Saturday, August 20, 2011

سياستدان ملڪ کي ٺاهين به ٿا ته ڊاهين به ٿا - الطاف شيخ


سياستدان ملڪ کي ٺاهين به ٿا ته ڊاهين به ٿا
الطاف شيخ
ملائيشيا، سنگاپور، جپان، ڏکڻ ڪوريا ويندي انڊيا ۽ ايران جهڙن ملڪن جي ترقي جو راز ان ۾ به آهي جو اتي صحيح طرح جهموريت آهي. ملڪ جو چونڊيل حاڪم پنهنجو مدو پورو ٿيڻ تي ماٺ ميٺ ۾ صدارتي محل يا وزيراعظم هائوس جي پچر ڇڏي پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ اچيو رهي ۽ نئين چونڊيل صدر يا وزيراعظم کي عوام جي خذمت جو موقعو ڏئي ٿو. هر چونڊيل نمائندو ملڪ ۽ عوام جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ محنت ڪري ٿو ڇو جو هن لاءِ سياست معنى عوام جي خذمت ڪرڻ آهي. اسان وٽ ايشيا ۾ ڪجهه اهڙا ملڪ آهن ۽ آفريڪا ۾ ته ڪيترائي، جن جا چونڊيل نمائندا ملڪ جا حاڪم ٿيڻ تي پنهنجو وقت ۽ ملڪ جا ادارا ۽ خزانو عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ وقف ڪرڻ بدران ان جاکوڙ ۾ لڳائين ٿا ته ڪنهن طرح سان هن مليل تخت ۽ تاج کي چنبڙيو رهجي. ڪيئن ملڪ جو ناڻو ڦري لٽي پنهنجون ٽجوڙيون ڀرجن ۽ جمهوريت طرفان مليل عهدي کي ڪيئن شهنشاهي راڄ ۾ تبديل ڪجي ۽ هڪ طرف سمورا پاور پنهنجي قبضي ۾ ڪجن ته ٻئي طرف هي راڄ پشت به پشت هلندو رهي. پر هو ڇا چوندا آهن ته نادر نادر آهي ته قادر به قادر آهي. يا کڻي چئجي ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته الله جي من ۾ ٻي. ۽ بيشڪ الله به وڏو Planner آهي. ائين نه هجي ها ته هيءَ دنيا ظلمن وگهي ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪي هجي ها. اسانجي ايشيائي توڙي آفريڪي حاڪمن کي افسوس جو اڄ تائين تاريخ مان اهو سبق نه مليو آهي. هو پنهنجي حساب سان پاڻ کي ايڏو ته مضبوط حاڪم بنائين ٿا ۽ واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي، هر ڏسڻ واري کي ائين لڳندو آهي ته هي حاڪم هاڻ ايڏو ته طاقتور بڻجي ويو آهي جو دنيا جي ڪا طاقت هن کي هٽائي نه سگهندي. پر شايد اسان توڙي اهو حاڪم ان سوچ کان کوکلو هوندو آهي ته دنيا جي طاقت کان وڌيڪ قدرت جي طاقت آهي ۽ پوءِ اسان جي اکين اڳيان اهڙا ڪيترائي مثال جنم وٺندا آهن جن ۾ ظالم حاڪم جيڪو اهي ئي خواب لهندو وتندو آهي ته هن کان پوءِ هن جا پٽ، پوٽا ۽ پڙپوٽا حاڪم ٿيندا، اهو پاڻ ئي هن دنيا مان غائب ٿي ويندو آهي. اهڙن مثالن سان آفريڪا کنڊ جا ملڪ ڀريا پيا آهن. اسان وٽ به ضيا جو مثال مشهور آهي جيڪو هوائن ۾ ائين ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو جو دفن لاءِ هڪ انسان جو جسم نه پيو ٺهي سگهي! يوگنڊا هڪ سکيو ستابو، قدرتي نظارن سان ڀرپور، واپار وڙي ۾ بيحد امير ملڪ هو. ايترا تعليمي ادارا انگريزن سنڌ ۽ پنجاب ۾ به نه ٺهرايا جيترا يوگنڊا ۾ قائم ڪيا، ڊسيپلينڊ فوج ۽ پوليس، اڻ ميو کاڌو خوراڪ ۽ هر ڳالهه جو بلند معيار هو. ايتريقدر جو ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا کي آزادي ملڻ کان پوءِ سگهوئي اسان جو جڏهن ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار جي بازارين ۾ وڃڻ ٿيو ته ايئر ڪنڊيشنڊ ۽ مکين کان پاڪ گوشت مارڪيٽون، لنڊن ۽ هئمبرگ وانگر هتي به ٿيلهين ۽ بوتلن ۾ پئڪ ٿيل کير، وڪامندو ڏسي مون کي ياد آهي ته اتي رهندڙ گجراتين ۽ پوڙهن بوهري دڪاندارن کان آئون حيرت مان پڇڻ لڳس ته توهانجو هي آفريڪا ته اسان جي پاڪستان کان به ماڊرن آهي! مون ته سمجهيو ٿي آفريڪا جهنگلين جو ملڪ آهي. دراصل سٺ واري ڏهي تائين اسان وٽ نه اهي شاپر شروع ٿيا هئا جن ۾ اڄ ڪلهه هر شئي ملي ٿي ۽ نه مون پنهنجي ملڪ ۾ ڪا اهڙي صاف سٿري گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ ڏٺي هئي. ان ڪري منهنجي حيرت هڪ نارمل ڳالهه هئي ۽ منهنجي هن حيرت تي ممباسا جي هڪ آغا خاني کوجي (جنهن جا ڏاڏا پڙڏاڏا ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي شهر تلهار يا ٺٽي کان هتي اچي رهيا هئا) تنهن اهو ئي سبب ٻڌايو ته شايد هنن وٽ انگريز دير تائين رهيا. هن جو مطلب هو ته اسان کي ته انگريزن 1947ع ۾ ڇڏي ڏنو پر ڪينيا، تنزانيا ۽ يوگنڊا جهڙن ملڪن کي مزيد 16 سال ”سڌارڻ“ بعد 63-1962ع ڌاري آزاد ڪيو. ان ڪري هنن جو معيار ۽ ماڊرن هجڻ اسان کان وڌيڪ آهي.

سو اها حقيقت آهي ته انگريزن جنهن وقت هنن ملڪن جي پچر ڇڏي ته هي ملڪ هر لحاظ کان ٺيڪ ٺاڪ هئا. تصور ڪريو ته ڪينيا ۽ يوگنڊا جو اسان جي ملڪ کان بهتر ريلوي سسٽم هو. يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري واري شهر ڪمپالا کان ريل گاڏي هلي ٿي ته سڄو يوگنڊا لتاڙي ڪينيا ملڪ ۾ داخل ٿي ٿي، جتي جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ مان ٿي سڄو ڪينيا لتاڙي ممباسا ٻيٽ تي اچي ٿي دنگ ڪيو. يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو هن خوبصورت سفر جو مزو ماڻڻ ۽ سفاري (جنگلي جانورن کي آزاد هلندو چلندو ڏسڻ) لاءِ يوگنڊا آيا ٿي ۽ فقط ان ڳالهه مان يوگنڊا وارن هر سال ڪروڙها ڪمايا ٿي. جيئن يورپي ماڻهو اڄ به بئنڪاڪ اچي ريل جو سفر ڪن ٿا جيڪا سڄو ٿائلنڊ لتاڙي پوءِ ڏکڻ ۾ ملائيشيا جو بارڊر ٽپي ملائيشيا اندر داخل ٿئي ٿي ۽ پينانگ، ڪوالالمپور، اپوح، سيگامت ۽ جوهر بارو جهڙا شهر لتاڙي سڄو ملائيشيا اڪري سنگاپور جي ٻيٽ تي اچي دنگ ڪري ٿي. ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ريلوي لائين به انگريزن ممباسا ۽ ڪمپالا وانگر انهن ئي سالن ۾ ٺهرائي ۽ ڪوالالمپور، سنگاپور، نئروبي ۽ ڪمپالا ريلوي اسٽيشن جي عمارت جو ڏيک حيدرآباد، ڪراچي، لاهور ۽ دهلي ريلوي اسٽيشن سان تمام گهڻو ملي ٿو ۽ هرڪو پهرين نظر ۾ ئي سمجهيو وڃي ته ان جو ٺاهڻ وارو ساڳيو آهي.
مون ريل رستي سنگاپور کان بئنڪاڪ ته تمام گهڻو سفر ڪيو آهي جنهن جو احوال پنهنجي هڪ سفرنامي ”اي جرني ٽو ٿائلنڊ“ ۾ پڻ ڪيو آهي پر هيڏانهن آفريڪا ڏي ممباسا کان نئروبي هڪ ٻه دفعو ريل رستي آيو آهيان. ٻنهي سفرن کي ڀيٽيان ٿو ته هي آفريڪا وارو سفر وڌيڪ خوبصورت ۽ تفريح وارو آهي پر افسوس جو انگريزن جي وڃڻ بعد ڏهاڪو سالن اندر آزاد حڪومتن هن ڪمائيءَ جي ذريعي کي به ائين ستيا ناس ڪري ڇڏيو جيئن اڄ اسان PIA جي ڪري ڇڏي آهي. سو اهڙي طرح انگريزن جي وڃڻ وقت هنن آفريڪي ملڪن جو نه فقط ريلوي نظام پر ٽپال کاتو، ڪورٽون، تعليم، پوليس.... هر کاتو انگلنڊ جهڙو هو. ماڻهو سک، سڪون ۾ هئا. ملڪ خوشحال هئا ۽ ترقي ڏي گامزن هئا. ملڪ کي ڦرڻ لٽڻ وارا انگريز ست سمنڊ ڏور پنهنجي وطن روانا ٿي چڪا هئا. پر افسوس جڏهن گهر جون واڳون گهرڌڻين حوالي ٿيون ته گهر جا ڀاتي ان کي ٺاهڻ بدران پنهنجي گهر جي ڀينگ ڪرڻ لڳا. يوگنڊا ڇڏڻ وقت يوگنڊا جي قبيلن، مختلف رياستن جي طاقتور بادشاهن ۽ سردارن کي انگريزن ڌيان ۾ رکي هڪ قبيلي جي سردار جي پڙهيل ڳڙهيل پٽ ملٽن اوبوٽو کي وزيراعظم جي ڪرسي ڏني جيڪا ملڪ جي طاقتور (executive) پوسٽ هئي. باقي ٻن بادشاهي قبيلن مان هڪ کي ملڪ جو صدر ۽ ٻئي کي نائب صدر بنايو. ٿوري به ايمانداري ۽ ملڪ لاءِ پيار هجي ها ته يوگنڊا جو ملڪ اڄ 50 سالن بعد ملائيشيا ۽ سنگاپور کان به ماڊرن هجي ها، ڇو جو 1962ع ۾ يوگنڊا کي آزادي ملڻ وقت يوگنڊا اهڙن ملڪن، بلڪ ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا کان به، هر ڳالهه ۾ وڌيڪ ماڊرن ۽ آزاد هو. پر افسوس جو ملڪ جي واڳ جنهن حاڪم کي ملي ان مال ملڪيت ۽ سياسي طاقت کي يڪدم حاصل ڪرڻ لاءِ ان ڪڪڙ کي ئي ماري ڇڏيو جنهن روزانو هڪ سونو آنو ٿي ڏنو.
ملڪ جي پهرين وزيراعظم پئسو ٺاهڻ لاءِ فوج جي ڊپٽي (عيدي امين) سان گڏجي ڀر واري ملڪ کي پنهنجي فوج جا هٿيار وڪڻي ان جي بدلي ۾ سون ۽ عاج جي سمگلنگ ڪئي. هن عيدي امين کي چئي ملڪ جي صدر جي محل تي حملو ڪرائي ان کي جلاوطن ڪيو. هُن ملڪ جو آئين رد ڪري ايمرجنسي لڳائي، پاڻ صدر ٿي ويٺو ۽ سڀ پاور پنهنجي حوالي ڪري پنهنجي سياسي پارٽي کي ڇڏي باقين تي بندش هنيائين. پنهنجي ڪابينا جا اهي وزير جن جو تعلق سندس قبيلي سان نه هو انهن کي بنا ڪنهن سبب ۽ trial جي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ملٽن اوبوٽو پڙهيل ڳڙهيل هو، هڪ سردار جو پٽ هو، جنهن وٽ هونئن ئي پئسي ڏوڪڙ ۽ عزت جي کوٽ نه هئي پر امير کان امير تر ٿيڻ جي چڪر ۾، هو ويو ملڪ جي خزاني تي ڌاڙا هڻندو. هوڏانهن فوج جو هاڻ چيف عيدي امين جيڪو هونئن ته سمجهو ته گهر جو چوڪيدار ٿيو، تنهن کي اوبوتو وزيراعظم ٿيڻ شرط چور بنايو سو هاڻ وڏو ڌاڙيل ٿي پيو. هو اهو ئي سوچڻ لڳو ته طاقت مون فوجيءَ جي هٿ ۾ آهي، هن ٺڳ وزيراعظم جو ماتحت ڇو ٿيان ۽ هن کي جيئن ئي موقعو مليو ته گهر جو مالڪ يعني ملڪ جو حاڪم پاڻ ٿي ويٺو. اوبوٽو جيئن ئي سنگاپور ويو پٺيان عيدي امين انقلاب جو بهانو ڪري پاڻ صدر ٿي ويٺو ۽ اعلان ڪيائين ته آئون فوجي ماڻهو آهيان آئون مهيني اندر اليڪشن ڪرائي بيرڪس ۾ واپس وڃڻ چاهيان ٿو.
عوام ملٽن اوبوٽو مان ايڏو بيزار هو جو واه واه ٿي وئي. عيدي امين جي ريڊيو تي تقرير ٿيڻ تي ماڻهو مٺايون ورهائڻ لڳا ۽ خوشيءَ وچان گهٽين ۾ ناچ ڪرڻ لڳا. ويندي يورپ ۽ انگلنڊ ۽ اسرائيل وارا به خوش ٿيا جو اوبوٽو انهن کي به ڪڙائي رکيو هو. پر سائين جڏهن عيدي امين صدر ٿيو ته ڪجهه ڏينهن بعد جيڪي هن قتل عام ڪيا ۽ جيڪا هن ڦر لٽ ڪئي جو سڀ ڪنهن چيو ته هن کان ته هو پهريون سول ڊڪٽيٽر سٺو هو اهو ڏسي عيدي امين ست سالن جي حڪومت ۾ 8 لک کن ماڻهو مارايا، ويندي انگريز ۽ يورپي پادري ۽ يونيورسٽين جا پروفيسر به نه ڇڏيا. سندن سر ڌڙ کان ڌار ڪري ريفريجريٽرن ۾ رکي ڇڏيندو هو. آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين يورپي ملڪن پنهنجا سفارتخانا بند ڪري ڇڏيا. ملڪ جو ڪاروبار انڊين، خاص ڪري گجراتي هلائي رهيا هئا انهن کي رات اندر ملڪ مان ڪڍي انهن جي مال ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيائين. ملڪ جي ايڪانامي تباه ٿي وئي. خزاني ۾ هڪ پئسو نه رهيو. پوءِ مسلمانيءَ جو ڍونگ رچائي لبيا ۽ سعودي عرب کان پن ڪيائين. هڪ ئي وقت ڇهه ڇهه زالون رکيائين. پنهنجو پاڻ جي، اسان واري صدر ايوب وانگر، پروموشن ڪرائي جنرل ۽ پوءِ فيلڊ مارشل ٿيو. سندس تفصيلي احوال الڳ مضمون ۾ ڪنداسين جو عيدي امين دنيا جو هڪ عجيب عجوبو ۽ مسخرو حاڪم مڃيو وڃي ٿو. هو هڪ عجيب چريو، ظالم ۽ نفسياتي قسم جو مريض هو. منجهانئس مس مس ملڪ جي ماڻهن ۽ دنيا جي جان بچي. 1979ع ۾ پاڙي واري ملڪ تنزانيا جو ڪجهه حصو حاصل ڪرڻ لاءِ امين پنهنجن فوجين کي حملي لاءِ موڪليو. نشي ۾ ڌت سندس فوجي، ڪجهه ڪري نه سگهيا. ماڳهين تنزانيا جي فوج يوگنڊا جي گادي واري شهر ڪمپالا کان اچي ٺڪاءُ ڪيو. ان کان اڳ عيدي امين پنهنجو ڪمپالا وارو صدارتي محل ڇڏي جنجا شهر ۾ اچي لڪو، جتان هن پنهنجين پنجن زالن ۽ ٽيهارو کن ٻارن سميت جدي ۾ اچي پناهه ورتي.
ان بعد هڪ دفعو وري پهرين وارو حاڪم ملٽن اوبوٽو، جيڪو ڏيهه نيڪالي جا ڏينهن تنزانيا ۾ گذاري رهيو هو، يوگنڊا جو صدر ٿيو.

No comments:

Post a Comment