فوجي آمر جي اچڻ تي يوگنڊا جي عوام مٺايون ورهايون
الطاف شيخ
ننڍي کنڊ مان نڪرڻ کان اڳ انگريز حاڪمن رعيت کي پنهنجو پاڻ ۾ جوٽڻ لاءِ هڪ طرف هندو مسلمانن ۾ هيٺ مٿاهيون پيدا ڪيائون. هڪڙن کي انگريزي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون ڏيئي ٻين تي حاوي ڪيائون، ٻئي طرف مسلمانن ۾ پيدا ٿيل فرقن کي زور وٺائي ۽ قاديانين جهڙن مذهبن جي پٺڀرائي ڪري هڪ ٻئي سان ٽڪرائي ڇڏيو. ان کان علاوه هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير جو اڻپورو نبيريل مسئلو ڇڏي ويا جيئن هرڪو پنهنجيون ٻوٽيون پٽيندو رهي ۽ اهو ئي چوندو رهي ته هن حال کان ته انگريزن جي حڪومت بهتر هئي.
انگريزن اهو ڪم ذري گهٽ آفريڪا ۽ ايشيا جي سڀني ملڪن ۾ ڪيو. پوءِ ملائيشيا جهڙي ملڪ جا سياستدان سياڻا ۽ نيڪ نيت هئا ته هنن هر ڳالهه جو فيصلو انصاف موجب ڪري سڄي ملڪ ۾ سڪون جو واءُ ورايو. تصور ڪريو ملائيشيا جي ملڪ ۾ چيني ۽ ملئي اڌو اڌ آهن. انگريزن کان آزاديءَ بعد هو پرانگ (ملئي خنجر) ڪڍي هر شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هڪ ٻئي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. حڪومت ايمرجنسي لڳائي لا ائنڊ آرڊر جي حالت هڪ طرف سخت ڪئي ته ٻئي طرف ٻنهي ڌرين کي سمجهايو ته هڪ ٻئي جو ويري ٿيڻ اجايو آهي. چيني جيڪي اڄ کان اڌ يا مني صدي اڳ پورهئي لاءِ چين کان لڏي هتي ملايا (ملائيشيا) آيا انهن کي توڙي انهن جي اولاد کي مرڻو پرڻو هتي ئي آهي. اهڙي طرح ملئي ماڻهو جيڪي ڳوٺن ۾ رهن ٿا جن ۾ تعليم گهٽ آهي اهي به هن ئي ملڪ جا شهري آهن. کين جي جاهل ۽ بيروزگار رکبو ته هو جيئڻ خاطر ٻيو نه ته چوريون ۽ ڌاڙا هڻندا. ان ڪري هڪ قوم جي حيثيت سان هڪ ٿي ملڪ کي مضبوط ڪريو ۽ پنهنجا ويري ٿي اولاد جو مستقبل تباهه نه ڪريو. اڄ ملائيشيا ۾ ٻهراڙي ۽ جهنگلن ۾ رهندڙ ملئي مسلمان به تعليم يافته آهن. هر هڪ کي حق حلال جو روزگار يا نوڪري آهي. هر سياستدان ۽ ڀوتار جو گهر، ملڪيت، پراپرٽي پنهنجي ملڪ ۾ ئي آهي ۽ سندن ٻار پنهنجي ملڪ جي ئي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. ان روشنيءَ ۾ اسان پنهنجو جائزو وٺون ته ڪٿي بيٺا آهيون! مونکي ٻين صوبن جي خبر ناهي رڳو سنڌ ۾ ٿو ڏسجي ته 64 سال گذرڻ بعد به اڃان تائين سنڌي مهاجر جي وچ ۾ چڻنگ ٻرندي رهي ٿي ان کان علاوه مسلمان هندو جو چڪر هڪ طرف آهي ته ٻي طرف تيغاڻي، مهر، جتوئي، ڏاهري، کوسا وغيره جي قبيلائي جهيڙن هڪ ٻئي جو سڪون چٽ ڪري ڇڏيو آهي.
اهو ئي حال هن خوبصورت آفريڪي ملڪ يوگنڊا جو انگريزن کان آزادي ملڻ بعد ٿيو آهي. هڪ جنت جي ٽڪري جهڙو خوبصورت ملڪ جنهن کي چرچل جهڙي انگريز وزيراعظم به Pearl of Africa سڏيو، اهو تباهه ٿي ويو آهي. سياستدانن انصاف ڪرڻ بدران پنهنجي پنهنجي قبيلي کي ورسائڻ ۽ مٽن مائٽن کي نوڪريون ڏيڻ، ملڪ جو خزانو لٽڻ ۽ سياسي طرح طاقتور ٿيڻ جي شوق ۾ هن سهڻي ۽ خوشحال ملڪ کي ڀيلي رکيو آهي. انگريزن هن ملڪ کي ڇڏڻ وقت بئلنس برقرار رکڻ لاءِ اليڪشن ذريعي وزيراعظم هڪ قبيلي جو ڪيو تهCeremonial عهدي جو صدر ٻئي قبيلي جو ڪيو ته نائب صدر ٽئين قبيلي جو. جيتوڻيڪ ملڪ جي وزيراعظم اوبوٽي (Appolo Milton Obote) کي سڀ کان گهڻا پاور مليل هئا پر تنهن هوندي به هن صدر ۽ نائب صدر کي معمولي پاور ڏيڻ به نٿي چاهيا. هن انهن کي هٽائڻ لاءِ هڪ فوجي ”عيدي امين“ کي اڳيان ڪيو، جنهن في الحال صدر جو پتو ڪٽي ڇڏيو ۽ پوءِ اوبوٽو آئين ۾ تبديليون آڻي صدر ۽ سڀني سياسي Powers جو مالڪ پاڻ ٿي ويٺو. پر پوءِ عيدي امين به نه ڇڏيس. پاڻ ملڪ جو والي وارث ٿي لٽ ڦر شروع ڪري سائي ستابي ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيو. سڄي ملڪ ۽ ماڻهن جي اهڙي بدنامي ڪرايائين جو يوگنڊا جي ماڻهن کي پنهنجي قوميت ٻڌائيندي شرم ٿي آيو، جيتوڻيڪ ان ۾ هنن جو ڏوهه ته نه هو. ڪن هڪڙا سياستدان يا فوجي، ڀَري وري غريب عوام!
يوگنڊا جو هي پهريون وزيراعظم 1925ع ۾ اتر يوگنڊا ۾ ڄائو ۽ لانگو قبيلي جي سردار جو پٽ هو. هن پنهنجي پرائمري تعليم ليرا شهر جي عيسائي اسڪول مان حاصل ڪئي ان بعد وڌيڪ تعليم بوسوگا ڪاليج ۽ مڪاريري يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. Busoga ڪاليج يوگنڊا جي جنجا ضلعي ۾ آهي جتي ڪمپالا بعد ٻئي نمبر تي انڊيا جا گجراتي سوداگر رهيا ٿي. هي اسڪول 1911ع ۾ انگريزن کوليو. لاهور جي ايڇيسن ڪاليج وانگر هتي به پهرين يوگنڊا جي سردارن ۽ بادشاهن جا ٻار پڙهيا ٿي پر پوءِ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ، عام ماڻهن جي ٻارن کي به داخلا ملڻ لڳي. ڪمپالا جي Makerare يونيورسٽي 1922ع ۾ ٽيڪنيڪل اسڪول جي حيثيت ۾ کلي. 1963ع ۾ اها يونيورسٽي آف ايسٽ آفريڪا سڏي وئي. 1970ع ۾ اها ٽن خودمختيار قومي يونيورسٽين ۾ ورهائي وئي جنهن مان هڪ ڪينيا ۾ ’يونيورسٽي آف نئروبي‘ سڏجڻ لڳي، ٻي تنزانيا ۾ ’يونيورسٽي آف دارالسلام‘ ٺهي ۽ ٽين هيءَ ڪمپالا واري ’ماڪريري يونيورسٽي‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳي. اڄ هن Makerere يونيورسٽيءَ ۾ 22 فئڪلٽيون، انسٽيٽيوشنون ۽ اسڪول آهن جن ۾ 30 هزار انڊرگرئجوئيٽ ۽ 3 هزار پوسٽ گرئجوئيٽ شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. هيءَ يونيورسٽي سمجهو ته لاهور واري پنجاب يونيورسٽي آهي جنهن مان نه فقط يوگنڊا جو هي پهريون وزيراعظم “ملٽن اوبوٽي“ پڙهيو پر تنزانيا جو صدر جوليس نائريري، ڪينيا جو صدر موائي ڪباڪي ۽ آفريڪا جون ٻيون اهم شخصيتون پڙهيون. نوبل ايوارڊ حاصل ڪندڙ ٽرنيڊاڊ (ويسٽ انڊيز) جو هندو ليکڪ V.Sنائيپال، نوردين فراح، علي مازروئي، پال ٿيروڪس، ڀيٽر نزرٿ، اوڪيلو اوڪولي جهڙا آفريڪي دنيا جا اديب ۽ شاعر يوگنڊا جي هن Makerere يونيورسٽي جا گرئجوئيٽ آهن.
1962ع ۾ جيئن ئي يوگنڊا کي انگريزن طرفان Independence (خودمختياري) ملي ۽ ملٽن اوبوٽي ملڪ جو پهريون وزيراعظم ٿيو ته پهريون ڪم هن ڪهڙو ڪيو؟ ملائيشيا جي پهرئين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان يا سنگاپور جي پهرين وزيراعظم لي ڪئان يو وانگر عوام ۽ ملڪ جي سڌاري ۽ خوشحالي لاءِ ترقياتي ڪم ڪرڻ بدران فوج جي ڊپٽي چيف عيدي امين سان گڏجي سون جي اسمگلنگ ڪئي. ان تي ملڪ جي پارليامينٽ جڏهن investigation لاءِ ڊمانڊ ڪيو ۽ عيدي امين کي فوج مان فارغ ڪرڻ لاءِ گهُر ڪئي ته رئيس يعني وزيراعظم اوبوٽي صاحب ماڳهين آئين کي Suspend ڪري، پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو صدر بنائي، ملڪ ۾ امرجنسي لڳائي ڇڏي. ڪابينا ۾ جيڪي وزير مخالف قبيلن جا هئا انهن کي بنا ڏوهه جي جهلي قيد ڪري ڇڏيو. عيدي امين کي سندس غلط ڪارين ڪري فوج مان ڪڍڻ بدران پروموشن ڏيئي چيف بنائي ڇڏيو. ملڪ جي صدر (جيڪو مخالف قبيلي جو بادشاهه هو) ان اعتراض ڪيو ته هن جي محل تي عيدي امين حملو ڪري ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو ۽ بادشاهه کي ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏي جيڪو لنڊن ۾ پنجن سالن بعد 1972ع ۾ گذاري ويو.
ملڪ جي بدمعاشن، ڌاڙيلن، سمگلرن ۽ ٺڳن کي نياپو ملي ويو ته هن ملڪ ۾ هاڻ سندن ئي عيش آهي. پاڻ به کائو پيئو ۽ اعلى حاڪمن کي به عيش ڪرايو. اوبوٽي آئين بدلائي ان ۾ سڀ پاور صدر کي يعني پاڻ کي سونپيائين. اوبوتو جي حڪومت هڪ ظلم ۽ وحشي پڻي جي حڪومت رهي جنهن ۾ عوام کي ڊيڄاريو، ڌمڪايو ۽ ٽارچر ڪيو ويو. ائگريڪلچرل ملڪ هوندي به کاڌي جي کوٽ رهي. شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا. 1969ع ۾ اوبوتي تي ڪنهن حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هو بچي ويو ۽ ان بعد هن سڀني سياسي جماعتن تي بندش وجهي ڇڏي. پوءِ ته هو سڀ ڪجهه پاڻ بڻجي ويو جيڪو اديب، شاعر، سياستدان، مفڪر تعليمدان کيس سندس خلاف لڳو ٿي ان کي بنا ٽرائل جي قتل ڪرائي ڇڏيو ٿي، هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اسان جا جهاز ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار اچڻ لڳا هئا. ڀر واري هن ملڪ يوگنڊا جي ڪرپشن ۽ ظلم جون ڳالهيون هڪ طرف اخبارن ۾ پڙهيون هيون ته ٻئي طرف يوگنڊا جي شهرن ڪمپالا، جنجا، اينتيبي، ماساڪا ۽ مبارا شهرن کان ڀڄي آيل پوڙهن آغا خانين، بوهرين، ميمڻن ۽ سنڌي هندن کان يوگنڊا جي سونهن، حسن، ماضي جي امن امان ۽ سڪون جون ڳالهيون ٻڌي حيرت ٿيندي هئي ته ڪيئن هڪڙو سياستدان يا حاڪم سڄي ملڪ کي ڀينگ ڪري ڇڏي ٿو. ملڪ جي هن حاڪم اوبوتو هاڻ ملڪ ۾ نئون نظام سوشلزم آڻڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ غريب ۽ امير کي هڪ ڪرڻ جي چڪر ۾ پاڻ ۽ سندس چمچن ملڪ جي بچيل سچيل ڪارخانن، بئنڪن ۽ ٽريڊنگ ڪمپنين کي ڦري لٽي تباهه ڪري وڌو. فوج جو چيف عيدي امين هاڻ پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهڻ لڳو ۽ جيئن وڻيس ٿي تيئن ڪيائين ٿي. اوبوتو سان گڏجي هن ملڪ جي وڏي ڦر لٽ ڪئي هئي ۽ هاڻ اوبوتو کي به اکيون ڏيکارڻ لڳو. جنوري 1971ع تي اوبوتو يوگنڊا جي صدر جي حيثيت سان سنگاپور ۾ ڪامن ويلٿ ملڪن جي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويو ته پٺيان عيدي امين انقلاب جي نالي ۾ پاڻ ملڪ جو صدر ٿي ويٺو. ماڻهن مٺايون ورهايون ته سندن اوبوتو جهڙي ڊڪٽيٽر مان جان ڇٽي. کين ڪهڙي خبر ته فوجي چيف عيدي امين ان کان وڏو ظالم نڪرندو. اوبوتو جي ڏينهن ۾ انگلنڊ وارن جو به وڏو نقصان ٿيو هو جو هن سوشلزم جي نالي ۾ يوگنڊا ۾ جيڪي انگريزن جا ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هيون سي نئشنلائيز ڪري ڇڏيون هيون. سو اوبوٽو جي دفع ٿيڻ تي انگريز به خوش ٿيا ۽ برطانيا پهريون ملڪ هو جنهن يوگنڊا جي هن نئين حڪومت کي تسليم ڪيو ۽ چرئي عيدي امين کي مان ڏنو.
اوبوتو کي سنگاپور مان موٽڻ تي يوگنڊا اچڻ نه ڏنو ويو ۽ هو ڀر واري ملڪ تنزانيا ۾ جلاوطني جي زندگي گذارڻ لڳو.
No comments:
Post a Comment