ڳالھيون سنڌ ۽ ڪوريا جي
مچ ڪچھرين ۽ ٻين ثقافتي ورثي جھڙين رسمن جون
نصير اعجاز
جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ وڏي ترقي
ڪندڙ مُلڪ ڏکڻ ڪوريا ۾ گھمڻ ڦرڻ دوران ڪِن ھنڌن تي مان حيران ٿيندو ھيس جڏھن ماڻھن
کي پنھنجون آسون اُميدُون پوريون ڪرڻ لاءِ بلڪل اھڙا ئي عمل ڪندي ڏٺم جھڙا ڏکڻ
ايشيا جي ملڪن ۾ ۽ پنھنجي سنڌ ۾ ڏسون ٿا. مان ھتي ھڪڙو مثال ڏيندس. ھڪ قديم ڳوٺ ۾،
جنھن کي يونيسڪو عالمي ورثي جي حيثيت ڏئي چُڪو آھي ۽ جنھن کي ڪوريائي حڪومت نه رُڳو
محفوظ رکيو پر اُن کي سياحت جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي، اُتي ھڪ چوديواريءَ اندر ھڪ
قديم وڻ ھو جنھن جي ٽارين ۾ سوين پنا ٻڌل نظر آيا جن تي ھر ايندڙ ماڻھو پنھنجي
خواھش لکي ٻڌي ڇڏيندو آھي. اُتي ايندڙ ماڻھن لاءِ خاص طور ننڍا پنن جا ٽُڪرا رکيل
ھئا ته جيئن ھر ايندڙ ماڻھو پنھنجي ڪا خواھش لکي سگھي.
پر تازو سنڌ ۽ ڪوريا جي رسمن ۾
ھڪ ٻي دلچسپ ڳالھ معلوم ٿي. مارچ جي ٽين تاريخ اسان وٽ اڃان صبح جا پنج ٿيا ھئا ته
ڪوريا مان دوست لِي سانگ ڪِيءَ جو ميسيج پڙھيم ته ھُو انھيءَ رات ڪوريائي قوم جي
نئين سال تي مچ ٻارڻ واري رسم مان ٿي موٽيو آھي. سندس نياپو وچ اوڀر ۾ ڀڙڪيل جنگ
جي باھ جي ڀڀڙن ۽ ڪوريا ۾ مچ ٻارڻ واري رسم جي حوالي سان ھو. ڪوريا وارن جو نئون
سال چنڊ جي حساب سان شروع ٿيندو آھي. انھيءَ موقعي تي وٽن ٽي ڏينھن عام موڪل ھوندي
آھي. انھيءَ موقعي تي ھڪ رات (ٽين مارچ واري رات ھئي) جڏھن اُتي مڪمل چنڊ ھو، ۽
سندس چوڻ موجب ڪوريائي قوم اُن رات وڏا مچ ٻاري جشن ملھائيندي آھي. انھيءَ رسم کي
جيوئنگوول ديبورم سڏيو ويندو آھي. اسان وٽ سنڌ ۾ سياري جي مُند ۾ مچ ڪچھريون پيون
ھلنديون آھن جيڪي اسان جي ثقافتي سُڃاڻپ بڻجي چُڪيون آھن، پر ڪوريا ۾ ھر سال ھڪ
رات اھي مچ ٻرندا آھن.
جيوئنگوول ديبورم (Jeongwol Daeboreum) ڪوريا جي قديم ۽ اهم
ڏڻن مان هڪ آهي، جيڪو قمري يعني چنڊ واري سال جي پھرين مھيني جي ۱۵ تاريخ تي
ملھايو ويندو آهي جڏھن چنڊ جوڀن تي ھوندو آھي. ۳ مارچ ۲۰۲۶ع تي ڪوريا ۾ هي ڏينھن
نھايت جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو. ڪوريائي ثقافت ۾ هن ڏينهن کي مڪمل چنڊ جو ڏڻ چيو
ويندو آهي. ھيءَ اها اها رات هوندي آهي جڏهن نئين سال جو پهريون مڪمل چنڊ آسمان تي
چمڪندو آهي، جيڪو خوشحالي، روشني ۽ برڪت جي علامت سمجهيو ويندو آهي.
هن رسم جي شروعات قديم ڪوريائي
دور کان ٿي، جنهن جا نشان ٽن بادشاهتن جي دور ۾ ملن ٿا. قديم تاريخي ڪتابن موجب،
هن ڏينهن کي ملھائڻ جو ذڪر سيلا سلطنت جي بادشاهه سوجي (King Soji)
جي دور (۴۷۹–۵۰۰ عيسوي) ۾ ملي ٿو. قديم دور ۾ جڏهن ڪوريا
هڪ زرعي سماج هو، تڏهن مڪمل چنڊ کي نسل وڌائڻ ۽ ساوڪ جي علامت سمجهيو ويندو هو.
هارين جو يقين هو ته هن ڏينهن تي ڪيل دعائون سڄي سال جي فصل کي محفوظ رکنديون ۽
ڏڪار کان بچائينديون.
تاريخي طور تي هن ڏينهن سان
ڪيتريون ئي دلچسپ رسمون جڙيل آهن. مثال طور ھڪ رسم کي دالجپ تائيوگي (Daljip Taeugi): سڏين ٿا جنھن ۾ ماڻهو
ڪاٺين ۽ گاهه جا وڏا ڍير (جنهن کي چنڊ جو گهر سڏين) ٺاهي باهه ڏيندا هئا. هن باهه
جي ذريعي گذريل سال جون برائيون ساڙيون وينديون هيون. ٻي رسم جويبل نوري (Jwibulnori) سڏجي جنھن ۾ هاري پنهنجي
ٻنيءَ جي ڪنارن تي سڪل گاهه کي باهه ڏيندا هئا ته جيئن جيت جڙيا مري وڃن ۽ ٻنيءَ
جي مٽي زرخيز ٿئي. اڄڪلهه هيءُ عمل هڪ راند جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي جنهن ۾ باهه
جا گولا هوا ۾ گهمايا ويندا آهن.
ھڪ رسم گوبالگي سل يعني Ear-sharpening Wine سڏجي
ٿي جنھن ۾ قديم زماني کان روايت آهي ته انھيءَ ڏينهن صبح جو ٿڌو شراب پيتو وڃي ٿو
ته جيئن سڄو سال ڪَن صرف سٺيون خبرون ٻڌن. تاريخي طور تي هن ڏينهن تي اوگوڪ باپ (Ogokbap) يعني پنجن اناجن وارو خاص کاڌو
تيار ڪيو ويندو آهي. ان سان گڏ خشڪ ڀاڄيون کائڻ جي روايت آهي ته جيئن گرمين جي
موسم ۾ جسم کي طاقت ملي سگهي. ان کان علاوه، ٻار ۽ وڏا سخت کل وارا ميوا (نٽس)
ڏندن سان ڀڃندا آهن ته جيئن انهن جا ڏند مضبوط رهن ۽ چمڙي جي بيمارين کان بچي سگهن.
ڪوريائي مچ ڪچھريءَ پُٺيان وري
ھڪ دلچسپ روايت آھي. روايت آهي ته سن ۴۸۸ع ۾، نئين سال جي پهرين مڪمل چنڊ واري
ڏينهن، هڪ ڪانءُ بادشاهه جي آڏو هڪ خط کڻي آيو. ان خط تي لکيل هو ته جيڪڏهن هي خط
کوليو ويو ته ٻه ماڻهو مرندا، پر جي نه کوليو ويو ته هڪ ماڻهو مرندو. بادشاهه
حيران ٿي ويو، پر هڪ دانشمند جي صلاح تي خط کوليو ويو، جنهن ۾ لکيل هو: “ھڪدم محل
جي اندر تيرن سان حملو ڪريو.” جڏهن بادشاهه ايئن ڪيو ته معلوم ٿيو ته راڻي ۽ هڪ
راهب محل جي اندر بادشاهه جي خلاف سازش ڪري رهيا هئا. ان ڏينهن کان پوءِ، بادشاهه
ڪانءَ جو ٿورائتو ھجڻ طور ان ڏينهن کي مقدس قرار ڏنو ۽ ڪاري رنگ جي چانورن (Yakshik) جو کاڌو تيار ڪري پکين کي
کارائڻ جي روايت شروع ڪئي.
هن ڏينهن تي هڪ ڏاڍي دلچسپ ۽
مزاحيه رسم به هوندي آهي جنهن کي “ڊيوي پالگي“ (Deowi
Palgi) چئبو آهي. انھيءَ رسم موجب صبح جو سوير
پنهنجي ڪنهن دوست يا گهر واري سان ملڻ شرط ان جو نالو پڪاربو. جيڪڏهن هن جواب ڏنو،
ته موٽ ۾ تڪڙ ۾ چئبو: ”منهنجي گرمي خريد ڪر.“
(Nae deowi sagara!).
اهو سمجهيو ويندو آهي ته جيڪڏهن
توهان ڪاميابيءَ سان پنهنجي “گرمي” ڪنهن ٻئي کي وڪرو ڪري ڇڏي، ته توهان کي ايندڙ
سخت اونهاري ۾ گرمي نه لڳندي ۽ توهان سڄو سال ٿڌا رهندو. اڄڪلهه ڪوريا ۾ دوست هڪ
ٻئي کي فون ڪري به اھڙو چرچو ڪندا آهن.
قديم دور ۾، جيوئنگوول ديبورم
جي رات چنڊ جو رنگ ۽ حالت کي ڏسي سڄي سال جي اڳڪٿي ڪئي ويندي هئي. مثال طور جيڪڏهن
چنڊ جو رنگ بلڪل اڇو ۽ صاف هجي، ته ان جو مطلب هوندو هو ته هن سال تمام گهڻي بارش
ٿيندي. جيڪڏهن چنڊ ڪجهه ڳاڙهاڻ مائل هجي، ته اها ڏڪار (Famine) جي نشاني سمجهي ويندي هئي. جيڪڏهن چنڊ آسمان ۾ ٿورو اتر طرف جهڪيل هوندو
هو، ته سمجهيو ويندو هو ته جبلن وارن علائقن ۾ فصل سٺو ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ڏکڻ طرف
هجي ته ساحلي علائقن ۾ خوشحالي ايندي.
هن ڏينهن تي صرف انسان نه، پر
گهر ۾ پاليل جانورن جو به خاص خيال رکيو ويندو آهي. هارين جي گهرن ۾ ڳئون کي
اوگوڪباپ (پنجن اناجن وارا کاڌا) ۽ ڀاڄيون پيش ڪيون وينديون آهن. هڪ دلچسپ عقيدو
آهي ته جيڪڏهن ڳئون پهرين چانور کائي ته ان جو مطلب آهي ته اناج جو فصل سٺو ٿيندو،
پر جي هوءَ پهرين ڀاڄيون کائي ته سڀ سمجهندا هئا ته ڀاڄين جو فصل گهڻو ٿيندو.
قديم دور ۾ ڪجهه علائقن ۾ ماڻهو
هن ڏينهن تي ڪتن کي ماني نه ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جو خيال هو ته مڪمل چنڊ جي
ڏينهن ماني کائڻ سان ڪتا بيمار ٿي پوندا آهن. (اها روايت هاڻي ختم ٿي چڪي آهي).
ڪوريائي لوڪ ڪهاڻين ۾ مڃيو
ويندو آهي ته جيوئنگوول ديبورم جي رات جيڪو ماڻهو سڀ کان پهرين مڪمل چنڊ کي ڏسندو،
ان جي سڀ کان وڏي خواهش پوري ٿيندي. ان ڪري انھيءَ رات به هزارين ماڻهو جبلن جي
چوٽين يا ساحل تي وڃي چنڊ جي اڀرڻ جو انتظار ڪندا آهن.
ڏکڻ ڪوريا جي وڏن شهرن جهڙوڪ
سيئول يا بوسان ۾ مچ جي جون وڏيون تقريبون ٿينديون آھن. بوسان، جيڪو سامونڊي ڪناري
تي آهي، اتي هي ڏڻ سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي. خاص ڪري هائيونڊي (Haeundae) ۽ گوانگالي (Gwangalli) جي
ساحلن تي اھي پروگرام ٿيندا آھن جنھن ۾ سمنڊ جي ڪناري تي بانس جي ڪاٺين، وڻن جي
ٽارين ۽ سڪل گاهه مان هڪ تمام وڏو منارو يا مخروطي شڪل جو “گهر” ٺاهيو ويندو آهي،
جنهن کي دالجپ (Daljip) يعني
“چنڊ جو گهر” چئبو آهي. ان ڏينهن تي هزارين ماڻهو ڪاغذن جي پرچين تي پنهنجون
خواهشون ۽ دعائون لکي، ان مُناري جي ڪاٺين سان ٻڌي ڇڏيندا آهن.
باهه ڏيڻ جو وقت به مقرر ھوندو
آھي. جيئن ئي رات جو مڪمل چنڊ سمنڊ جي افق تان اڀرندو، ته ان وڏي ڍير کي باهه ڏني
ويندي آھي. عقيدو آهي ته باهه جا اهي ڀڀڙ جڏهن آسمان ڏانهن ويندا آهن، ته اهي
ماڻهن جي دعائن کي چنڊ تائين پهچائيندا آهن. سمنڊ جي لهرن جي ويجهو اها وشال باهه
۽ مٿان مڪمل چنڊ جو نظارو سياحن لاءِ هڪ يادگار تجربو هوندو آهي.
سيئول ۾ هانوڪ وليج (قديم
روايتي گهرن وارو ڳوٺ) ۾ هيءَ رات ملھائي ويندي آھي. اُتي باهه ڏيڻ کان اڳ روايتي
ڪوريائي دهل ۽ شرنائيون وڄائيون وينديون آهن. ماڻهو گڏجي ناچ ڪندا آهن ته جيئن
بدروحن کي ڀڄائي سگهجي. سيول جي کليل ميدانن ۾ انھيءَ رات نوجوان باهه سان ڀريل
لوهي دٻا وڏي مهارت سان گول دائري ۾ گهمائيندا آھن. جڏهن سوين ماڻهو ايئن ڪندا
آهن، ته لڳندو آهي ڄڻ باهه جا ڪيئي گولا هوا ۾ ترندا هجن.
جڏهن دالجپ يعني چنڊ جو گھر سڙي
رهيو هوندو آهي، ته ماڻهو ڏاڍي غور سان ڏسندا آهن ته اهو ڪهڙي پاسي ڪري ٿو. جيڪڏهن
اهو اوڀر يا ڏکڻ طرف ڪري، ته چيو ويندو آهي ته هن سال ملڪ ۾ زبردست خوشحالي ايندي.
جيڪڏهن اهو مڪمل طور سڙي رک ٿي وڃي ۽ سڌو هيٺ ڪري، ته ان جو مطلب آهي ته سڀني
ماڻهن جون مرادون پوريون ٿينديون.
ڪوريائي ثقافت جون اهي مخصوص
رسمون، خاص طور تي باهه جا گولا گهمائڻ يا “چنڊ جو گهر” ساڙڻ، سنڌي ثقافت جي عام
رسمن کان ڪافي مختلف آهن. ڪوريا جو سماج قديم زماني کان سخت سردي ۽ برفباريءَ جي
ڪري سياري کان پوءِ بهار جي آمد کي هڪ وڏي واقعي طور ملهائيندو هو، جتي باهه کي
گرمائش ۽ زندگيءَ جي علامت طور استعمال ڪيو ويندو هو. ان جي برعڪس، سنڌ جي موسم ۽
جاگرافيءَ ۾ خوشحاليءَ جو دارومدار باهه بدران پاڻيءَ (سنڌو درياءُ) تي رهيو آهي.
ان ڪري اسان وٽ درياھ شاهه جي عبادت جهڙيون رسمون وڌيڪ عام آهن.
ڪوريا ۾ اهي رسمون گهڻو ڪري
شمنزم (Shamanism) ۽ قديم لوڪ
عقيدن تي ٻڌل آهن، جتي باهه کي بدروحن کي ڀڄائڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي. سنڌ ۾
اسان وٽ صوفيانه روايتن ۽ لوڪ ڏاهپ جو اثر وڌيڪ آهي، جتي وڻن کي ساڙڻ بدران انهن
جي حفاظت يا پکين کي داڻو وجهڻ جهڙيون رسمون وڌيڪ ملن ٿيون. جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ ۾
هولي يا “لوهڙي” جي موقعي تي باهه ٻارڻ جي روايت موجود آهي، پر ڪوريائي رسم
جيوئنگوول ديبورم ۾ باهه جو زرعي مقصد (ٻنيءَ جي جيتن کي مارڻ) ۽ ان کي باقاعده
“گهر” جي شڪل ڏئي ساڙڻ جو انداز بلڪل منفرد آهي.
اصل ۾ هر تهذيب پنهنجي ماحول ۽
تاريخ جي مطابق پنهنجا الڳ رنگ تخليق ڪندي آهي. ڪوريا جي هيءَ مڪمل چنڊ واري رات
پنهنجي جاءِ تي منفرد آهي، جيئن سنڌ ۾ چيٽي چنڊ يا ٻيون موسمي رسمون پنهنجي الڳ
سڃاڻپ رکن ٿيون. جيوئنگوول ديبورم به رڳو هڪ ڏڻ ناهي، پر ڪوريائي قوم جي پنهنجي
ڌرتي، فصلن ۽ خاندان سان محبت جو هڪ تاريخي اظهار آهي. اڄ به جديد ڪوريا ۾ ان جي
تاريخي حيثيت برقرار آهي.
(ڏھاڙي دي ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment