Tuesday, November 03, 2026

مارئيءَ جي ملڪ ۾ - عبدالستار لغاري

مارئيءَ جي ملڪ ۾

(ٿر جو سفرنامو)

عبدالستار لغاري



ھن سال مُلڪ جي اترئين علائقن ۾ گھمڻ کانپوءِ شوق جاڳيو ته ڇو نه ٿر جو به پروگرام ٺاھجي، ان خيال کان دل ۾ ھڪ آس جاڳي ته جيڪر ٿر ۾ برساتون گھڻيون پون ته گھمڻ جو مزو ٻيڻو ٿي وڃي. پر افسوس ٿر ۾ گھٽ برساتون پيون ۽ سخت مايوسي ٿي. ھڪ ڏينھن سوشل ميڊيا تي ھڪ پوسٽ نظر آئي، جنھن مطابق ڪجھ دوست ھڪ قافلو ٿر جي ٻن ڏينھن جي ٽوئر تي وٺي وڃڻ چاھين پيا. مون پنھنجي دوستن محمد اسماعيل لغاري ۽ عبدالرزاق لغاري کي آگاھ ڪيو ۽ پوءِ اسان ٽنھي ٿر جي ٻن ڏينھن جي لاءِ سيٽون بڪ ڪرايون. ٻن ڏينھن جي سفر ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نوان دوست مليا، جن ۾ گھڻن جو تعلق تعليم کاتي سان ھو. پنجين سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي سفر حيدرآباد کان شروع ٿيو، جنھن ۾ اسان ٽنڊي الھيار ۾ شامل ٿياسين.

Sunday, August 09, 2026

سنڌي سفرنامن جي ڪتابن ۾ هڪ منفرد واڌارو - ذلفي چاچڙ

سنڌي سفرنامن جي ڪتابن ۾ هڪ منفرد واڌارو

ذلفي چاچڙ



انسان جو سفر تڏهن ئي شروع ٿئي ٿو، جڏهن هو هن فاني دنيا ۾ جنم وٺي ٿو ۽ پهرين ساهه سان گڏ سندس حياتيءَ جي پنڌ جو آغاز ٿئي ٿو. اهو هڪ اهڙو سفر آهي، جيڪو مختلف مرحلن، موڙن، لاهين ۽ چاڙهين تان ٿيندو، ماڻهو کي ڪيئي ماجرائون، عجيب واقعا، ڏک ۽ سک جا انيڪ لمحا ڏيکاريندو رهي ٿو. زندگي پاڻ هڪ مسلسل هجرت، هڪ اڻکٽ مسافت ۽ مسلسل کوجنا جو نالو آهي. جڏهن ڪو حساس انسان ان پنڌ کي رڳو پيرن سان نه پر دل جي اکين سان ڪندو آهي، تڏهن ادب جنم وٺندو آهي.

Thursday, March 05, 2026

ڳالھيون سنڌ ۽ ڪوريا جي مچ ڪچھرين ۽ ٻين ثقافتي ورثي جھڙين رسمن جون - نصير اعجاز

ڳالھيون سنڌ ۽ ڪوريا جي مچ ڪچھرين ۽ ٻين ثقافتي ورثي جھڙين رسمن جون

نصير اعجاز


جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ وڏي ترقي ڪندڙ مُلڪ ڏکڻ ڪوريا ۾ گھمڻ ڦرڻ دوران ڪِن ھنڌن تي مان حيران ٿيندو ھيس جڏھن ماڻھن کي پنھنجون آسون اُميدُون پوريون ڪرڻ لاءِ بلڪل اھڙا ئي عمل ڪندي ڏٺم جھڙا ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ ۽ پنھنجي سنڌ ۾ ڏسون ٿا. مان ھتي ھڪڙو مثال ڏيندس. ھڪ قديم ڳوٺ ۾، جنھن کي يونيسڪو عالمي ورثي جي حيثيت ڏئي چُڪو آھي ۽ جنھن کي ڪوريائي حڪومت نه رُڳو محفوظ رکيو پر اُن کي سياحت جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي، اُتي ھڪ چوديواريءَ اندر ھڪ قديم وڻ ھو جنھن جي ٽارين ۾ سوين پنا ٻڌل نظر آيا جن تي ھر ايندڙ ماڻھو پنھنجي خواھش لکي ٻڌي ڇڏيندو آھي. اُتي ايندڙ ماڻھن لاءِ خاص طور ننڍا پنن جا ٽُڪرا رکيل ھئا ته جيئن ھر ايندڙ ماڻھو پنھنجي ڪا خواھش لکي سگھي.