Friday, November 20, 2015

ڇا اوٺارن جي قسمت کُلي آهي؟! - الطاف شيخ

ڇا اوٺارن جي قسمت کُلي آهي؟!
الطاف شيخ
ڪجهه عرصي کان ڪراچيءَ جي اوچن علائقن .... ڪلفٽن ۽ ڊفينس جهڙن ۾ ڏاچي جي کير جو وڪرو عام ٿيندو وڃي. هونءَ ئي اسان جي ملڪ ۾ ڀر وارن ملڪن جي مقابلي ۾ هر کير .... مينهن، ڍڳي توڙي ٻڪريءَ جو مهانگو ٿو ملي ۽ هي اٺڻي (ڏاچي) جو کير ته تمام مهانگو وڪامي رهيو آهي. عرب ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ رهيس جِتي چوڌاري اٺ نظر آيا ٿي پر اٺڻي جي کير پيئڻ جو ڪڏهن به خيال نه آيو. اٺ جو گوشت کائڻ جو ڪيترن ئي ملڪن ۾ موقعو مليو .... خاص ڪري لبنان، سوڍان ۽ موراڪو ۾ ته شورما (ٽانڊن تي پچندڙ گوشت) ته هوندو ئي اٺ جو آهي. اٺ جي گوشت کائڻ جو احوال پنهنجي سئيڊن ۽ ناروي وارن سفرنامن ۾ به لکيو اٿم جِتي پناهه وٺندڙ فلسطين، عراق ۽ سوماليا جا عرب ۽ حبشي اٺ جو گوشت ٽيونيشيا مان باءِ ايئر گهرائيندا هئا. پر ڏاچي جي کير پيئڻ جو اتي به نه ٻڌم. سو هاڻ جو ڪراچيءَ جي ڪجهه دڪانن تي ڏاچي جو کير وڪامندو ڏٺم ته پهرين مون اهو سوچيو ته جيئن ته مينهن يا ڳئون جو کير مهانگو ٿي ويو آهي سو سستي جي خيال کان ماڻهن ڏاچي جو کير پيئڻ شروع ڪيو آهي .... ظاهر آهي جنهن جانور جو گوشت سستو ملي ٿو ان جو کير به سستو ئي هوندو. پر اگهه معلوم ڪرڻ تي مونکي حيرت ٿي ۽ دڪاندار کان پڇيم ته اهو ايترو مهانگو ڇو آهي.


”سائين ان ڪري جو ڏاچيءَ جي کير جي تمام گهڻي ڊمانڊ آهي ۽ هي ڪاٺوڙ ۽ ٿاڻي بولا خان پاسي کان اچي  ٿو.“ دڪاندار ٻڌايو.
”پر آخر ان جي ايتري ڊمانڊ ڇو آهي؟ مون پڇيو.
دڪدندار مرڪندي ٽوڪ واري لهجي ۾ چيو، ”بس سائين! وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون! هنن کي اهو وهم آهي ته ڏاچي جي کير پيئڻ سان ڪيتريون ئي بيماريون ختم ٿيو وڃن“.
مون دل ۾ سوچيو ته بيماريون ختم ٿين يا نه پر اسانجي ڪوهستان ۽ ٿر پاسي رهندڙ غريب اوٺارن (اٺ پالڻ وارن) جو فائدو ضرور ٿي ويندو. ڏاچي جو کير پيئڻ وارو رجحان ضرور اٺن جي اهميت وڌائيندو. اڄ جي ڪاوش اخبار ان بابت تفصيلي رپورٽ ڏني آهي ته ڏاچي جو کير حيدرآباد جي به مختلف علائقن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي بلڪه ان جو قدر ۽ قيمت ايتري ته وڌي وئي آهي جو ڪيترن هنڌن تي فقط ڏاچيءَ جو کير وڪڻڻ لاءِ نوان دڪان کلي پيا آهن. ايتري قدر جو کير وڪڻندڙ عورتون ۽ مرد پنجاب جي راجنپور، لياقت پور، ديرا غازي خان ۽ ٻين علائقن مان حيدرآباد پهتل آهن. شهرن ۾ ڏاچي جو کير وڪرو ٿيڻ ڪري اڪثر اوٺارن جي زندگي ۾ پڻ سڌارو اچڻ لڳو آهي. اڪثر ماڻهو ڏاچيءَ جي کير کي علاج ۽ فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا آهن ۽ ڪيترائي شهري شوق خاطر به پيئن ٿا.
ڪراچي يا حيدرآباد جهڙن اسانجي ملڪ جي شهرن ۾ ڏاچي جو کير پيئڻ جو اوچتو ئي اوچتو وڌندڙ رجحان پنهنجي جاءِ تي .... ۽ جي ڳالهه ايستائين هجي ها ته ان کي ڪا خاص اهميت ڏئي هي ڪالم لکڻ لاءِ نه وهان ها. پر اڄ ئي شامَ جو ڊفينس جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور تان بيضا، ڊبل روٽي ۽ مکڻ جهڙيون شيون وٺي ڪائونٽر تي پئسا ڏيڻ لاءِ انتظار ڪري رهيو هوس ته ان ڪائونٽر وٽ ٽئنگ ۽ ايڪسپريسو ڪافي جي ساشن سان گڏ هڪ ڪنڊ ۾ رکيل ملئي زبان ۾ لکيل پاڪيٽن منهنجو ڌيان ڇڪايو. Pracampuran Minuman Susu Unta  
ملئي زبان۾ ”سُو سُو“ کير کي چئبو آهي. ملئي ۽ چيني ماڻهو ڪڏهن به کير پيئڻ جا شوقين نه رهيا آهن. آئون جڏهن تعليم ختم ڪري سامونڊي نوڪري لاءِ جهاز تي چڙهيس ته پهريون دفعو ملائيشيا ۾ منهنجو ۱۹۶۸ع ۾ اچڻ ٿيو. ان بعد به جهاز جپان ايندي ويندي ملائيشيا ۾ ترسندو رهيو ۽ پوءِ ۱۹۸۲ع کان ڪناري جي نوڪري لاءِ ملائيشيا ۾ ٽِڪي پيس. پر ان وقت تائين به ملائيشيا جي ماڻهن ۾ کير پيئڻ جو شوق يا سمجهه نه آئي هُئي جو اسي واري ڏهاڪي جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا ۾ ڳئون جو کير هٿ ڪرڻ لاءِ اسان ڪيڏي ڪوشش ڪئي هئي. ۽ اهو به لکيو اٿم ته پوءِ ۱۹۸۴ع ڌاري ملائيشيا جي حڪومت تحريڪ هلائي ته ”بهتر صحت لاءِ ۽ خاص ڪري بهتر ڏندن لاءِ ننڍن توڙي وڏن لاءِ کير پيئڻ ضروري آهي.“ کير نه پيئڻ ۽ مٺاڻ جي گهڻي واهپي ڪري توهانکي ملائيشيا ۾ رهندڙ ملئي مسلمانن توڙي چينين جا ڏند پيلا، ڀڳل ۽ ڦڏا سڏا نظر ايندا...... گهٽ ۾ گهٽ ان دؤرَ تائين جي ماڻهن جا نظر آيا ٿي.
بهرحال حڪومت اخبارن، ٽي وي ۽ پوسٽرن ذريعي ماڻهن کي کير جي فائدن کان آگاهه ڪيو ۽ نيسلي، نيڊو، مِلاڪ، نيسپري جهڙين ولائتي ڪمپنين پائوڊر واري کير جا دٻا ملائيشيا ۾ امپورٽ ڪيا ۽ آهستي آهستي ماڻهن ۾ کير پيئڻ جي عادت شروع ٿي نه ته ملائيشيا ۾ ”ڪافي“ به بنا کير جي پيتي وئي ٿي. جيتوڻيڪ ملائيشيا ۾ به انگريزن جو ۲۰۰ سال کن راڄ رهيو پر هن ملڪ ۾ نه ڪرڪيٽ راند عام ٿي نه چانهه! ڪرڪيٽ جي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي جو هِتي هر وقت نالا پيا وهن ..... يعني سخت مينهن لڳو رهي ٿو. باقي چانهه جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. جن ريسٽورنٽن تي چانهه ملي ٿي ان ۾ دٻي وارو گھاٽو مٺو کير (Condensed Milk) استعمال ٿيو ٿي. هاڻ مڙيئي ٽورسٽن جي ڪري انگلنڊ واري چانهه عام ٿي آهي.
وقت سان گڏ هن ملڪ جا ماڻهو عقلمند ۽ تيز ٿيندا ويا .... تعليم به سختي سان رائج ڪئي وئي يعني هر ٻار لاءِ تعليم ضروري ڪئي وئي چاهي هو ڳوٺن ۾ رهندو هجي يا گھاٽن جنگلن ۾. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تعليم ماڻهن کي ڄاڻ ڏئي ٿي، منجھن سجاڳي پئدا ڪري ٿي .... سياسي، سماجي ۽ معاشي طرح هو اهڙا هوشيار ٿي ويا جو ڌارين ڪمپنين کان ڪارون، ڪمپيوٽر، ٽي ويون وٺڻ بدران هنن کي چيائون ته اسان کي ٽيڪنالاجي ڏيو يا اسان جي ملڪ ۾ اچي ڪارخانا هڻو جيئن اسان جي ماڻهن لاءِ روزگار پئدا ٿئي. کير جا ڪارخانا به ملائيشيا ۾ لڳايا ويا جِتي مڪاني مالوند ماڻهو خوشحال ٿيڻ لڳا جو کير جي ڊمانڊ وڌڻ لڳي. ۱۹۹۰ع کانپوءِ ملائيشيا ۾ ماهيو کير نه فقط پائوڊر ۽ ”پيسچورائيزڊ“ فارم ۾ پر بوتلن ۾ بند تازو کير به دڪانن تي ملڻ شروع ٿي ويو. هونءَ به ملائيشيا جي حڪومت پنهنجن ماڻهن جي ان ڏس ۾ به (يعني بزنيس ۾ به) ڪافي مدد ۽ رهنمائي ڪري ٿي. قاعدو قانون سخت هجڻ ڪري هر شيءِ جي گريڊنگ ڪئي وڃي ٿي پوءِ اهي چاهي پٽاٽا هُجن يا بيضا. ننڍي سائيز الڳ دٻن ۾ ته وڏي شيءِ الڳ ۾. اسان جي واپارين وانگر نه ته هر ميوي جو مٿيون تهه صحيح هوندو ان بعد صوف، موسمي يا انبن جي سائيز ننڍي ۽ خراب هوندي. ان کان علاوه اسان جي پئڪنگ به سادي ۽ معيار کان ڪريل هوندي. مون کي ياد آهي ته سئيڊن ۾ تعليم دوران سئيڊن جي حڪومت پاڪستان کان ايندڙ چانورن تي ان ڪري بندش وجھي ڇڏي جو ٻاهرين ٿيلهي يا ڳوڻ معيار کان بلڪل ڪريل هئي. ان جي مقابلي ۾ انڊين واپاري ايڏا تيز هئا جو ساڳيا پاڪستاني چانور خريد ڪري انهن کي پنهنجين اوچين ٿيلهين ۾ پئڪ ڪري انڊين چانورن جي نالن سان وڏي اگهه تي سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ ۾ وڪڻندا هئا.
سو ملائيشيا جي ماڻهن کي به سندن ليڊر مهاتير اهڙو تيز ڪري ڇڏيو جو هنن جي ملڪ جو اسٽار فروٽ جيڪو بيحد سادو ميوو آهي، ان کي به مرچ مصالحا هڻي اوچي پئڪنگ ۾ يورپ ۽ جپان موڪلڻ لڳا ۽ ان سادي ۽ اڻ لذيذ ميوي مان به ملائيشيا وارا اڄ تائين خوب ناڻو ڪمائي رهيا اهن. اڄ ڪراچي جي دڪان تي ملائيشيا مان امپورٽ ٿيل سوسو اونتا (Susu Unta) يعني ڏاچي جي کير جا پائوڊر فارم وارا پاڪيٽ ڏسي حيرت ٿي. مون هڪ پاڪيـٽ کڻي ڏٺو ان منجهه موجود پائوڊر جو وزن ۲۵ گرام لکيل يعني ان ۾ پاڻي ملائڻ سان هڪ گلاس مس ٿئي ۽ ان پئڪيٽ جي قيمت پڇڻ تي دڪاندار ”هڪ سئو رپيا“ ٻڌائي. لفافي جي ٻاهران اهو به لکيل هو ته ڏاچي جي کير جو هي پائوڊر (Skim Milk Powder) ملائيشيا جي ڪيلنتان رياست ۾ ٺهيو آهي ۽ جيڪا ڪمپنيءَ هي کير جا پاڪيٽ اسان جي ملڪ پاڪستان يا ٻين ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪري ٿي اها سلنغور رياست جي شهر  ”پتالنگ جايا“ ۾ آهي. پڪ ڪرڻ تي دڪاندار ٻڌايو ته ”اٺڻي جي کير پيئڻ جو رواج اسان وٽ ايترو وڌي ويو آهي جو اسان کي اهو کير ملائيشيا مان گهرائڻو پوي ٿو.“
”ملائيشيا وارن به جپانين وانگر ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. اها وڏي حيرت جي ڳالهه آهي جو ملائيشيا وارا ڏاچي جو کير ايڪسپورٽ ڪن ٿا“ مون سان گڏ بيٺل پنهنجي دوست کي چيم.
”اها ته ڪا اهڙي ڳالهه ناهي“، منهنجي دوست وراڻيو، ”هو ته ويندي انناس به لوهي دٻن ۾ پئڪ ڪري موڪلين ٿا. توهان خود ٻڌايو ٿا ته هو ماڊرن ٽيڪنالاجي ۾ ڪافي اڳتي نڪري ويا آهن سو هنن لاءِ کير کي گرمائش ڏئي منجھانئس پاڻي ڪڍي پائوڊر فارم ۾ آڻڻ ۽ پئڪ ڪرڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي؟“
”نه اهو ڪم ته بلڪل ڏکيو ناهي“، مون هن کي اها ڳالهه ٻڌائڻ چاهي جنهن مونکي حيرت ۾ وڌو ۽ جنهن کان هو اڻ واقف هو، ”پر تعجب ان ڳالهه تي اٿم ته هنن ڏاچيءَ جو کير آندو ڪٿان!؟“
پوءِ مون پنهنجي دوست کي ٻڌايو ته ملائيشيا اهو ملڪ آهي جِتي ٻارهوئي بارش لڳي پئي آهي ۽ اتي اٺ جهڙو جانور ناپيد آهي. مونکي ياد آهي ته ۱۹۸۳ع ۾ ملاڪا رياست جي وزير اعليٰ سرڪاري چڙيا گهر (Zoo) لاءِ آسٽريليا مان اٺ گهرايو ته ان کي ڏسڻ لاءِ هڪ طرف سنگاپور کان ته ٻئي پاسي ڪوالالمپور ۽ پينانگ کان ماڻهو هلي ملي اچڻ لڳا هئا. بهرحال هي ڪم ملئي ماڻهن اهو ڪيو آهي جيڪو جپاني ڪندا آهن. جپان ۾ لوهه يا ٻين ڌاتن جون کاڻيون نه آهن ته هو ٻين ملڪن مان لوهي اسڪرئپ گهرائي ان مان لوهه جون شيون ٺاهي پنهنجي ۽ ڌارئين ملڪن کي وڏي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا. هينئر هي ڪالم لکڻ دوران ملائيشيا جي هڪ ڪُليگ ٻڌايو ته ڪجهه ملڪن ۾ ڏاچيءَ جي کير جي وڌندڙ Demand مان ڪمائڻ خاطر ڪيترا ملائيشين، آسٽريليا ۾ اٺ پالي، ان جو کير سڪائي، وڏن ڊرمن ۾ ان پائوڊر کي ملائيشيا موڪلين ٿا جِتي پوءِ ننڍن وڏن پاڪيٽن ۾ Seal ڪري، پاڪستان ۽ ٻين ڪجهه ملڪن ڏي موڪليو وڃي ٿو.
هونءَ ته ڏٺو وڃي ته ملائيشيا ۾ اٺ لاءِ کائڻ لاءِ ته تمام گهڻو آهي. گهڻي بارش ۽ ڀلي زمين ڪري چوڌاري وڻ ٽڻ ۽ سائو گاهه نظر اچي ٿو. ايتريقدر جو پڪي رستي ۾ ڪنهن هنڌ ڏار پوي ٿو ته اتي به گاهه جا سلا نڪريو اچن. اسان جهڙن ملڪن ۾ ماڻهو پگهار ڏئي مالهي رکن ٿا ته هو اچي گهرن اڳيان لان لڳائين پر ملائيشيا جا ماڻهو مالهيءَ کي پئسا ڏئي گاهه ڪٽائين ٿا جيڪو هر وقت باهوڙا ڏئي ڦٽي ٿو..... ظاهر آهي بارش به ڏينهن رات ايتري پوي ٿي جو ڪڏهن ڪڏهن سال ۾ هڪ اڌ دفعو هفتو کن بارش نٿي پوي ته ماڻهو ان کي ڏڪار جي حالت سان ڀيٽين ٿا. سو اهڙي موج مزي ۾ ملائيشيا ۾ اٺ پالڻ تي خرچ ناهي بشرطيڪه هن لاءِ واڪ ڪرڻ ضروري نه هجي.
سوڊان ۾ مون ڪيترائي اٺن جا فارم ڏٺا .... خاص ڪري خارطوم ۽ پورٽ سوڊان شهرن جي آس پاس جِتي ساوڪ ۽ پاڻي جام هجڻ ڪري انهن جي کاڌي خوراڪ تي خرچ ناهي پر مون ڏٺو ته انهن اٺن کي خوب هلايو ويو ٿي جيڪا ڳالهه ملائيشيا ۾ ناممڪن آهي. اٺ کي مدرسي جي ڇت تي چاڙهڻ ته سولي ڳالهه آهي پر وڏ ڦڙي واري وسڪاري ۽ کنوڻن جي ٺڪائن ۾ اٺ لاءِ هڪ قدم کڻڻ به مشڪل آهي.
اٺ جي کير جو سواد کڻي ڪهڙو به هجي پر ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته هن کير ۾ فئٽ گهٽ آهي ۽ اهو وٽامن سي ۽ آئرن سان ڀرپور آهي. تڏهن ته صدين تائين بدو عرب بيابانن ۾ زندهه رهڻ لاءِ کجور سان گڏ هن کير مان پروٽين، ڪاربوهائڊريٽ ۽ وٽامن حاصل ڪندا رهيا. ڳئون يا مينهن جي کير مان ته وري به ڪجهه ماڻهن کي الرجي ٿي سگهي ٿي پر اٺ جي کير لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو بلڪل الرجي فري آهي ۽ پيٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ولوڙ پيدا نٿو ڪري.
ڦر ڏيڻ بعد ڏاچي آرام سان روزانو ۵ لٽر کير ڏئي ٿي يعني عربستان جي ريگستاني علائقن ۾. ساوڪ وارن ملڪن ۾ اها ويهه ليٽر به کير ڏئي ٿي. اهو سلسلو ۱۲ کان ۱۶ مهينا هلي ٿو. سوڍاني اٺن جا مالڪ ٻڌائيندا هئا ته اُٺڻي (يعني ڏاچي) ۽ مينهن جي ڏهڻ ۾ اهو فرق آهي ته ڦر کي هٽائڻ بعد به مينهن کير ڏيندي رهي ٿي پر اٺڻي جي ڦر کي جيئن ئي توهان کير پيئڻ کان منع ڪندائو ته اها يڪدم پنهنجو کير سڪائي ڇڏيندي. سوڊاني اهو به ٻڌائيندا هئا ته بنا Pasteurization جي هن کير جي شيلف لائيف ۵ ڏينهن آهي پر پيسچورائيزڊ ڪرڻ بعد هي کير ٽي هفتا هلي سگهي ٿو. وڏي عرصي کان اٺڻي جي کير کي دوا خاطر استعمال ڪيو پئي ويو پر هاڻ ته سائنس به اهو ثابت ڪيو آهي ته هن کير ۾ شفا آهي خاص ڪري ذيابيطس (Diabetic) جي مريضن لاءِ. ان ڳالهه تي انڊيا ۾ به وڏي ريسرچ هلي رهي آهي. انڊيا جي راجستان واري علائقي ۾ بيڪانير نالي هڪ شهر آهي (جنهن جو ذڪر شاهه لطيف به پنهنجي بيتن ۾ ڪيو آهي:
 ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
اتي ICAR نالي هڪ ”نئشنل ريسرچ سينٽر آن ڪئمل“ آهي جِتي اٺن تي ريسرچ هلي ٿي. هاڻ ته ميڪ اپ جي سامان ۽ چهري جي صفائي (facial) لاءِ به ڏاچيءَ جو کير استعمال ٿئي ٿو. دبئي ۾ ته Al-Nassma چاڪليٽ ڪمپني فقط ڏاچي جي کير مان چاڪليٽ ٺاهي ٿي جيڪي دبئي کان علاوه يورپ، هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا ۾ به وڪرو ٿين ٿا.
سوڊان جِتي دنيا ۾ ٻئي نمبر تي گهڻا اٺ آهن اتي جو هڪ اٺن جو فارم گهمندي، اتي موجود جانورن جي ڊاڪٽر ٻُڌايو هو ته ڪيترن ماڻهن کي اها غلط فهمي آهي ته ڏاچي جو کيرُ ڊائبٽيز جي مرض جو علاج آهي. اهو سمجھڻ کپي ته جِتي کنڊ جي بيماري جو مريض مينهن يا ٻڪريءَ جو کير نٿو پي سگهي اتي ڏاچيءَ جي کير پيئڻ ۾ هن کي نقصان ناهي. امير ماڻهو جيڪي گهڻي پئسي هجڻ ڪري کاڌي پيتي تي گهڻو زور ڏين ٿا ۽ ڊائبٽيز جا مريض ٿيو پون انهن کي کپي ته پهرين کاڌي تي ڪنٽرول ڪن.
عمر ڪوٽ فون ڪري هڪ واقفڪار آفيسر جي معرفت هڪ ٿريءَ کان پڇيم ته ڇا ڏاچي جي کير ۾ جيڪو هو واپرائين ٿا، شفا آهي؟
”سائين اسان ته ان ۾ ئي پريشان هوندا آهيون ته ايترو کير ملي جا ٻچا پيٽ ڀري سگهن ۽ بُک کان بچي وڃن.“
واقعي! بدو عرب جيڪو ريگستان ۾ ڏاچي جي کير تي زندگي گذاري ٿو ڇڏي ته کيس کير سان گڏ بئڪ اپ ۾ پروٽين ۽ وٽامن سان ڀرپور کجور به آهي. هِتي اسانجي ٿر ۾ ته پيئڻ جو پاڻي به ناهي. ٺلهي ڏاچي جي کير مان ڇا ٿيندو؟
”ڀلا توهان وٽ عمر ڪوٽ ۽ مٺي پاسي ڏاچي جي کير جو ڇا اگهه آهي؟“ مون پڇيومانس.
”سائين اسان ڏي ڪو وڪڻي ئي ڪونه.“ هن وراڻيو ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ مونکي اڄ کان سٺ پنجهٺ سالَ اڳ جو زمانو ياد اچي ويو جڏهن ڳوٺن ۾ کير جا ڪو پئسا نه وٺندو هو. پر هاڻ ته هر شيءِ ملهه تي ٿي ملي. دل ۾ سوچيم ته ڇا هنن وٽ ايڏو کير ٿو ٿئي جو اهو وڪڻن نٿا .... ٻين لفظن ۾ گُهرجائوءَ کي مفت ۾ ٿا ڏين. پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيومانس ته هو ڇو نٿا وڪڻن؟
”سائين پنهنجي ٻچن لاءِ ئي پورو نٿو ٿئي..... ڇا وڪڻون؟“
اهو به لکندو هلان ته اٺ وڏو جانور آهي، جنهن کي ٻڪري ۽ ڳئون کان وڌيڪَ کير ڏيڻ کپي. آسٽريليا، آمريڪا، مورطانيا ۽ سوڊان جهڙن ملڪن ۾ ڏاچي ۲۰ کان ۳۰ لٽر کير ڏئي ٿي ۽ زياده خيال رکڻ سان ۴۰ لٽر کير ڏيڻ جو به رڪارڊ آهي. پر توهان کي پڻ مون وانگر سخت حيرت ٿيندي جڏهن منهنجي پڇڻ تي ته هن جي ڏاچي روزانو ڪيترو کير ڏئي ٿي..... ٿريءَ ٻُڌايو ته ڪو لٽر سوا مس!
مونکان دانهن نڪري وئي. پڪ ڪرڻ لاءِ سندس جواب ورجايُم ته هن چيو ”ها سائين! ڇا ڪريون! آهي اسان جي کائڻ لاءِ ڪونه .... جانورن کي ڇا کارايون ڇا پياريون جو کير وڌائين. ٻن سالن کان ٿر ۾ ڏُڪار واري حالت آهي!“
۽ هيءَ اها حالت آهي جنهن لاءِ شيخ اياز چيو:
ڪنڊيءَ نه سڱري
ٻٻر نه پلڙو
ڇانگون نه ڇيلڙا
مارون اڪيلڙا!
۽ هڪ دفعي انگريزي سازن جي آواز تي جڏهن ڪجهه نوجوان هن راڳ تي نچي رهيا هئا ته مون کين چيو هو ته هيءَ ڪا خوشيءَ جي ڳالهه ته نه آهي .... ڏک ڪرڻ ۽ روئڻ جو مقام آهي سو اڄ هڪ دفعو وري چوڻو ٿو پوي ته سڄي سنڌ جي مسڪيني واري حالت ۾”ٻوڏن“ ۽ ”ڏڪار“ ڪري اسانجي ٿر جي ويتر وڌيڪَ ئي ڪسمپرسيءَ واري حالت آهي.


No comments:

Post a Comment