سنڌ جي اڌ جيڏي آسٽريا ۾ ۲۰ هزار پاڪستاني
الطاف شيخ
اڄ
به چين ۽ روس پاسي رهندڙ ڪيترا مسلمان غربت يا عقيدت خاطر حج جو سفر پيرين پنڌ ڪن
ٿا. گهڻو اڳ حج تي منهنجي هڪ تاجڪ ٽولي سان ملاقات ٿي جيڪي اتي پيدل سفر ڪري آيا هئا.
هو ست ڄڻا هئا جن ۾ ڇهه ڄڻا تازو پينشن تي لٿا هئا ..... يعني سٺ سالن جا هئا. هو روس،
تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان، ايران ۽ عراق مان ٿيندا سعودي عرب پُهتا هئا. هنن کي
۴۶۰۰ ڪلوميٽرن (۲۸۰۰ ميلن) جو سفر پورو ڪرڻ ۾ ۱۹ مهينا لڳي ويا. هو رستي تي جتي ڪٿي
ساهي پٽيندا آيا. انهن مان هڪ عبدالعزيز رجبو ٻڌايو ته: ”اسان جڏهن گهران نڪتاسين ته
اسان جي پيرن ۾ فقط جتي هئي. ساڻ کنيل ٿيلهي ۾ سفري ڪاغذات .... ويزائون لڳل پاسپورٽ
۽ هڪ ويلي جي ماني هئي. اسان کي ڪنهن به ملڪ ۾ پوليس طرفان ڪا به تڪليف نه رسي سواءِ
روس جي.“
”اتي
ڇو؟“ مون پڇيو.
”اتي
اسان کي ۱۲ ڏينهن ٿاڻي تي وهاري ڇڏيائون ته توهان جاسوس ٿا لڳو. پوءِ مونکان پڇيائون
ته تاجڪن سان لڳل جنگ (۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي) ۾ تو ڪنهن جو پاسو کنيو هو. مون کين ٻڌايو
ته ’اسان ڪنهن جو به پاسو نه کنيو هو‘. پر پوءِ به اسان بابت معلومات حاصل ڪندا رهيا
۽ مس مس جان ڇڏيائون.“
هڪ
ٻئي عمردين اسماعيلو نالي تاجڪ ٻڌايو ته افغانستان ۾ هو ’احمد شاهه مسعود‘ جي قبر تي
ڪجهه ڏينهن وڌيڪَ ترسي پيا جو اهو هنن جو نامور تاجڪ ڪمانڊر ٿي گذريو آهي جنهن افغانستان
تي روسين جي قبضي جي دوران وڏي دليريءَ سان مقابلو ڪيو هو ۽ کيس ’شير پنجشير‘ سڏيو
ويو ٿي، ۲۰۰۱ع ۾ قتل ٿي ويو. هنن ٻڌايو ته هو واپسي جو سفر به پيرين پنڌ ڪندا.
”ڇو
ڀلا، ڀاڙو نه هجڻ ڪري؟“ مون پڇيو.
”نه
هڪ مهم جوئي (Adventure) جي
خيال کان ۽ اهو احساس پڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ته اسان ۾ اڃان همت آهي جو ايڏو پنڌ ڪري سگهون
ٿا. ان کان علاوه پيدل سفر ڪرڻ سان چڱي طرح گهمڻ جو پڻ موقعو ملي ٿو .... مختلف ماڻهن
سان ملاقات مان دنيا جي خبرچار پوي ٿي.“
هنن
ٻڌايو ته هنن کي سڄي سفر ۾ مقامي ماڻهو ماني ٽڪي کارائيندا رهيا ۽ هو جتي ڪٿي مسجدن
۾ ئي ستا ٿي. ۽ اهو سفر شروع ڪرڻ کان اڳ هنن سڀني کي ڊگهي ڊگهي واڪ ڪرڻ جي پرئڪٽس هئي.
۰ ۰ ۰ ۰ ۰ ۰ ۰ ۰ ۰ ۰ ۰ ۰
سعودي
عرب ۾ حج لاءِ اڄ به ڪيترائي پيدل پهچن ٿا پر سعودي عرب جي حڪومت ۽ ماڻهن طرفان گهڻي
آڌرڀاء ۽ پبلسٽي يورپ جي ماڻهن کي ملي ٿي جيئن اڄ ڪلهه آسٽريا جو هڪ مسلمان شهري ”ثائر
عبود“ ميڊيا جي رونق آهي جيڪو پنهنجي ملڪ کان ۱۲۰۰۰ ڪلوميٽرن جو پيدل سفر مڪمل ڪري
عمري لاءِ مڪي شريف پهتو آهي. مون ان بابت ڳالهه ڪئي ته ڪنهن پڇيو ته ڇا آسٽريليا
۾ به مسلمان آهن. مون کي حيرت ٿي ٿئي ته اسان وٽ ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل هنن ٻن ملڪن ۾ فرق
نٿا سمجھن ۽ جي سمجھن به ٿا ته هن لاءِ اها ڳالهه ته قابل قبول آهي ته آسٽريليا ۾ مسلمان
آهن پر اها ڳالهه هنن لاءِ تعجب خيز آهي ته آسٽريا جيڪو هڪ يورپي ملڪ آهي ۽ روس جهڙي
ڪميونسٽ ملڪ جي اثر هيٺ رهيو آهي اتي اسلام ۽ مسلمان آهن!
دراصل
آسٽريليا هڪ ٻيٽ نما کنڊ ”پئسفڪ سمنڊ“ ۾ آهي. ملائيشيا کان هيٺ ڏکڻ ۾ انڊونيشيا آهي
۽ پوءِ هيٺ ڏکڻ ڏي ڪافي سمنڊ جھاڳڻ بعد نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا اچي ٿو. صدين تائين آسٽريليا
ويران هئو. گذريل صديءَ ۾ اوڏانهن رهائش جي ڌم ٿي آهي ۽ يورپي ملڪن کان علاوه اسانجي
ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي ماڻهن به اتي رهائش اختيار ڪئي .... جن ۾ ڪيترائي عرب، ايراني،
ملئي، پاڪستاني ۽ انڊين مسلمان آهن. پر يورپ جي ملڪ ”آسٽريا“ جي مختلف ڳالهه آهي. اتي
به ڌارين ملڪن جا مسلمان اچي رهيا پر ترڪن سان واسطو هجڻ ڪري هن ملڪ جا اصل باشندا
صدين کان مسلمان آهن.
يورپ
کنڊ جو هي ملڪ ”آسٽريا“ اسانجي افغانستان ۽ يورپ جي سئٽزرلئنڊ وانگر Land
Locked ملڪ آهي .... يعني آسٽريا جي چوڌاري سمنڊ نه پر زمين
ئي زمين آهي .... جنهن جي چوڌاري پاڙيسري ملڪ آهن: جرمني، چيڪ، هنگري، سلواڪيا، سلووينيا،
سئٽزرلئنڊ ۽ اٽلي وغيره. پکيڙ ۾ آسٽريا جي سنڌ صوبي جي اڌ جيتري ايراضي آهي. هونءَ
به يورپ جا ڪيترائي ملڪ ان کان به ننڍا آهن. سنڌ جي ايراضي ۱۴۰۰۰۰ چورس ڪلوميٽر ۽ آسٽريا
جي ۸۴۰۰۰ چورس ڪلوميٽر آهي. آسٽريا جابلو ملڪ آهي جتي عام طرح جرمن زبان ڳالهائي وڃي
ٿي ۽ عيسائيت بعد ٻئي نمبر تي اسلام آهي. ملڪ جي جملي آدمشماري جو ست سيڪڙو ماڻهو مسلمان
آهن جيڪو هڪ وڏو انگ ٿئي ٿو. انهن مسلمانن ۾ ۵ لک کن ته ترڪ آهن جن جا ڏاڏا پڙڏاڏا
سلطنت عثمانيه جي ڏينهن کان هتي اچي رهيا ۽ سندن اولاد هتي جي مڪاني ٻولي جرمن يا ان
جي ڪا dialect ڳالهائي ٿو. هتي جي سرڪاري انگ اکرن موجب ٻئي
نمبر تي ۲ لک کن بوزنيا جا مسلمان آهن. اهي سڀ آسٽرين ڪلچر سان واسطو رکن ٿا جيئن اسان
وٽ سالن کان شڪارپور پاسي رهندڙ پٺاڻ هاڻ سنڌي ڪلچر توڙي رسم رواج سان واسطو رکن ٿا.
انهن کان علاوه افغاني، عرب، ڪرد، چيچن ۽ پاڪستاني آهن جن مان ڪجهه ويجھڙائي ۾ آيا
آهن ٻيا آڳاٽا آهن جيڪي ترڪ خلافت يا ان کان اڳ جا هتي settle ٿيل آهن. جيئن هتي جو مشهور پاڪستاني آرٽسٽ ۽ آمريڪن ”ڪامڪ بڪس“ جو
چترڪار محمد انجم اسرار آهي جيڪو ۱۹۷۶ ۾ انقره (ترڪي) ۾ ڄائو. سندس پيءُ پاڪستاني آهي
۽ ماءُ آسٽرين. هن وقت ان قسم جا اٽڪل ۲۰۰۰۰ پاڪستاني رهن ٿا جن مان اڌ جيترا آسٽريا
جي گادي واري شهر ويانا ۾ ۽ ٻيا انهن ڳوٺن ۽ ٽائونن ۾ رهن ٿا جتي ڪارخانا آهن. ان تان
ان نقطي تي زور ڏيندو هلان ته يورپ جا ملڪ هجن يا اسان جي ايشيا جو جپان، ٿائلنڊ، ملائيشيا
.... انهن ملڪن ان ڪري به ترقي ڪئي آهي ۽ ماڻهو خوشحال ٿيا آهن جو هنن جي حڪومتن ڳوٺ
ڳوٺ ۾ ڪارخانا کولي ڇڏيا آهن جيئن ڳوٺن جا ماڻهو هارپي سان گڏ گڏ ڪارخانن ۾ به ڪم
ڪري پنهنجي لاءِ روزگار ڪمائين. بهرحال آسٽريا ۾ سڀ کان گهڻا مسلمان ويانا شهر ۾ رهن
ٿا جتي مسجدن جو تعداد به تمام گهڻو آهي. ٽيهارو کن مسجدن جا فون نمبر ته مون وٽ به
آهن. ڪجهه اهم يا سولن نالن واريون مسجدون جيڪي هن وقت به ياد اچي رهيون آهن؛ هن ريت
آهن: قبا مسجد، هدايا مسجد، فتح مسجد .... ۽ Schonburnner
Strasse روڊ تي بيت
المڪرم مسجد آهي. ان ئي روڊ تي هڪ ٻي حاطب مسجد پڻ آهي. ان کان علاوه تقويٰ مسجد، سلطان
احمت مسجد، عثمانلي مسجد وغيره.
منهنجو
جهاز ڪڏهن به آسٽريا نه ويو .... ظاهر آهي هڪ پاڻيءَ جو جهاز آسٽريا يا افغانستان جهڙي
ملڪ ۾ ڪيئن ٿو وڃي سگهي جنهن کي سمنڊ نه هجي. پر ٻه ٽي جهاز سندربنس، موهن جو دڙو،
سرفراز رفيقي اهڙا هئا جن تي جڏهن منهنجي بدلي ٿي ته اهي مشرقي يورپ جي ملڪن: پولنڊ،
رومانيا، بلغاريا، ايسٽ جرمني (جن تي USSR روس
جو اثر هو) ۽ يوگوسلاويا ويا .... جتان باءِ روڊ مونکي آسٽريا گهمڻ جو موقعو مليو جتي
اسان جو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو ساٿي ڊاڪٽر سرفراز شاهه ماهر سرجن ENT، انهن ڏينهن ۾ پلاسٽڪ سرجري جو ڪورس آسٽريا مان ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر
سرفراز شاهه ڪراچي جي عباسي شهيد اسپتال ۾ نوڪري ڪئي ٿي جتي هڪ ڏينهن دهشتگردن کيس قتل ڪري ڇڏيو .... اها
۱۹۹۵ع جي لڳ ڀڳ جي ڳالهه آهي. سندس وڏو پٽ غضنفر شاهه ان وقت نائين ڪلاس ۾ هو. اڄ غضنفر
شاهه هڏن جو مشهور سرجن آهي ۽ ڊاڪٽر شاهد نور سان ڪم ڪري ٿو.
هونءَ
يورپ جا ملڪ کڻي مئخانن، سئنيمائن ۽ عياشين جي اڏن کان مشهور هُجن پر آسٽريا لاءِ اهو
چوندس ته اهو فن جي دنيا کان مشهور آهي .... آرٽ ۽ اسڪلپچر جي دنيا کان مشهور آهي
.... ميوزڪ ۽ راڳ کان ۽ تعليم کان مشهور آهي. ويانا توڙي سالزبرگ جهڙا شهر تعليمي ادارن
سان ڀريا پيا آهن. گراز (Graz) جهڙو
شهر ته سڏجي ئي ”اسٽوڊنٽ سٽي“ ٿو. هن ۾ موجود فقط سرڪاري ڇهن يونيورسٽين ۾ اڌ لک کان
مٿي شاگرد آهن. اسان جا به ڪيترا ماڻهو اعليٰ تعليم لاءِ آسٽريا ويندا رهن ٿا. ڪجهه
اهم ماڻهن ته شادي به هتان ڪئي.
هن
وقت مونکي بيگم وقارالنساءِ (وڪٽوريا رخي) ياد اچي رهي آهي جيڪا پاڪستان جي ستين وزير
اعظم فيروز خان نون جي زال هئي ۽ ”ليڊي نون“ به سڏبي هئي. بيگم وقارالنساءِ ”وڪٽوريا“
جي نالي سان ۱۹۲۰ع ۾ آسٽريا ۾ ڄائي ۽ فيروز خان نون سان ۱۹۴۵ع ۾ شادي ڪئي ۽ اسلام قبول
ڪرڻ بعد اهو نالو رکيو. سر فيروز خان نون مشرقي پاڪستان جو پهريون گورنر ٿيو ۽ ان بعد
۱۹۵۷ع ۾ پاڪستان جو وزير اعظم ٿيو. بيگم وقار النساءِ نه فقط پاڪستان موومينٽ ۾ ڪم
ڪيو پر بعد ۾ به سماجي خذمتون ڪندي رهي. جنرل ضياءِ الحق جي ڏينهن ۾ هن کي ٽوئرزم
۽ ڪلچر جو فيڊرل وزير به ٺاهيو ويو. زندگيءَ جا آخري ڏينهن هن ائبٽ آباد ۾ ٺهرايل گهر
”الفيروز“ ۾ گذاريا جتي ۲۰۰۰ ۾ وفات ڪيائين. هن ڍاڪا ۾ ”وقار النساء نون گرلس اسڪول“
۽ راولپنڊي ۾ ”وقار النساءِ ڪاليج فار وومين“ ٺهرائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.
يورپ
جي هن ملڪ آسٽريا جا ڪيترائي ماڻهو جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا اهي نه فقط اسان پاڪستانين
لاءِ پر دنيا جي مسلمانن لاءِ تمام اهم آهن. انهن سڀني ۾ اهم ترين Leopold
Weiss نالي يهودي آهي جيڪو سن ۱۹۰۰ ۾ آسٽريا ۾ ڄائو ۽ بعد
۾ مسلمان ٿي محمد اسد جي نالي سان عالم اسلام ۾ وڏو نالو ڪڍيو .... هن لاءِ يورپ وارا
چوندا آهن ته ليپولڊ (محمد اسد) يورپ طرفان توهان مسلمانن لاءِ وڏو گفٽ آهي. اسد کي
پنهنجي مادري زبان جرمن، انگريزي، عربي ۽ اڙدو کان علاوه هيبريو، پولش ۽ فرينچ به فر
فر (Fluently) آئي
ٿي. مسلمان ٿيڻ بعد هو جرنسلٽ جي حيثيت ۾ سعودي عرب به اچي رهيو جتي هن ڪيترا سال بدو
عربن سان ۽ بادشاهه ابن سعود سان گذاريا. هو انڊيا به آيو جتي هن جي ملاقات ڊاڪٽر محمد
اقبال شاعر سان ٿي جنهن هن کي لاهور ۾ رهائي ڇڏيو ۽ هو قران جي تفسير ۽ حديثن تي ڪم
ڪندو رهيو. ڪجهه عرصو هو حيدرآباد دکن جي نوابن وٽ به رهيو جتي محمد مارماڊيوڪ (جنهن
قرآن مجيد جو ۱۹۳۰ ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو) جي وڃڻ بعد اسلامي رسالي تي ڪم ڪيو. ٻي
جنگ عظيم ۾ انڊيا جي ٻين يهودين سان گڏ محمد اسد به انگريزن وٽ ۵ سال نظر بند رهيو
جيتوڻيڪ هن کي مسلمان ٿئي سال ٿي ويا هئا ۽ هو ننڍپڻ ۾ يهودي ضرور هو پر هن جو واسطو
جرمني سان نه پر آسٽريا سان هو.
پاڪستان
ٿيڻ تي کيس پاڪستاني شهريت ملي ۽ پاڻ حڪومت پاڪستان جي ڪيترن ئي سرڪاري عهدن ۽ پرڏيهي
سفارتخانن ۾ رهيو. سندس عرب بادشاهه سان پراڻي دوستي هجڻ ڪري هن سعودي عرب ۽ پاڪستان
جي دوستي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
محمد
اسد ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان (A Road To Mecca) تمام
گهڻو مشهور آهي. ان ڪتاب جي نالي کان متاصر ٿي پنهنجي سعودي عرب واري هڪ سفرنامي
جو نالو ”اي روڊ ٽُ مدينا“ رکيو. سندس ٻيو يادگيرين جو ڪتاب Home
Coming of the Heart آهي. سندس هڪ ڪتاب جو اڙدو ۾ به ترجمو
”بندائي صحرا“ جي نالي سان ٿي چڪو آهي. پاڻ
۱۹۹۲ع ۾ وفات ڪيائين.
اهو
سڀ ڪجهه لکڻ مان منهنجو مطلب اهو آهي ته مسلمان رڳو اسان جي ملڪ ۽ عربستان ۾ نه آهن
پر جتي ڪٿي آهن .... ويندي يورپ ۽ آمريڪا ۾ به آهن جن کي اسان ”مغرب“ سڏي اهو تاثر
ٿا ڏيون ڄڻ اتي ڪو اسلام جو پوئلڳ ناهي پر ڏٺو وڃي ته هو اسان کان بهتر مسلمان آهن
جو هو اسلام کي سمجھي پوءِ مسلمان ٿين ٿا ۽ ڪيترائي اهڙا عقيدتمند آهن جيڪي ٿڌن ۽ سهولتن
وارن ملڪن جا ٿي ڪري گرمي، رڻ پٽ ۽ اڃ بک جي پرواهه نه ڪندي هو پيرين پنڌ حج لاءِ روانا
ٿين ٿا. آسٽريا جو ثائر عبود به انهن مان آهي.
No comments:
Post a Comment