Wednesday, August 24, 2011

يوگنڊا جو عيدي امين - الطاف شيخ

يوگنڊا جو عيدي امين
الطاف شيخ
منهنجي خيال ۾ آفريڪا جي ڳالهه ڪندي عيدي امين جو ذڪر نه ڪرڻ سان سفرنامو ٻُسو ٻُسو لڳندو. عيدي امين 1971ع ۾ يوگنڊا جو صدر ٿيو ۽ 1979ع ۾ جان بچائي پنهنجي ملڪ کان ڀڳو ۽ جلدي ۾ عربن وٽ اچي پناهه ورتائين. پنهنجي صدارت واري دور ۾ هن ڇا ڇا نه ظلم، خرمستيون، بيوقوفيون، ٽرڙپايون، ڦرلٽ، عياشيون ۽ مذهب جا ڍونگ ڪيا.

Saturday, August 20, 2011

سياستدان ملڪ کي ٺاهين به ٿا ته ڊاهين به ٿا - الطاف شيخ


سياستدان ملڪ کي ٺاهين به ٿا ته ڊاهين به ٿا
الطاف شيخ
ملائيشيا، سنگاپور، جپان، ڏکڻ ڪوريا ويندي انڊيا ۽ ايران جهڙن ملڪن جي ترقي جو راز ان ۾ به آهي جو اتي صحيح طرح جهموريت آهي. ملڪ جو چونڊيل حاڪم پنهنجو مدو پورو ٿيڻ تي ماٺ ميٺ ۾ صدارتي محل يا وزيراعظم هائوس جي پچر ڇڏي پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ اچيو رهي ۽ نئين چونڊيل صدر يا وزيراعظم کي عوام جي خذمت جو موقعو ڏئي ٿو. هر چونڊيل نمائندو ملڪ ۽ عوام جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ محنت ڪري ٿو ڇو جو هن لاءِ سياست معنى عوام جي خذمت ڪرڻ آهي. اسان وٽ ايشيا ۾ ڪجهه اهڙا ملڪ آهن ۽ آفريڪا ۾ ته ڪيترائي، جن جا چونڊيل نمائندا ملڪ جا حاڪم ٿيڻ تي پنهنجو وقت ۽ ملڪ جا ادارا ۽ خزانو عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ وقف ڪرڻ بدران ان جاکوڙ ۾ لڳائين ٿا ته ڪنهن طرح سان هن مليل تخت ۽ تاج کي چنبڙيو رهجي. ڪيئن ملڪ جو ناڻو ڦري لٽي پنهنجون ٽجوڙيون ڀرجن ۽ جمهوريت طرفان مليل عهدي کي ڪيئن شهنشاهي راڄ ۾ تبديل ڪجي ۽ هڪ طرف سمورا پاور پنهنجي قبضي ۾ ڪجن ته ٻئي طرف هي راڄ پشت به پشت هلندو رهي. پر هو ڇا چوندا آهن ته نادر نادر آهي ته قادر به قادر آهي. يا کڻي چئجي ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته الله جي من ۾ ٻي. ۽ بيشڪ الله به وڏو Planner آهي. ائين نه هجي ها ته هيءَ دنيا ظلمن وگهي ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪي هجي ها. اسانجي ايشيائي توڙي آفريڪي حاڪمن کي افسوس جو اڄ تائين تاريخ مان اهو سبق نه مليو آهي. هو پنهنجي حساب سان پاڻ کي ايڏو ته مضبوط حاڪم بنائين ٿا ۽ واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي، هر ڏسڻ واري کي ائين لڳندو آهي ته هي حاڪم هاڻ ايڏو ته طاقتور بڻجي ويو آهي جو دنيا جي ڪا طاقت هن کي هٽائي نه سگهندي. پر شايد اسان توڙي اهو حاڪم ان سوچ کان کوکلو هوندو آهي ته دنيا جي طاقت کان وڌيڪ قدرت جي طاقت آهي ۽ پوءِ اسان جي اکين اڳيان اهڙا ڪيترائي مثال جنم وٺندا آهن جن ۾ ظالم حاڪم جيڪو اهي ئي خواب لهندو وتندو آهي ته هن کان پوءِ هن جا پٽ، پوٽا ۽ پڙپوٽا حاڪم ٿيندا، اهو پاڻ ئي هن دنيا مان غائب ٿي ويندو آهي. اهڙن مثالن سان آفريڪا کنڊ جا ملڪ ڀريا پيا آهن. اسان وٽ به ضيا جو مثال مشهور آهي جيڪو هوائن ۾ ائين ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو جو دفن لاءِ هڪ انسان جو جسم نه پيو ٺهي سگهي! يوگنڊا هڪ سکيو ستابو، قدرتي نظارن سان ڀرپور، واپار وڙي ۾ بيحد امير ملڪ هو. ايترا تعليمي ادارا انگريزن سنڌ ۽ پنجاب ۾ به نه ٺهرايا جيترا يوگنڊا ۾ قائم ڪيا، ڊسيپلينڊ فوج ۽ پوليس، اڻ ميو کاڌو خوراڪ ۽ هر ڳالهه جو بلند معيار هو. ايتريقدر جو ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا کي آزادي ملڻ کان پوءِ سگهوئي اسان جو جڏهن ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار جي بازارين ۾ وڃڻ ٿيو ته ايئر ڪنڊيشنڊ ۽ مکين کان پاڪ گوشت مارڪيٽون، لنڊن ۽ هئمبرگ وانگر هتي به ٿيلهين ۽ بوتلن ۾ پئڪ ٿيل کير، وڪامندو ڏسي مون کي ياد آهي ته اتي رهندڙ گجراتين ۽ پوڙهن بوهري دڪاندارن کان آئون حيرت مان پڇڻ لڳس ته توهانجو هي آفريڪا ته اسان جي پاڪستان کان به ماڊرن آهي! مون ته سمجهيو ٿي آفريڪا جهنگلين جو ملڪ آهي. دراصل سٺ واري ڏهي تائين اسان وٽ نه اهي شاپر شروع ٿيا هئا جن ۾ اڄ ڪلهه هر شئي ملي ٿي ۽ نه مون پنهنجي ملڪ ۾ ڪا اهڙي صاف سٿري گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ ڏٺي هئي. ان ڪري منهنجي حيرت هڪ نارمل ڳالهه هئي ۽ منهنجي هن حيرت تي ممباسا جي هڪ آغا خاني کوجي (جنهن جا ڏاڏا پڙڏاڏا ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي شهر تلهار يا ٺٽي کان هتي اچي رهيا هئا) تنهن اهو ئي سبب ٻڌايو ته شايد هنن وٽ انگريز دير تائين رهيا. هن جو مطلب هو ته اسان کي ته انگريزن 1947ع ۾ ڇڏي ڏنو پر ڪينيا، تنزانيا ۽ يوگنڊا جهڙن ملڪن کي مزيد 16 سال ”سڌارڻ“ بعد 63-1962ع ڌاري آزاد ڪيو. ان ڪري هنن جو معيار ۽ ماڊرن هجڻ اسان کان وڌيڪ آهي.

Thursday, August 18, 2011

فوجي آمر جي اچڻ تي يوگنڊا جي عوام مٺايون ورهايون - الطاف شيخ


فوجي آمر جي اچڻ تي يوگنڊا جي عوام مٺايون ورهايون
الطاف شيخ
ننڍي کنڊ مان نڪرڻ کان اڳ انگريز حاڪمن رعيت کي پنهنجو پاڻ ۾ جوٽڻ لاءِ هڪ طرف هندو مسلمانن ۾ هيٺ مٿاهيون پيدا ڪيائون. هڪڙن کي انگريزي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون ڏيئي ٻين تي حاوي ڪيائون، ٻئي طرف مسلمانن ۾ پيدا ٿيل فرقن کي زور وٺائي ۽ قاديانين جهڙن مذهبن جي پٺڀرائي ڪري هڪ ٻئي سان ٽڪرائي ڇڏيو. ان کان علاوه هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير جو اڻپورو نبيريل مسئلو ڇڏي ويا جيئن هرڪو پنهنجيون ٻوٽيون پٽيندو رهي ۽ اهو ئي چوندو رهي ته هن حال کان ته انگريزن جي حڪومت بهتر هئي.

Wednesday, August 17, 2011

يوگنڊا کي پنهنجن ئي تباهه ڪيو الطاف شيخ


يوگنڊا کي پنهنجن ئي تباهه ڪيو
الطاف شيخ
ڪينيا جي ڳالهه ڪندي ان جي پاڙيسري ملڪن جو مختصر احوال ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ڪينيا لاءِ تنزانيا، يوگنڊا، سوماليا، اٿوپيا، سوڊان ۽ روانڊا ۽ برنڊي ملڪ ايئن آهن جيئن پاڪستان لاءِ ايران، انڊيا، افغانستان، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ عرب امارات.