اسان جو بيروزگار نوجوان
ڇا ڪري؟
الطاف شيخ
مون وٽ اي
ميل ذريعي ڪيترا ئي خط اچن ٿا. جن ۾ اسان جا نوجوان، بيروزگاريءَ بابت پنهنجي ڏُکَ
جو اظهار ڪن ٿا. اها حقيقت به آهي ته، اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي آهي. خاص
ڪري سرڪاري کاتن ۾ ايتريون نوڪريون نه آهن. سياستدان ۽ وزير پوري ڪوشش ۾ رهن ٿا ته،
ڪٿي ڪي خالي جايون نڪرن ته پنهنجن ورڪرن کي ڏئي، منهن سرخرو ڪجي. افسوس جي ڳالهه اها
آهي ته اسان جو نوجوان رڳو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو خواهشمند نظر اچي ٿو ۽ اسان وٽ
پي آءِ اي ۽ سنڌي ادبي بورڊ سميت ڪيترن ئي کاتن ۾ ماڻهو ضرورت کان وڌيڪ يا اضافي آهن.
ان هوندي به اسان جا وزير ۽ سياستدان کوٽي کوٽي ڪجهه نوڪريون ڪڍن ٿا، جن لاءِ عام شڪايت اها آهي ته، اهي نوڪريون ميرٽ تي ڏيڻ
بدران پنهنجن مائٽن ۽ من پسند ماڻهن کي ڏنيون وڃن ٿيون ۽ مٿن اها به الزام تراشي آهي ته هو اهي نوڪريون پئسن تي وڪڻن به ٿا.
