Friday, November 20, 2015

يورپ مان حج لاءِ پنڌ نڪتل هڪ مسلمان - الطاف شيخ

يورپ مان حج لاءِ پنڌ نڪتل هڪ مسلمان
الطاف شيخ
ائين به نه آهي ته پيرين پنڌ حج فقط اڳئين زماني جي ماڻهن ڪيو ٿي ۽ اڄ نٿا ڪن. ڏٺو وڃي ته اڄ به ڪيترائي ماڻهو ڊگها پيدل سفر ڪن ٿا .... خاص ڪري حج لاءِ. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جا ماڻهو شوق خاطر پيدل حج وڃن ٿا ۽ پراڻي دور ۾ غربت ڪري. ٻنهي ۾ عقيدت جو عنصر ساڳيو ملي ٿو. بنا عقيدت جي ايڏو ڊگهو سفر ڪرڻ ۽ ان ڏکي سفر جون تڪليفون سهڻ ايترو آسان ناهي. اڳئين دور ۾ رستو ڀلجڻ، جنگلن ۽ رڻ پٽ ۾ رات گذارڻ، ٽيليفون ۽ رابطي جي سهوليت نه هجڻ جهڙا مشڪل هئا ته اڄ جي دور ۾ جاسوسي جا الزام ٿا لڳن ۽ اسان جهڙن ملڪن جو ماڻهو ايران، عراق، ڪويت، سعودي عرب، عمان جهڙن ملڪن ۾ قدم ٿو رکي ته مقامي پوليس ۽ اميگريشن اهو ئي ٿي سمجهي ته هي واپس نه ويندو ۽ اتي ئي ترسي پوندو يا ڪسٽم وارا شڪ ۾ رهن ٿا ته خبر ناهي پنهنجي جسم اندر يا بوٽن ۽ ٿيلهن ۾ چرس ۽ هيروئن جهڙيون نشي آور شيون سمگل ڪري آيو هجي. اڄ ڪلهه ان قسم جو سفر طيءِ ڪرڻ لاءِ انهن ملڪن جي ويزا اڳواٽ حاصل ڪرڻ ضروري آهي جن مان لنگهي سعودي عرب پهچجي ٿو. هڪ ٻي ڳالهه! اڳ ۾ حج جي پيدل سفر لاءِ فقط ننڍي کنڊ جا ماڻهو  نڪتا ٿي پر اڄ ڪلهه يورپ جا مسلمان پڻ حج جي سفر لاءِ پيدل نڪرن ٿا. ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جي سهولت ڪري هو پنهنجي روز جي سفر ۽ پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جو احوال پنهنجن دوستن ۽ عوام کي فيس بڪ ۽ ٽويٽر ذريعي ڏيندا رهن ٿا.


۲۰۱۲ع ۾ بوزنيا جي هڪ ۴۷ سالن جي ’سيناد حاذق‘ نالي مسلمان پنهنجي ڳوٺ Banovici کان حج ڪارڻ  مڪي لاءِ نڪتو هو. هونءَ يورپ جي ملڪن ۾ البانيا ۽ بوزنيا ۾ ڪافي مسلمان آهن. منهنجو به بوزنيا ۽ ڪروشيا ملڪن جي شهرن سراجيوو، زگرب، اسپلٽ ۽ رائيڪا ۾ ۱۹۶۰ع ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ ڪافي وڃڻ ۽ رهائش ٿي پر انهن ڏينهن ۾ بوزنيا، ڪروشيا، سربيا، مونٽي نيگرو، مقدونيا (مئسيڊونيا) ۽ سلووينيا وغيره جيڪي ۱۹۸۰ع بعد اڄ ڌار ڌار ملڪ آهن، اهي سڀ هڪ ملڪ ”يوگوسلاويا“ ۾ آيا ٿي جيئن USSR ۾ تاجڪستان، ازبسڪتان، ترڪمنستان، روس، ڪرغستان، جارجيا وغيره ۾ اچي ويا ٿي. اسپلٽ ۽ رائيڪا اڊريارٽڪ سمنڊ جي ڪناري وارا شهر آهن. اسپلٽ ۾ اسانجو نئون جهاز ”سندربنس“ ٺهيو هو ۽ ان جي مرمت لاءِ اسان هميشهه ان جهاز کي اسپلٽ شهر جي شپ يارڊ ۾ وٺي ايندا هئاسين ۽ زگرب مان اڪثر سامان Cargo کڻڻ ويندا هئاسين. رائيڪا ۾  مئريٽائيم اڪيڊمي به هئي جتان اسان جي هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ شهاب دين هڪ سال اسان سان گڏ چٽگانگ مان پڙهي باقي تعليم رائيڪا مان حاصل ڪئي هئائين. اسان جن ڏينهن ۾ رائيڪا ويندا هئاسين انهن ئي ڏينهن ۾ حيدرآباد جي هڪ سنڌي نوجوان محمد انور ميمڻ نالي گرئجوئيشن ڪري جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي. هن اسان کي رائيڪا شهر خوب گهمايو جتي ڪيتريون ئي مسجدون نظر آيون. هن اتي جي هڪ مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ منهنجا شروعاتي ڪتاب طارق اشرف ڇپيندو هو. سال ٻن بعد فيروز ميمڻ ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان ڇپڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ هڪ دفعي جڏهن منهنجو حيدرآباد اچڻ ٿيو ۽ فيروز سان ملاقات ٿي ته هن ٻڌايو ته يوگوسلاويا (هاڻ ڪروشيا) ۾ جنهن جهازران محمد انور ميمڻ سان اسان جي ملاقات ٿي هئي اهو سندس وڏو ڀاءُ آهي جنهن کي انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي رهاڪو وزير ۽ سندن  مائٽ غلام نبي ميمڻ صاحب يوگوسلاويا وڃڻ جي صلاح ڏني هئي جو ان ملڪ جي ليڊر مارشل ٽيٽو جي ان وقت جي اسان جي صدر جنرل ايوب خان سان سٺي دوست هئي ۽ هن چاهيو ٿي ته ٻن ملڪن جي وچ ۾ تعليم ۽ بزنيس ذريعي دوستي وڌي ويجھي. اهو ئي سبب آهي جو نه فقط اسان وارو سندربنس جهاز پر ٻيا به ڪيترائي ان وقت جا مشهور جهاز: ”حيدرآباد“، ”موهن جو دڙو“ جهڙن نالن وارا يوگوسلاويا مان ٺهرايا ويا.
پاڻ دراصل بوسينيا جي همراهه سيناد حاذق جي پيرين پنڌ حج ڪرڻ جي ڳالهه پئي ڪئي ته مونکي سندس ملڪ جي نالي تان پنهنجي جواني جا ڏينهن ياد اچي ويا جيڪي مون سندس خوبصورت ملڪ ۾ گذاريا ۽ منهنجي لاءِ اها هڪ نئين ڳالهه هئي ته يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ ايترا مسلمان ۽ مسجدون نظر اچن. ان وقت تائين يعني پنهنجي چوويههَ پنجويههَ سالن جي ڄمار تائين مون سمجھيو ٿي مسلمان فقط عرب ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ آهن. پوءِ خبر پيئي ته بوزنيا ۾ اسلام جي پراڻي تاريخ آهي. هتي جي مڪاني ماڻهن جو اسلام سان واسطو پنڌرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ٿيو جڏهن ترڪيءَ جي ”سلطنت عثمانيه“ بلقاني رياستن سان گڏ بوزنيا ۽ هرزيگووينيا کي به فتح  ڪيو. هن وقت به بوزنيا ۾ ۳۰ لک مقامي ماڻهو مسلمان آهن جن ۾ وڏو تعداد سني (حنفي فرقي جا) آهن. ان کان علاوه ڪجهه جو تعلق شيعا اثنا عشري سان آهي. مسلمان بوزنيڪ سڏجن ٿا ان کان علاوه ”سرب“ رهن ٿا جيڪي آرٿوڊڪس عيسائي سڏجن ٿا ۽ ٻيا ”ڪروٽ“ آهن جيڪي رومن ڪئٿولڪ آهن.
ترڪي جي سلطنت عثمانيا جو بوزنيا تي ۱۴۶۳ ڌاري قبصو ٿيو. ان وقت هتي جا رهاڪو عيسائي هئا ۽ پوءِ هڪ صدي ۾ ترڪن جي اثر هيٺ مسلمان ٿيندا ويا. ۱۶۰۰ تائين بوزنيا جي اڌ کان وڌيڪَ آدم شماري مسلمان هئي. بلقاني رياستن مان جيڪي ترڪي جي قبضي ۾ هيون انهن ۾ سڀ کان گهڻا مسلمان بوزنيا ۽ البانيا ۾ ٿيا. ٻين رياستن بلغاريا وغيره ۾ جيڪي مسلمان ٿيا انهن رياستن کي خود مختياري ملڻ بعد اهي مسلمان وري عيسائي ٿي ويا يا انهن کي ماريو ويو يا ڏيهه نيڪالي ڏني وئي. انهن ئي ڏينهن جي شروعاتي سفرنامن ۾ آئون لکي چڪو آهيان ته بلغاريا جي شهرن جي مسجدن کي تالا لڳل نظر آيا يا انهن کي گهر ڪري رهائش اختيار ڪئي وئي هئي. هاڻ جي خبر نه اٿم پر انهن ڏينهن ۾ پولنڊ، يوگوسلاويا، بلغاريا، رومانيا وغيره تي روسي ڪميونسٽن جو راڄ هو ۽  هنن ڪنهن به مذهب  کي قائم ٿيڻ نٿي ڏنو.
ائين ته بوزنيا جي شهرن  جون به ڪافي مسجدون ڊٺل نظر آيون خاص ڪري هڪ آڳاٽي مسجد فرحاديجا.  ۱۹۹۸ع کانپوءِ ملڪ جي آئين مطابق هر هڪ کي مذهب جي آزادي ملڻ بعد چوڌاري ڪافي خوبصورت مسجدون نظر اچن ٿيون ۽ اسڪولن ۾ اسلام بابت پڻ پڙهايو وڃي ٿو.
بوزنيا جي گادي جو شهر سراجيوو (Sarajevo) آهي. دراصل هن پاسي J جي اچار کي I پڙهيو وڃي ٿو. جيئن Jogoslavja يوگوسلاويا آهي پر جيئن ته اسان جا ماڻهو ان کي ”جوگوسلاوجا“ پڙهن ٿا سو آئون به هتي سراجيوو ئي لکندو هلان. هن شهر جي ”مسجد استقلال“ سڀ ۾ وڏي آهي  جيڪا انڊونيشيا جي شهر جڪارتا وارري ”مسجد استقلال“ جي ڪاپي آهي ۽ اها مسجد انڊونيشيا جي ماڻهن ۽ حڪومت بوزنيا وارن کي ٺهرائي ڏني آهي جنهن کي هتي جا مقامي ماڻهو ”انڊونيشي مسجد“ ۽ ”سهارتو مسجد“ به سڏين ٿا. ۱۹۹۵ع ۾ جڏهن صدر سهارتو بوزنيا جي صدر ”علي ياعزت بيگ“ سان ملڻ آيو هو ته ان وقت هيءَ مسجد تحفي طور ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. ۱۹۹۸ع ۾ سهارتو کي حڪومت مان ڪڍڻ بعد هن مسجد تي ڪم هلڻ رڪجي ويو هو پر پوءِ نيٺ ۲۰۰۱ع ۾ هيءَ مسجد مڪمل ٿي.
نمازين جي تعداد کان ڏٺو وڃي ته بوزنيا جي گادي واري شهر ۾ سڀ کان وڏي مسجد ”شاهه فهد مسجد“ آهي جيڪا سعودي عرب وارن بوزنيا وارن کي ٺهرائي ڏني آهي. جيئن اسان وٽ اسلام آباد ۾ فيصل مسجد آهي. هتي جي مسجدن ۾ هڪ ترڪن جي ڏينهن جي وڏي ۾ وڏي تاريخي مسجد ”غازي هسرو بيگ مسجد“ پڻ آهي جيڪا سلطنت عثمانيا جي عمارتسازيءَ جي نمائندگي ڪري ٿي. هيءَ مسجد Sarajevo شهر جي بلڪل وچ ۾ آهي جيئن کڻي سمجھو ته ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ واري ميمڻ مسجد.
غازي هُسرو بيگ مسجد سن ۱۵۳۰ ڌاري ٺهي هئي يعني هي اهو سال آهي جنهن ۾ هندوستان جي مغل بادشاهه بابر وفات ڪئي ۽ سندس پٽ همايون تخت تي ويٺو. هن مسجد ۾ مڪتب، مدرسو، حمام (پبلڪ باٿ) ۽ بيزستان (ڍڪيل مارڪيٽ) پڻ آهي. بوزنين جي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي عربي ۽ ترڪيءَ جا لفظ آهن جيئن اسان جي اڙدو سنڌيءَ ۾ آهن. مسجد، مڪتب، مدرسو ۽ حمام ته اسان وٽ به عام لفظ آهن پر ”بيزستان“  مون يوگوسلاويا يعني هنن بلقاني رياستن ۾ ٻڌو. ٿي سگهي ٿو اهو ترڪ يا فارسي جو لفظ هجي. هتي اها به تاريخي حقيقت لکندو هلان ته دنيا جي هيءَ پهرين مسجد آهي جنهن ۾ سڀ کان پهرين ۱۸۹۸ ۾ اليڪٽرسٽي آئي. انهن ڏينهن ۾ بوزنيا ”آسٽرو هنگري“ سلطنت جي قبضي ۾ هو. بعد ۾ هن سلطنت الڳ الڳ ملڪن (آسٽريا ۽ هنگري) جي شڪل ۾ جنم ورتو. هتي اهو به لکندو هلان ته يورپ جي ٻين ملڪن وانگر هتي به ڪيترائي قادياني رهن ٿا ۽ هو پاڻ کي ”احمديا مسلم ڪميونٽي“ سڏرائين ٿا ۽ ٻين ملڪن جي وڏن شهرن وانگر هنن جي سراجيوو ۾ پڻ ”بيت السلام“ نالي مسجد آهي.
بهرحال يورپ جي ملڪ البانيا وانگر بوزنيا به اهڙو ملڪ آهي جنهن جا ڪيترائي مقامي گورا مسلمان آهن ۽ هو هر سال هوائي جهاز يا پاڻي جي جهاز ۾ حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ مڪي ۽ مديني ايندا رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن سيناد حاذق جهڙا عقيدت مند پيرين پنڌ حج لاءِ سعودي عرب پهچن ٿا.
سيناد حاذق کي پنهنجي ملڪ بوزنيا جي Banovici شهر کان مڪي تائين پهچڻ ۾ ۳۵۴۰ ميل يعني ۵۷۰۰ ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو جنهن ۾ هن کي ۳۱۴ ڏينهن لڳي ويا ۽ هن کي بوزنيا بعد سربيا، بلغاريا، ترڪي، شام ۽ اردن مان ٿي سعودي عرب پهچڻو پيو. هن پنهنجي ضروري سامان جو ٿيلهو جيڪو پٺي سان لڙڪائي هليو ٿي ان جو وزن ۲۰ ڪلو رکيو ٿي. هن پنهنجي روز مرهه جي سفر جو احوال جتي هن کي سهوليت ملي ٿي ته فيس بڪ ذريعي پنهنجن دوستن ۽ دنيا ۾ سندس چاهڻ وارن لاءِ لکيو ٿي.
”شام“ ملڪ مان لنگهڻ وقت هن Facebook  ذريعي هن ٻڌايو ته شام ۾ هنگاما ۽ ڦڏا فساد هجڻ ڪري هن کي سڀني اها صلاح ڏني ته شام مان لنگهڻ بدران هو عراق کي ترجيح ڏئي، جتي وري به حالتون بهتر آهن. ”پر سفر شروع ڪرڻ کان اڳ مونکي خواب ۾ قدرت طرفان اهو ئي اشارو مليو هو ته آئون شام مان لنگهان“. حاذق ٻڌايو.
شام ڪراس ڪرڻ لاءِ هن ۵۰۰ ڪلوميٽرن جو سفر طيءِ ڪيو جنهن ۾ هن کي يارهن ڏينهن لڳي ويا. ننڍن وڏن ڳوٺن کان علاوه هن کي اليپو (حلب)، حماهه، حمص ۽ دمشق شهرن مان به لنگهڻو پيو. اٽڪل ويهارو کن چيڪ پوسٽن تي کيس روڪيو ويو جن مان ڪجهه حڪومت طرفان هيون ته ڪجهه باغين طرفان.... ”پر مونکي ڪٿي به گرفتار نه ڪيو ويو،“ حاذق ٻڌايو، ”هڪ هنڌ الاسد جي فوجين مونکي بئگ کولڻ لاءِ چيو ۽ جڏهن ان مان قرآن مجيد نڪتو ۽ مون کين چيو ته آئون پيرين پنڌ حج لاءِ وڃي رهيو آهيان ته هنن مونکي ان ئي وقت ڇڏي ڏنو.“
حاذق ٻڌايو ته هُنَ هي سفر رب جي رضا خاطر، اسلام خاطر، پنهنجي ملڪ بوزنيا، پنهنجي والدين ۽ ڀيڻ ڪارڻ اختيار ڪيو. بوزنيا مان گهران نڪرڻ وقت هن جي کيسي ۾ هن سفر جي خرچ پکي لاءِ فقط ۲۰۰ يورو يعني پاڪستاني ۲۵ هزار رپين برابر رقم هئي. هن سموري سفر ۾ مسجدن، پارڪن ۽ ويندي رستي جي ڪناري تي رات جو ننڊ ڪئي ٿي. هن پاڻ سان ڪا کائڻ پيئڻ جي شيءِ نه کنئي. هن کي جتي ڪٿي نيڪ ۽ سخي ماڻهو ملندا رهيا جن هن کي ماني کارائي ٿي. ايتريقدر جو هڪ مخير کيس باءِ ايئر جدي وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ به آفر ڪئي پر حاذق اهو ئي چيو ته هن پيرين پنڌ حج ڪرڻ جي سُکا ڪئي آهي. هن سفر ۾ پاڻ سان گڏ کنيل ٿيلهي ۾ ڪجهه ڪپڙا، رات جو سفر ڪرڻ لاءِ ٽارچ، نقشا ۽ مختلف ملڪ جن مان هن کي لنگهڻو پيو، انهن جا جھنڊا کنيا ٿي ۽ قرآن مجيد پڻ ـــ جنهن ڪري هن جو شام ملڪ ۾ بچاءُ ٿي ويو نه ته کيس جاسوس سمجھي جيل ۾ ٿي وڌائونس.
”ائين ناهي ته ڪو منهنجو سفر سُک چين ۾ گذريو،“ سيناد حاذق ٻڌايو، ”ٻن  هنڌن تي مونکي مار به ڏني وئي ۽ هڪ هنڌ مون تي پٿر به اڇلايا ويا. ويندي پنهنجي ملڪ سربيا جي ڪجهه غير مسلم علائقن مان لنگهندي مونکي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو. ترڪي ۾ باسفورس سمنڊ مٿان ٺهيل پُل تان پيرين پنڌ ڪراس ڪرڻ جي اجازت ملڻ لاءِ مونکي ٻه ٽي هفتا انتظار ڪرڻو پيو ۽ اردن ۽ سعودي عرب جي بارڊر وٽ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي ٻه مهينا ترسڻو پيو.“
سيناد حاذق سال ۲۰۱۱ع جي ڊسمبر ۾ پنهنجو گهر ڇڏيو. ان وقت يورپ ۾ سخت سردي جي موسم هئي ۽ بلغاريه ۾ ٿڌ جو پڌ ڪاٽو ٽيهه (-۳۰۰c) هو. هو ستن ملڪن مان ٿيندو سال ۲۰۱۲ع ۾ آڪٽوبر جي مهيني ۾ سعودي عرب پهتو. سعودي عرب ۾ ته وري به ايڏي گرمي نه هئي پر ان کان اڳ واري ملڪ اردن ۾ گرميءَ جو پڌ واڌو چاليهه ڊگريون (+۴۰۰c)  هو جيڪو هڪ يورپي ماڻهوءَ لاءِ تمام گهڻو سمجھڻ کپي خاص ڪري ان لاءِ جنهن اهڙي گرم  موسم پهريون دفعو محسوس ڪئي هجي.

مٿي ترڪيءَ ۾ ”باسفورس سمنڊ“ مٿان ٺهيل پل تان لنگهڻ جو ذڪر آيو آهي. بوزنيا جي هن حاجي صاحب سيناد حاذق جي پيرين پنڌ حج جي ڪهاڻي ته اتي ختم ٿي. هن جي مڪي پهچڻ تي وڏي آڌر ڀاءَ ڪئي وئي ــــ خاص ڪري ان ڪري به جو هو يورپي هو. اسان جو ڪو پاڪستاني ان معاملي ۾ سوچي سمجھي قدم کڻي جو اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جا ماڻهو ٻين ملڪن ۾ غير قانوني طرح گهڙڻ (هيومئن ٽرئفڪنگ) ۽ سمگلنگ جي وارداتن ۾ ايترو بدنام ٿي چڪا آهن جو هر ملڪ قانوني طرح ايندڙن کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو. 

No comments:

Post a Comment