Friday, November 20, 2015

ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيادو خانه ڪعبه پهچڻ - الطاف شيخ

ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيادو خانه ڪعبه پهچڻ
الطاف شيخ
عبود بريسٽ ڪئنسر ۾ مبتلا پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيادو هلي خانه ڪعبه ۾ اچي نماز پڙهڻ جي سُکا (نذر) ڪئي هئي. هن گذريل سال جولاءِ ۾ ۱۴ ڪلو سامان ساڻ کڻي آسٽريا کان مڪي شريف تائين ڊگهي سفر جي شروعات ڪئي جيئن حرم پاڪ ۾ پهچي نماز پڙهي پنهنجي ڀيڻ جي شفايابي لاءِ دعا گهري سگهي. هو آسٽريا جي شهر Graz (گراز) جو رهاڪو آهي جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته يونيورسٽين جو شهر ٿو سڏجي. عبود جي ڀيڻ سوسن کي ٻه سال اڳ ڪئنسر ٿي پئي. دوا درمل ڪرائڻ جي باوجود هن جي صحت خراب ٿيندي رهي. ڊاڪٽرن کان مايوس ٿي عبود کي خيال آيو ته ڇو نه ان دروازي جو ڪڙو کڙڪايان جنهن کان ڪو به نا اميد ٿي نه موٽيو آهي. هن سُکا ڪئي ته هو پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيدل مسجد الحرام ۾ وڃي دعا ڪندو. ان کانپوءِ عبود هن ڊگهي سفر جي تياري ڪئي. هو گذريل سال ۲۵ جولائي تي پنهنجي ڳوٺ گراز مان روانو ٿيو. پاڙي واري ملڪ سلووينيا (Slovenia) پهچي ثائر عبود پنهنجي ڀيڻ سوسن سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته منهنجي تڪليف حيرت انگيز طور گهٽجي وئي آهي. عبود جو چوڻ آهي ته هن جي ڀيڻ جي ان جواب سان هن کي سفر جاري رکڻ جو عزم پيدا ٿيو. سلووينيا مان پيدل سفر ڪندو هو ڪروشيا ملڪ ۾ داخل ٿيو. اتان پوءِ بوزنيا ۽ بوزنيا مان ڪاري جبل (The Black Mountain) جو پُرخطر رستو پار ڪري هو سراجيوو پهتو. اتان پوءِ البانيا جو سفر شروع ڪيائين. البانيا کان مشرق ڏي ويندي هو مقدونيا پهتو. مقدونيا کان پوءِ هو وڏي ايراضي واري ملڪ بلغاريا پهتو جتان پوءِ هو اسلامي دنيا جي گيٽ وي استنبول ذريعي ترڪيءَ ۾ داخل ٿيو. ان بعد ثائر عبود جو سفر اتر کان ڏکڻ طرف شروع ٿيو. عبود نقشن ذريعي هي سفر ڪري رهيو هو. ان ڪري هن جو خيال هو ته هو ترڪيءَ کان شام يا وري عراق جي رستي حجاز مقدس پهچي ويندو. پر هو جڏهن ترڪيءَ جي آخري شهر غازي انتيپ (Gaziantep) پهتو ته هن کي شام ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان جھليو ويو. ترڪ حڪومت هن کي آگاهه ڪيو ته شام ملڪ جو سفر هن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ثائر عبود ڏکڻ ڏي وڌڻ بدران اوڀر جو رخ اختيار ڪيو. امن امان جي حالت خراب هجڻ ڪري هو نه شام مان ۽ نه عراق مان لنگهي سگهيو ٿي. ان ڪري هن ترڪي جو وڌيڪَ سفر ڪري ايران جي تبريز پاسي کان اچي نڪتو. ان وقت جنوريءَ جو مهينو شروع ٿي چڪو هو. ايران ۾ برف باري هجڻ ڪري هو جابلو علائقن کان شارٽ ڪٽ وارو سفر به ڪري نٿي سگهيو. ان ڪري هن ايران جي شهر تبريز کان ڏکڻ طرف جو سفر شروع ڪيو. ڊگهو سفر طيءِ ڪري همدان، ڪرمان شاهه، خرم آباد، ديزفل، اهواز جهڙن شهرن وٽان ٿيندو بندر خميني واري بندرگاهه تائين اچي پهتو جيڪو ايراني نار واري سمنڊ ۾ آهي. هتان هن جي سامهون حجاز مقدس تائين پهچڻ لاءِ عراق جي خطرناڪ سرزمين هئي. ان ڪري هن مجبور ٿي ڪويت تائين سمنڊ جو ٽڪرو ٻيڙيءَ رستي ڪراس ڪيو. ڪويت جي سرحد سعودي عرب سان ملي ٿي. پر ان هوندي به سعودي عرب جي حڪومت هن کي پيدل سفر ڪري مڪي شريف جو رخ ڪرڻ کان منع ڪئي. جيئن ته ڪويت جي سرحدن سان سعودي عرب وارو لاڳو علائقو بنجر ۽ خطرناڪ صحرا تي مشتمل آهي ان ڪري سعودي عرب جي حڪومت ثائر عبود کي پيشڪش ڪئي ته هو ڪويت کان اڳتي جو سفر هوائي جهاز ذريعي طيءِ ڪري يا هو هن لاءِ خاص گاڏيءَ جو انتظام ڪري سگهن ٿا. پر جيئن ته عبود حرم پاڪ تائين پيدل پهچڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو هو ان ڪري هن انڪار ڪيو ۽ هڪ دفعو وري وچ ريگستان مان شارٽ ڪٽ ڪرڻ بدران سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلڻ لڳو ۽ سعودي عرب جي ايراني نار وارن بندرگاهن الجبيل ۽ الدمام مان ٿيندو قطر پهتو جنهن جو دوحا بندرگاهه آهي. ان دوران سڀني عرب رياستن ۾ ثائر عبود جي پيدل ڊگهي سفر جي خبر عام ٿي چڪي هئي. عرب امارت جي رياستن (۽ گلف جي ٻين ملڪن به) هن آسٽريا جي مسلمان کي پنهنجي ملڪ ۾ ميزباني جي پيشڪش ڪئي، عبود دبئي ۾ ٻه ٽي ڏينهن ترسي آرام ڪيو. ان بعد عمان جو رخ ڪيو. عمان کانپوءِ هن کي يمن جو سفر ڪرڻو هو پر هتي به سيڪيورٽي جي مسئلن ڪري داخل ٿي نه سگهيو. ان ڪري هن مجبور ٿي عمان کان جدي پهچڻ لاءِ بحري جهاز ۾ سفر ڪيو. هو جڏهن جدي پهتو ته سعودي عرب جي حڪومت ۽ ماڻهن هن جو وڏي جوش و خروش سان آڌر ڀاءُ ڪيو. مقامي انتظاميا هن کي مڪي شريف تائين پهچائڻ لاءِ گاڏيءَ جو بندوبست ڪيو پر هن جدي کان مڪي تائين جو سفر به پيدل طيءِ ڪيو. ٻي ڏينهن جڏهن هو پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي جي دعا لاءِ مڪي شريف پهتو ته اتي به سوين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. اخباري رپورٽ موجب ثائر عبود روزانو ۴۰ کن ڪلوميٽر پنڌ ڪيو ٿي ۽ هن کي ۱۲ ملڪن مان لنگهڻو پيو ۽ ۱۲ هزار ڪلوميٽر سفر ڪيو. ان دوران هن گهڻو تڻو مسجدن ۾ ئي گذاريو ۽ هن جي ماني ٽڪي جو بندوبست مقامي ماڻهن ڪيو ٿي. اهڙي طرح ۳۰۰ ڏينهن ۾ هن جي سفر جو اختتام ٿيو. جيڪڏهن هو شام جي رستي حجاز مقدس جو رخ ڪري ها ته هن کي فقط ۷ هزار ڪلوميٽر سفر ڪرڻو پوي ها. پر ٻاهرين پاسي کان ڦيرو ڪري اچڻ ۾ هن جو سفر تمام گهڻو ڊگهو ٿي ويو. هن هي سفر تاريخي رستي تان ڪيو جتان آڳاٽي دور ۾ حج لاءِ پيدل ايندڙ مڪي پهچندا هُئا.


مڪي پهچي ثائر عبود عمرو ادا ڪيو ان بعد پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ خصوصي دعائون گهڙيون جنهن ۾ سوين مسلمانن شرڪت ڪئي. هن جي ڀيڻ جو چوڻ آهي ته جڏهن کان سندس ڀاءُ ثائر عبود مقدس شهر جي سفر لاءِ روانو ٿيو آهي هوءَ پل پل جي خبر وٺندي رهي آهي ۽ هوءَ پنهنجي تڪليف کي بلڪل وساري ويٺي آهي.
مڪي شريف هوٽلن جي ائسوسيئيشن جي سربراهه شيخ عبداللطيف پهرين کان ثائر عبود جي رهائش لاءِ فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهائش جو انتظام ڪري ڇڏيو هو. ثائر عبود جو چوڻ آهي ته حجاز مقدس ۾ مقامي مسلمانن جنهن محبت جو اظهار ڪيو آهي ان هن جي ڊگهي سفر جي ٿڪ کي وساري ڇڏيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ثائر عبود ٽن ٻارن جو پيءُ آهي. هن جي وڏي پٽ دائود جي عمر ۱۹ سال آهي. جيئن ته عبود پاڻ اسپورٽس مئن آهي ان ڪري هن ان قسم جي ڊگهي سفر جو فيصلو ڪيو. هن سفر دوران ڪيترن ئي موقعن تي هن جي زندگي جو شديد خطرن سان به واسطو ٿيو. هن جو چوڻ آهي ته ”منهنجي نيت صاف هئي، ان ڪري قدرت مونکي هر وقت موت کان بچايو.“
بهرحال هن ڊگهي سفر ڪري نه فقط ثائر عبود جو پر سندس ملڪ آسٽريا جو به نالو روشن ٿيو ۽ دنيا جي ماڻهن کي هن ملڪ جي مسلمانن جي ڄاڻ ٿي. پنهنجي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ آسٽريا جي ڪجهه  مسلمان جو شروعات ۾ احوال لکي چڪو آهيان جن جو واسطو پاڪستان سان آهي. هن لسٽ ۾ اڃان به تمام گهڻا ماڻهو شامل ڪري سگهجن ٿا پر هتي آخر ۾ هڪ وڌيڪَ هم وطني خالد حسين تي ٻه چار سٽون لکڻ ضروري ٿو سمجھان.
خالد حسين پاڪستان جو سينيئر جرنلسٽ ٿي گذريو آهي ۽ آسٽريا جي شهر ويانا ۾ جڏهن ”اوپيڪ نيوز ايجنسي“ جي آفيس کلي هئي ته هي شروعاتي جرنلسٽ هو ۽ هو هڪ وڏو عرصو اٽڪل ڏهه سال اتي رهيو ان بعد ٽي سال پاڪستان ۾ شاليمار ٽيليويزن نيٽ ورڪ جو هيڊ ٿي رهيو. ان بعد سال ۲۰۰۰ ۾ واشنگٽن ۾ APP جي نمائندي طور روانو ٿيو جتي وفات ڪيائين.
خالد حسين سن ۱۹۳۵ع ۾ سرينگر ڪشمير ۾ ڄائو. هو آزاد ڪشمير جي پهرين صدر ۽ محمد علي جناح صاحب جي پرائيويٽ سيڪريٽري مسٽر ڪي. ايڇ خورشيد صاحب جو سالو هو. هن ۱۹۶۷ع کان لاهور جي اخبار پاڪستان ٽائيمس ۾ سينيئر رپورٽر ۽ ڪالم نويس جي حيثيت سان نوڪري شروع ڪئي. ذوالفقار ڀٽي صاحب جي چوڻ تي جنوري ۱۹۷۲ع کان هن سندس فرسٽ پريس سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. جڏهن جنرل ضيا الحق چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته هن احتجاج طور پنهنجي نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ لندن هليو آيو. جتان پوءِ هو آسـٽريا اچي OPECNA ۾ نوڪري ڪئي.

خالد حسين تمام  سٺو ليکڪ ۽ ترجمو ڪندڙ آهي. هن جا اٽڪل ۴۰ ڪتاب پاڪستان، انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ ڇپجي چڪا آهن. پتي (Gall Bladder) جي ڪئنسر ڪري هن جو فيبروري ۾ آمريڪا ۾ موت ٿيو. 

No comments:

Post a Comment