ڇا گهمي سگهندؤ... ... .
الطاف شيخ
هڪ ڏينهن ڪلاڪ ڏيڍ بنارس جي اسٽيشن
تي ويهي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي ڏسندو رهيس. ريل گاڏي آئي ٿي ته سوين ماڻهن جو ريلو
لنگهي ويو ٿي. انهن ۾ ڪجهه مڪاني به نظر آيا ٿي جيڪي پنهنجي گهر هليا ويندا هوندا پر
بنارس ۾ گهڻي ڀاڱي ٽوئرسٽ اچن ٿا... .. انڊيا جي مختلف شهرن ۽ ٻاهرين ملڪن جا هندو،
غير هندو ٽوئرسٽ، امير ماڻهو، غريب ماڻهو... . واقعي بنارس وڏو ٽوئرسٽ اسپاٽ آهي جِتي
سال جا سمورا ڏينهن ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا. ٽوئرسٽن ڪري هِتي بنارس توڙي انڊيا جي ٻين
شهرن ۾ هوٽل انڊسٽري به ترقي ڪئي آهي. دهلي ۽ بمبئي ۾ به جِتي ڪٿي هوٽلون نظر اچن ٿيون
پر هِتي بنارس ۾ ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي... . امير ماڻهن جي رهائش لاءِ فائِو ۽ فور اسٽار
هوٽلن کان وٺي غريبن لاءِ سستيون ۽ ساديون هوٽلون ۽ گيسٽ هائوس آهن جن جي وڏن ڪمرن
۾ ٽي ٽي چار چار گيسٽ به رکيا وڃن ٿا. جِتان لنگهه اتي هوٽلون ۽ گيسٽ هائوس نظر اچن
ٿا. ڪجهه جا نالا دلچسپ ۽ عجيب لڳن ٿا. هڪ ڏينهن شهر جي مختلف گهٽين ۾ چڪر هڻندي ڪجهه
گيسٽ هائوسن جا نالا نوٽ ڪيم. توهان کي انهن بابت آئيڊيا ڏيڻ خاطر توهان سان Share
ڪري رهيو آهيان:
