي ٿي ويون.... اهڙن ڪجهه شهرن جا نالا جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن: نيو دهلي کان پوءِ فريد آباد، مٿرا، آگره، فيروزآباد، ڪانپور..... ٿورو پري لکنو به آهي.... فتح پور، الهه آباد، مرزا پور ۽ پوءِ بنارس جنهن کي اڄ ڪلهه ورانسي سڏين ٿا. جيئن ڪراچي شهر ۾ ريلوي اسٽيشنون آهن: ڪراچي ڪئنٽ ۽ ڪراچي سٽي تيئن بنارس شهر ۾ پهچڻ لاءِ به ٻه وڏيون اسٽيشنون آهن: هڪ ورانسي جنڪشن جيڪا شهر جي وچ ۾ آهي ۽ ٻي مغل سراءِ جنڪشن جيڪا وچ شهر کان 15 ڪلوميٽر پري گنگا ندي جي ٻي ڪناري تي اوڀر ۾ آهي.

هِتي اهو به لکندو هلان ته بسن جو ڀاڙو به ڪو گهڻو ناهي. واپسي تي جنهن بس ۾ بنارس کان دهلي آيس ان جو ڀاڙو 500 رپيا هو. رستي تي جنهن جنهن بس اسٽاپ تي بيٺي ٿي اتي ديسي ۽ ولائتي هوٽلون ۽ انهن جا بهترين باٿ روم هئا. هوٽلن ۾ کاڌي پيتي جا اگهه به اهي ئي نارمل هئا جيڪي عام طرح شهرن ۾ ٿين.

No comments:

Post a Comment