پئرس جي سين ندي، الوداع!
عبدالحي پليجو
ڪاوش ۾ ڇپيل اڳوڻي ڪالم ۾ پئرس مان لنڊن وڃڻ جي تيارين
جو ذڪر ڪيو هو. اسان کي لنڊن اسهڻ جي تياري ڪرڻي هئي. واڪ ڪرڻ بعد پئرس ۾ هوٽل پهتاسين،
جتي پهرين محبوب کي جلد تيار ٿيڻ لاءِ چيوسين ۽ اسان به جلد تيار ٿي پنهنجو سامان ٻاهر
در جي اڳيان رکي، لفٽ ۾ چڙهي اچي هيٺ آخري ڀيرو مفت جي نيرن سان هٿ اٽڪاياسين. ڇاکائي
ڇا کائجي، ٽيبل تي رکيل طعامن کي ڏسڻ سان ئي دل ڀرجيو وڃي. پر ناشتي ۾ فرانس جي روائتي
ڊبل روٽي، آلپائن ميوزلي ۽ انناس جو جوس ته ماڻهو ڇڏي نٿو سگهي ۽ ائين انهن سان ئي
پيٽ ڀرجيو وڃي. محبوب چيو ته لنڊن ڪيڏيءَ مهل پهچبو. مون چيس ته اٽڪل شام جو ڇهين بجي
گهر پهچي وڃبو. پر جڏهن انگلش چئينل ۾ شپ ۾ سير ڪبو ته لنڊن ۽ پئرس وسري ويندي ۽ دل
چاهيندي آهي ته شپ ۾ پيو سير ڪجي.
