اَٺ پَهر لاهور ۾...
مٺل جسڪاڻي
گهمڻ لاءِ گهر مان نڪرڻ کان پوءِ
پهرين رات ته ريل گاڏيءَ ۾ حيدرآباد کان لاهور سفر ڪندي گذري، جنهن دوران مير اعظم
علي ٽالپر کي خبر پئي ته بنا ٻڌائڻ، بنا صلاح هڻڻ، گڏ وٺي نه گهمائڻ جي ميار ڏيڻ لاءِ
پهرين فون ڪيائين، پوءِ وڃڻ کان ورڻ تائين، ڪنهن صبح ته ڪنهن منجهند، ڪنهن شام ته ڪنهن
رات، خوش خير آفيت ۽ ٻيون خبرون وٺندو رهيو. اسان ٽنهي، يعني مون، فقير ۽ وفا جا وٽس
نمبر هئا، جنهن هڪ جو نمبر نه ٿي لڳو، ته ٻئي سان پئي رابطو ڪيائين. مير اعظم ٽالپر
۽ نسيم بلوچ مون سان منهنجي گهر ڀاتين وانگر موبائيل وسيلي سفر جا ساٿي رهيا. سندن
ٿورا نه ٿورا، پر ساگر ڏهراج نه وسريو آهي، نه وسرندو، جنهن اسان همسفرن بابت ڄاڻي،
مون سان پهريون دفعو موبائيل رابطو ڪيو ۽ اهڙا نياپا ڪيا، جيڪي مون کي نه وسرندا ۽
نيٺ، جيڪي مون ساگر ڏانهن نياپا ڪيا، اهي به، مون کي پڪ آهي ته هن کي نه وسرندا.
