يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل جو دؤرو
پئسفڪ جي
پاسي ۾- ۴۰
ياسر قاضي
پوئين هفتي اسان هن سفر ۾ واشنگٽن
۾ قائم، ”اِيسٽ ويسٽ سينٽر“ جي دفتر ۾ پاڪستان جي اُترين علائقن ۽ افغانستان تي وسندڙ
ڊرون جي حوالي سان هڪ اهم مذاڪري ۾ شريڪ ٿي، مينهوڳيءَ ۾ ”يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل“
روانا ٿيڻ وارا هئاسِين. مينهن وسندي اسين اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي دفتر واريءَ عمارت
۾ داخل ٿياهئاسِين ۽ مِينهن وسندي ئي اسين ان عمارت مان نڪتاسِين. خبر ناهي اسان ڪجهه
اهڙو ڪيو يا نه ڪيو، جيڪو ”مِينهن وسندي“ ڪندي اچي، پر بهرحال ان مينهن وسندي اسين
ڪوسٽر ۾ چڙهي صبح ساڍي 10 لڳي ڌاري ”يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل“ روانا ٿياسيِن.
هن اداري ۾ اسان جي وڃڻ جو مقصد، هڪ گول ميز ڊسڪشن ۾ شرڪت ڪرڻ هو، جنهن جو موضُوع انهن
امريڪي ڪمپنين جي متعلق واپاري لاڳاپن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ هو، جيڪي پاڪستان ۾ واپار ڪن
ٿيُون. جيئن ته اسان جي هن ايڪسچينج پروگرام جو مقصد پاڪستان ۽ امريڪا جي وچ ۾ تعلقات
جي گهراين ۽ جُزيات کي سمجهڻ هو، تنهن ڪري امريڪا جي مختلف رياستن جي مختلف شهرن ۾
ٿيندڙ اسان جي ڳالهه ٻولهه وارن سيشنز ۾ پاڪستان ۽ امريڪا جي وچ ۾ سياسي، سماجي، واپاري
توڙي اسٽريٽيجڪ تعلقات جي حوالي سان مختلف سيشنز شامل هئا، ته جيئن اسين ٻنهي ملڪن
جي وچ ۾ تعلقات جي گهراين کي سمجھي سگُهون، گڏوگڏ انهن تعلقات ۾ ڪٿي ڪٿي هلڪا ڦُلڪا
مسئلا آهن، اهي به سمجهي سگھجن ۽ پوءِ انهن جي حل طرف راهه هموار ڪرڻ جي ڏس ۾ صلاحُون
ڏئي سگھجن ۽ ڪوششون ڪري سگھجن. ان ڏس ۾ هي سيشن انتهائي اهم هو، ڇاڪاڻ ته يُو ايس پاڪستان
بزنس ڪائُونسل (جنهن کي عرفِ عام ۾ ”يُو ايس پِي بِي سِي“ به چيو ويندو آهي) سال
2002ع ۾ قائم ٿيل، امريڪي چئمبر آف ڪامرس جي ”ايشيا ڊپارٽمينٽ“ جي هڪ انتهائي اهم ڀاڱي
طور ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. هي اهو اهم ادارو آهي، جنهن تي امريڪا جي پاڪستان ۾ تجارتي
مصرُوفيتن جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪرڻ جي اهم ذميواري آهي. ”يُو ايس پِي بِي سِي“، انهن
امريڪي ڪمپنيُن لاءِ، جيڪي پاڪستان ۾ واپار ۾ رُڌل آهن، يا مستقبل ۾ اهڙيءَ تجارت جي
دلچسپي رکن ٿيُون، اهم معاشي، سياسي توڙي ٻين موضُوعن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ هڪ قومي
فورم فراهم ڪيو آهي.
”يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل“ جو دفتر يُو
ايس چيمبر آف ڪامرس واريءَ عمارت ۾ آهي. هيءَ عمارت واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي H اسٽريٽ جي عمارت نمبر 1615
آهي. جنهن جي ڪمري نمبر ”3 ايم“ ۾ يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل جي آفيس قائم آهي.
هن کان اڳ وارين قسطين ۾ اهو ذڪر هڪ اڌ دفعا ڏاڍي واضع انداز ۾ ڪري چُڪو آهيان ته اولهه
۾ ”ٽِي بواءِ“ يا ”پٽيوالو“ ڪلچر ناهي. هتي صفائي ڪندڙ به پنهنجي گاڏيءَ تي چڙهي بالم
بڻجي ايندا آهن. جنهن گھر يا آفيس جي صفائي ڪرڻ ايندا آهن، انهن سان مُصافحو ڪري، حال
چال پُڇي، پنهنجي ڪم سان لڳي ويندا آهن. ڪم دؤران ڪابه ذاتي ڪال اٽينڊ ناهن ڪندا ۽
ڪم پُورو ڪري في ڪلاڪ جي حساب سان پنهنجي مُعاوضي جو چيڪ وٺي، روانا ٿي ويندا آهن.
اهي چيڪ ڇو وٺندا آهن، اهو اڳتي هلي ٻُڌايان ٿو. سو مُون ڳالهه پئي ڪئي ”يُو ايس پاڪستان
بزنس ڪائُونسل“ جي، ته اسين جڏهن 11 لڳي صبح ڌاري، يُو ايس چيمبر آف ڪامرس جي عمارت
۾ پهتاسِين ته ان عمارت ۾ داخل ٿيڻ شرط ئي ”يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل“ جي ايگزيڪٽو
ڊائريڪٽر ”مسز ايسپيرانزا جيلالين“ استقباليه تي اسان جو استقبال ڪيو. هيءَ اڌڙوٽ عمر
جي انتهائي باوقار مائي، پنهنجي ڪم جي مهارت رکندڙ ۽ پنهنجي مضمُون تي دسترس رکندڙ
هئي، جنهن اسان جي هن مختصر سيشن ۾ اسان کي اسان کي مٿي ذڪر ڪيل موضُوع تي سير حاصل
ڄاڻ ڏني. مائي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪري اسان جي سُونهِي ٿي اڳيان هلِي ۽ اسان سندس پويان
لفٽ ۾ چڙهي مٿي قائم ”يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل“ جي دفتر ۾ پهتاسِين. اوهان کي
اڪرم الياس جو ذڪر ياد هُوندو. اهو به پنهنجي اداري جو سربراهه هو ۽ ان به پنهنجي بلڊنگ
جي استقباليه کان وٺي پنهنجيءَ آفيس تائين اسان کي پاڻ اٽينڊ ڪيو هو ۽ سندس آفيس ۾
به ڪوئي هيلپر وغيره اسان کي نظر ڪونه آيو. هتي به ساڳيو عالم هو. اسان کي ”يُو ايس
پاڪستان بزنس ڪائُونسل“ جي دفتر ۾ مائي ”ايسپيرانزا جيلالين“ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو
نظر ڪونه آيو. يقيناً دفتر ۾ سندس ٻيو اسٽاف به هُوندو، پر هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم
۾ رڌل هُوندو ۽ جيئن ته اسان جي بريفنگ رڳو ”مسز ايسپيرانزا جيلالين“ سان ئي هُئي،
تنهن ڪري اسان جي ساڻس ئي مُلاقات ٿِي. اسين هن اداري جي آفيس جي وڏي مِيٽنگ هال ۾
جمع ٿياسِين، جنهن جُون ڀتيُون ڪاٺ جي تهه سان ان طرح سينگاريل هيُون، جيئن پاڪستان
۾ مختلف صُوبن جي وڏن وزيرن ۽ گورنرن جي گھرن جا اڪثر ڪمرا ڪلاسيڪي انداز ۾ سينگاريل
هُوندا آهن، جن تي لڳل ڪلاسيڪي طرز جا گلوب (فانُوس) هن هال جي سُونهن ۾ واڌارو ڪري
رهيا هئا. مائيءَ ايسپيرانزا جيلالين سان اسان سمُورن جو رسمي تعارف ٿيو ۽ بزنس (وزِيٽنگ)
ڪارڊن جي ڏي وٺ ٿِي. هيءَ پنهنجي نوعيت جي هڪ اهم مِيٽنگ هئي.
اسان کي هن اهم سيشن ۾ پاڪستاني
ميڊيا جي نمائندگي ڪندڙن جي حيثيت ۾ اهو معلُوم ڪرڻو هو ته اهي تجارتي ڪمپنيُون (جيڪي
پاڪستان ۾ واپار ڪري رهيا آهن) اهي امريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي تعلقات، ان ڏس
۾ انهن تعلقات جي روشن پهلُوئن، چئلينجز کي ڪيئن ٿيُون ڏسن، پاڪستان ۾ واپار جي واڌاري
لاءِ امريڪي سرڪار کي پنهنجي تجارتي پاليسي ٺاهڻ دؤران ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گھرجي،
۽ پاڪستان کي ان ڏس ۾ ڪهڙين ڳالهين جو خيال ضرُوري طور تي رکڻ گھرجي. جيترو وسيع هي
موضُوع هو ۽ جيتري گهرائيءَ سان ان تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کپندي هئي، ان لحاظ کان اسان
وٽ وقت تمام گھٽ هو، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ڀليءَ ڀت سڀ ڄاڻن ٿا ۽ اڄ جي دؤر ۾ ٻار به
سمجهي ٿو ته ڪوبه ملڪ جيڪڏهن پاڪستان يا ڪنهن به ملڪ جي مُسلسل مالي سهائتا ڪري ٿو،
ته ان ملڪ ۾ ان تونگر ڊونر ملڪ جا به ڪي مفاد ضرُور هُوندا. پاڪستان ۾ سپر پاور جا
افغانستان جي پاڙيسري هجڻ جي ڪري سياسي مقصد پنهنجيءَ جاءِ تي، پر پاڪستان ۾ واپاري
نوعيت جا به گھڻا مفاد امريڪا سميت مختلف اهم طاقتن جا سلهاڙيل ضرُور آهن. نه ته هرُوڀرُو
اسان لاءِ دنيا جو اهڙو هانءُ ڪونه ٿو ڦاٽي، نه ئي ڪو ملڪ اسان جو مائٽ آ، جو هرُوڀروُ
اسان جي امداد لاءِ آتو هجي. هنن ڊسڪشنس ۾ سوال جواب ڪندي يا ڳالهه ٻولهه ۾ حصّو وٺندي
وڏي احتياط کان ڪم وٺڻو ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته اوهان کي خبر ناهي ته اوهان جي ڳالهه ڪير
ڪهڙي تناظر ۾ وٺي ٿو. اسان جي ڳالهه ڪرڻ جي نيّت مثبت به هجي، ته به شايد اسان جي لفظن
جي چُونڊ اهڙي هجي، جو ان جو مفهُوم ڪجهه ٻيو نڪرندو هجي، تنهن ڪري ڪنهن به ڊسڪشن
۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪابه ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ يا ڪو سوال اٿارڻ کان اڳ ۾ گھٽ ۾ گھٽ مُون
ته ان جملي جي اُڻت ٿي ڪئي، پوءِ اهو جملو ادا ٿي ڪيو. ها البته ڪٿي ڪٿي جيڪڏهن ڄاڻي
واڻي اهو پيغام ڏيڻ مقصُود هو، ته اسان کي گاهه سمجھي ڀيليو نه وڃي ۽ اسين سُجاڳ آهيُون،
ته پوءِ اتي اهڙي ڳالهه سنگت جي صلاح سان ضرُور ڪئي ٿي وئي. يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل
۾ اسان جي مک ڪمپنين جي نمائندن سان ٿيندڙ هن ملاقات ۾ ان موضُوع تي اڪيچار سوال ذهن
۾ هئا، جن منجهان گھٽ ۾ گھٽ آءٌ ته چند ئي ڪري سگھيس. جن منجھان ڪي سوال شايد تڪراري
به سمجھيا وڃن ها، مثال طور اهو سوال (جيڪو منهنجي ڪنهن ساٿيءَ ٿوري گھڻي تبديليءَ
۽ مَٽا سَٽا سان ڪيو به) ته ”امريڪا، پاڪستان ۾ واپار ڪندڙ يا پاڪستان سان اقتصادي
سهڪار جي ڏس ۾ هٿ ۾ هٿ ملائي هلندڙ ڪجهه مُلڪن کان ايڏو ڊنل ڇو آ؟ جو هُو سمجھي ٿو
ته جيڪڏهن پاڪستان انهن سان واپاري سهڪار ڪندو، ته ان سان امريڪا پاڪستان جي واپاري
لاڳاپن تي اُگرا اثر پئجي سگھن ٿا.“ ان ڳالهه جي مثال طور ”پاڪ اِيران گيس پائيپ لائين“
سميت متعدد مثال ڏئي سگھجن ٿا. بهرحال ڪنهن به هڪ ملاقات ۾ تؤنس پُوري ٿيڻ ته ممڪن
ئي ناهي (هي جُملو ڪڏهن ڪڏهن غير رُومانوي نوعيت جي مامرن تي به پُورو بيهندو آهي،
جيئن هن موضُوع تي بيهي ٿو)، سو اسان جو هي سيشن لڳ ڀڳ 11 لڳي کان 12 لڳي تائين هڪ
ڪلاڪ لاءِ جاري رهي، اختتام تي پهتو ۽ يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر
”ايسپيرانزا جيلالين“ اسان کي هيٺ استقباليه تائين ڇڏڻ آئي. باقي اهو اوهان اڳ ۾ ئي
ڄاڻو ٿا ته واشنگٽن توڙي نيُويارڪ جهڙن شهرن ۾ مهمان کان چانهه پاڻي پُڇڻ جو رواج ئي
ناهي، توڙي جو اوهان ڪنهن دفتر ۾ سمُورو ڏينهن گذاريو۽ صبح کان شام تائين اتي ڪنهن
جا مهمان هجو، پوءِ به مانيءَ جي ٽائيم تي اوهان کي اهو مهمان ئي صلاح ڏيندو ته: ”ان
دفتر جي فلاڻي فلور (منزل) تي ڪينٽين / ڪيفي ٽيريا آهي، جتي وڃي پيٽ پُوڄا ڪري اچو!“
اهو هڪ لحاظ کان صحيح به آهي، ڇاڪاڻ ته اوهان وٽ ڪوبه مهمان ايندو ته اوهان خفي ۾ نه
پوندؤ ۽ مهمان کي به خبر هُوندي ته کيس کائڻ پيئڻ جو آسرو رکي ڪيڏانهن ناهي وڃڻو. هُونءَ
به مٽجندڙ دنيا سان مهمان نوازيءَ جا ماڻ مَٽجڻ گھرجن ۽ گھر آيل مهمان کي مُناسب وقت
۽ توجهه ڏيڻ ئي مهمان نوازيءَ جو معيار هئڻ گھرجي. پاڪستان ۾ بين الاقوامي فُوڊ چين
جي ريسٽورنٽس متعارف ٿيڻ کان پوءِ ڪيڏن ديسي هوٽلن ۽ ريسٽورانس ۾ به ”سيلف سروس“ جو
رجحان وڌيو آهي، جيڪو يقيناً هڪ نهايت سٺو عمل آهي، جنهن سان طبقاتي ورڇ پُرزا پُرزا
ٿئي ٿي ۽ هر ڪنهن اندر ”پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ“ جو اُتساهه وڌي ٿو.
مُون ٿوري دير اڳ ذڪر ڪيو ته امريڪا
۾ هر قسم جو ڪارڪن چيڪ جي صُورت ۾ پنهنجو معاوضو وٺڻ کي نه فقط اهميت ڏئي ٿو، بلڪه
زور ڀري ٿو ته کيس سندس اجُوري جي ادائگي يا ته آن لائين پيمينٽ رستي ڪئي وڃي، يا وري
چيڪ جي صُورت ۾ ڪئي وڃي، جنهن جو سبب اهو آهي ته اتان جو هر شهري پنهنجي مُلڪ سان ايڏو
مُخلص آهي، جو هُو چاهي ٿو ته سندس ڪمايل هڪ هڪ ڊالر جو به هُو پنهنجي سرڪار کي ٽيڪس
ادا ڪري، نه ته تيسِين هُو جهڙوڪر پنهنجي ڪمائيءَ کي ڌوتل محسُوس ڪونه ٿو ڪري، جڏهن
ته اسان جي مُلڪ ۾ بنهه ان جي ابتڙ پيو ٿئي. اڄڪلهه پاڪستان ۾ ”نيب“ جي هلندڙ تابڙ
توڙ ڪارروائين جي باوجُود ڪرپشن جا لاتعداد ڪيس اهڙا آهن، جتي اربين روپين جُون گھوٻيُون
ٿيل آهن، پر جيئن ته پئسن جِي ڏيتي ليتي روڪ رقم جي صُورت ۾ ٿيل آهي، تنهن ڪري اهڙي
ڪرپشن جو ڪو ثبُوت ڪونهي، جو مُلوث ماڻهن ۾ هٿ وڌو وڃي. ڪيڏو فرق آهي سُڌريل ۽ اڻ سُڌريل
قومن ۾! ڌرتيءَ سان سچائيءَ جا جيترا نعرا اسين ٿا هڻُون، اوترا شايد ئي ڪو ٻيو هڻندو
هجي، پر اسان جي قومپرستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جا نعرا فقط هنبوشين تائين ئي محدُود آهن.
جنهن کي جتي ۽ جڏهن عوام جي مال جي چوڪيداريءَ جي ذميواري ملي ٿي، اهو اڳ ۾ لَپو هڻي
پنهنجو گھر ڀري ٿو. قوم جو اونو ڪنهن کي آهي! اهو ئي سبب آهي جو اهڙيُون خبرُون ٻڌڻ
لاءِ ملنديُون آهن ته فلاڻي سياستدان جي گھران ڇاپو هڻي هيترا ڏوڪڙ روڪ برآمد ڪيا ويا.
اِها اُها ئي دولت هُوندي آهي، جنهن جو نه ئي ڪوئي ٽيڪس ادا ڪبو آهي، نه ئي وري ڪو
حساب ڪتاب يا ثبُوت باقي ڇڏڻو هُوندو آهي. مني لانڊرنگ جي حوالي سان مُلوث مُلڪن جي
فهرست ”گُوگل“ ڪريو ته سڀني کي اڇن ڪارن جي خبر پئجي ويندي.
سوا 12 لڳي ڌاري منجنهد جو اسان
امريڪي چئمبر آف ڪامرس جي عمارت مان نڪتاسِين ته سياري جي ”جھَڪ“ وانگر خاموش پر انتهائي
تيز برسات جاري هئي. اسان پنهنجا برساتي ڪوٽ ۽ ڇٽيُون کوليُون. ڪوسٽر عمارت جي مُک
دروازي کان ٿورِي پري بِيٺل هئي. ان تائين ڀَڄندي ۽ ڀِڄندي پهتاسِين ۽ ڊوڙي ڊوڙي چڙهياسِين،
ته ڪٿي وڌيڪ نه آلا ٿيُون. اڄ اسان سان اها ڪوسٽر ساڻ هئي، جنهن پهرين ڏينهن تي واشنگٽن
پهچڻ تي اسان کي ايئرپورٽ تان کنيو هو ۽ پهريون ڀيرو هوٽل تي ڇڏيو هو. ان جو ڊرائيور
به اهو سهڻو ڪُراڙو هو، جنهن ايئرپورٽ کان هوٽل ايندي، اسان جي مذاق تي سنجيده ٿيندي
(يا الائي مذاق جي سُرَ سان سُر ملائِيندي) اسان جي ساٿياڻي، اسماء رزاق کي پروپوز
به ڪيو هو. سو ان رستي ۾ اسان کي واشنگٽن ۾ وسندڙ مِينهن ۽ ان جي خاصيت ۽ خصلتن جي
باري ۾ آگاهه ڪرڻ شرُوع ڪيو. سندس گفتگُو دلچسپ ۽ معلُوماتي هُوندي هئي، بس اسماء کي
هُو ان ڏينهن کان زهر لڳندو هو، جڏهن کان هُن کيس شاديءَ جِي آڇ ڪئي هئي.
اسان جي ايندڙ منزل ”ڊرڪسن سينيٽ
آفيس بلڊنگ“ هئي، جتي پهچي اسان کي امريڪي سينيٽ جي پاڪستان ۽ افغانستان سان لاڳاپيل
نمائندي سان ملي، امريڪا جي پاڪستان ۽ افغانستان سان لاڳاپن خاص طور تي ”ڪيرِي لُوگر
بل“ جي حوالي سان ڪجهه وڌيڪ گهرائيءَ سان معلُوم ڪرڻو هو. امريڪي چئمبر آف ڪامرس کان
وٺي ”ڊرڪسن سينيٽ آفيس بلڊنگ“ تائين جو سفر لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ جو هو. جنهن وچ ۾ اسان جو
سفر واشنگٽن جي ڀنل رستن تي هلندي ۽ رومانوي موسم مان لُطف اندوز ٿيندي گذريو. رستي
۾ ڪنهن ڪنهن اوچتو ڪٿان رڙ ڪري ڪو لطِيفو ٿي ٻڌايو ته ڪٿان ڪٿان ڪنهن جي غير رسمي سُرن
جو آلاپ ٿي گُونجيو. رستي ۾ اسان جي هڪ ساٿيءَ جي سالگرهه جي خوشيءَ ۾ اسان کي ڪيڪ
بدران مٺائي به کائڻ نصيب ٿي، جيڪا اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي ٽِيم واشنگٽن جي ڪنهن انڊين
يا ايشين مٺائيءَ جي دڪان تان ارينج ڪئي هئي. اسين لڳ ڀڳ 12:45 لڳي منجھند جو، تيز
وسندڙ برسات ۾ اچي ”ڊرڪسن سينيٽ آفيس بلڊنگ“ پهتاسي. هن عمارت جي پروٽوڪول جي تحت گاڏيءَ
جي پارڪنگ اسان کي هن کان گھڻي پري ملِي. جتان اسان ڇٽين ۾ لِڪندا عمارت جي گيٽ تائين
پهتاسِين. ڪوسٽر پارڪ ٿيڻ وارِيءَ جاءِ کان عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي جاءِ تائين لڳ ڀڳ
7 منٽ لڳا. ان واڪ دؤران اسان جي گرُوپ جي ٽن موالين ڇٽِيءَ جي اوٽ ۾ سگريٽ دُکائي
پُورا نه ته مُنا مُنا پي به ڇڏيا. عمارت اندر داخل ٿيڻ شرط ڇٽين لاءِ پلاسٽڪ جا ڪَورَ
رکيل هئا، جن ۾ ڇٽيُون وجهي اتي رکيل هينگرس ۾ ٽنگي، اسين عمارت جي بيسمينٽ (زيرِ زمين
بلاڪ) ۾ قائم سينيٽ جي ڪيفي ٽيريا پهتاسي، جتي اسان کي پنهنجن پنهنجن ڏوڪڙن مان منجھند
جي ماني کائڻي هئي. ان ئي روايت تحت، جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيس. اسان وٽ مانيءَ کائڻ
لاءِ مُني هڪ لڳي کان وٺي پوڻي 2 لڳي تائين پُورو ڪلاڪ هو، جنهن دؤران اسان آرام سان
ماني کاڌي سي. هي هڪ تمام وڏو هال هو، جنهن جي هڪ پاسي کان بيشمار کاڌن جو بُوفي لڳل
هو، جنهن کان پوءِ پئسن جا ڪائُونٽرس ٺهيل هئا، جڏهن ته هال جو لڳ
ڀڳ 75 سيڪڙو حصو ڊائننگ ايريا تي مُشتمل هو. هڪ اندازي مُطابق ان وقت هن هال ۾ ڪي چار
پنج سؤ ماڻهُو ماني کائي رهيا هُوندا. اسان پليٽُون کڻي حلال کاڌن جي تلاش ۾ خاصو وقت
لڳائي، پوءِ ماني کاڌي. اسان جِي گائِيڊ مائي اينان (مسز اين هارٽمين) ”ڇا کائجي... ڇا
نه کائجي“ جي ڏس ۾ اسان جي خوب مدد ڪئي. مُون پيزا پئي کائڻ گھريو. پُڇيو مانس: ”ڪهڙو
کڻان؟“ ته سڀني ۾ اهڙو ڪجهه نه ڪجهه ٻڌايائين پئي، ته پيل آهي، جو ٻُڌِي اُلٽيُون پئي
آيُون. نيٺ واحد ”چِيز پيزا“ لاءِ سفارش ڪيائين ته ”هي کاءُ!“ ۽ پوءِ مُون اهو ئي کنيو.
سلاد ۽ فرُوٽ جي هڪ وسيع ويرائٽي موجُود هئي، جنهن مان دل کولي اسان انتخاب ڪيو. ڪيش
ڪائُونٽر تي پهچي، هر شئي جي مقرر اگھه مُوجب ان جو جيترو مقدار کنيو ويو هو، ان جو
بلڪل ٺيڪ اندازو اسڪينر مشين ڪيو پئي، جنهن انهن شين کي اسڪين ڪري بل ۾ ان آئٽم جو
نالو ۽ واجب رقم جوڙ پئي ڪئي ۽ ايئن اسان مان هر ڪنهن جي کنيل کاڌي جي ٽوٽل رقم سامهُون
پئي آئي ۽ اسان منجهان هر ڪنهن اها قيمت ڏني ٿي. ڊائننگ هال وڏي هئڻ سبب اسان مان هر
ڪنهن الڳ الڳ ٽڙِي پکڙي ٻن ٻن ٽن ٽن جِي صُورت ۾ ويهي ماني کاڌِي. مُون ۽ اشفاق آذر،
مائي اينان سان ڪمپني ڪئي.
هن مانجھاندي کان فوراً پوءِ اسان
کي هن سينيٽ بلڊنگ ۾ مٿي، ڪمري نمبر ”ايس ڊِي 419“ ۾ ڪيرِي لُوگر بل جي باري ۾ هڪ اهم ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت ڪرڻي
آهي، جنهن جو احوال ايندڙ هفتي ڏبو.
No comments:
Post a Comment