Thursday, August 11, 2016

اَٺ پَهر لاهور ۾. - مٺل جسڪاڻي

اَٺ پَهر لاهور ۾...
مٺل جسڪاڻي
گهمڻ لاءِ گهر مان نڪرڻ کان پوءِ پهرين رات ته ريل گاڏيءَ ۾ حيدرآباد کان لاهور سفر ڪندي گذري، جنهن دوران مير اعظم علي ٽالپر کي خبر پئي ته بنا ٻڌائڻ، بنا صلاح هڻڻ، گڏ وٺي نه گهمائڻ جي ميار ڏيڻ لاءِ پهرين فون ڪيائين، پوءِ وڃڻ کان ورڻ تائين، ڪنهن صبح ته ڪنهن منجهند، ڪنهن شام ته ڪنهن رات، خوش خير آفيت ۽ ٻيون خبرون وٺندو رهيو. اسان ٽنهي، يعني مون، فقير ۽ وفا جا وٽس نمبر هئا، جنهن هڪ جو نمبر نه ٿي لڳو، ته ٻئي سان پئي رابطو ڪيائين. مير اعظم ٽالپر ۽ نسيم بلوچ مون سان منهنجي گهر ڀاتين وانگر موبائيل وسيلي سفر جا ساٿي رهيا. سندن ٿورا نه ٿورا، پر ساگر ڏهراج نه وسريو آهي، نه وسرندو، جنهن اسان همسفرن بابت ڄاڻي، مون سان پهريون دفعو موبائيل رابطو ڪيو ۽ اهڙا نياپا ڪيا، جيڪي مون کي نه وسرندا ۽ نيٺ، جيڪي مون ساگر ڏانهن نياپا ڪيا، اهي به، مون کي پڪ آهي ته هن کي نه وسرندا.


بهرحال، پهرين رات ريل گاڏيءَ ۾، ٻيءَ رات جا چار پهر ۽ ان رات کان اڳئين ڏينهن جا پويان، پوئين ڏينهن جا پهريان ٻه ٻه پهر، ٽوٽل اٺ پهر اسان لاهور ۾ رهياسين.
لاهور لاءِ گهڻن تائين گهڻيون خبرون پهتل آهن. اسان به ڪي ٻڌيون ۽ پڙهيون آهن. ان ڪري آئون، فقير محمد ڍول ۽ وفا مولا بخش به هڙان وڙان خرچ ڪري، اچي لاهور پهتا هئاسين. جتي لاڳيتا چوويهه ڪلاڪ، هڪ ڏينهن جي منجهند کان ٻئي ڏينهن جي منجهند تائين، ڪنهن مهل ڪهڙي خفي ۾، ته ڪنهن مهل ڪٿي گهمندا رهياسين.
لاهور اسٽيشن مان ٻاهر اچي، پهرين ڪٿي رات ٽڪڻ جو انتظام ڪرڻ ضروري سمجهندي، مختلف هوٽل پڇائيندي، پهرين هڪڙي هوٽل پهتاسين، جيڪا اسان کي مهانگي محسوس ٿي ته ٻيءَ تي وڃي نڪتاسين. اسان هڪ ته سڄي رات جو اوجاڳو ڪيل ۽ ٻيو وري اڳواٽ رٿابندي بنا نڪرڻ جي تڪڙ سبب، اڪانامي ڪلاس ۾ کليل در ۽ درين واري گاڏي ۾ سفر ڪري، اهڙا ته صاف سٿرا پهتا هئاسين، جنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي! ۽ وري مسافري لاءِ کنيل ضروري سامان جا ٿيلها به ڀريل ڀڪيل هجن. ڪجهه ان جو اثر ته ڪجهه ٻيءَ هوٽل واري سان سوال جواب ڪندي، هُو اسان ٽنهي کان سوايو ڪاروباري هو. ان اسان کي سندس هوٽل ۾ رهڻ جو قائل ڪري ورتو، ته اسان پهرين وهنجي سهنجي، ڪپڙا بدلائي، نيرن ۽ منجهند جي گڏيل ماني کائڻ لاءِ هڪ ٻيءَ هوٽل ۾ وڃي نڪتاسين.
ماني کائي، واندا ٿي، اسان لاهور گهمڻ لاءِ سڀ کان پهرين واگهه بارڊر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، ته پنڌ سوايو هجڻ ڪري ڀاڙو به سوايو پئي ٿيو ۽ اتي ڏسڻ لاءِ به صرف جهنڊو ڦڙڪائڻ واري رسم هئي. ڪجهه ٽيڪسي وارن ٽوڪيو، ته اها به ڪا گهمڻ جي جاءِ آهي! ان ڪري اسان پنهنجو فيصلو بدلائي لاھور زُو گھمڻ وياسين. اتي گرمي هجڻ باوجود تمام گهڻي رش هئي. رش ۾ به ڪو ڪو اڪيلو، ڪا ڪا اڪيلي، ته ڪي وري ٽولن ۽ ٽولين ۾ هئا. هر جنس ۽ هر عمر جا هئا. لاهور جا نوجوان ڇوڪرا، پنهنجي جواني جون حرڪتون ڪرڻ لاءِ به پهتل هئا. چڙيا گهر يعني زُو کان ٻاهر، ٽڪيٽ خريد ڪرڻ واري جاءِ تي، هڪ نوجوان ٻئي نوجوان کي ٽڪيٽ وٺڻ جو ڏس ڏيندي ”خواتين“ کي ”حواتين“ چئي ٻڌايو ته ان جي ڀر واري بوٿ تان، يعني ”مردن لاءِ“ ٽڪٽ وٺڻ واري دريءَ مان ٽڪيٽ وٺي.
لاهور زُو، آئون گذريل نومبر 2015ع ۾، يعني اٺ مهينا اڳ ڏسي ويو هئس، پر منهنجي همسفر دوستن مان فقير ننڍي هوندي ۽ وفا شايد ڏهه پندرهن سال اڳ گهمي ويو هو. اسان مختلف حصا گهمندا، تصويرن ۾ اهي يادگار لمحا محفوظ ڪندا، جڏهن بيزار ٿياسين ۽ ٿڪاسين، اڃ به لڳي، ته ٿڌي پاڻي جون بوتلون، سَٺ روپيا في لٽر جي حساب سان پاڻي خريد ڪري پيتوسين!
لاهور زُو ۾ هن دفعي مزو هوندي به مزو نه هو. ڇاڪاڻ ته گذريل دفعي اسان صبح جو گهمڻ آيا هئاسين، ته اسان گهمڻ وارا به ۽ اتي موجود پکي پکڻ ۽ مختلف قسم جا جانور به تازا توانا هئا. اڄ اسان ٽپهري وقت آيا هئاسين، گرمي به تمام گهڻي هئي ۽ اسان سان سفر واري گذريل رات جو ٿڪ ۽ اوجاڳو به هو. ان هوندي به، اسان ته گهمڻ لاءِ وقت سجايو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لاهور جي ان راڻي باغ ۾ موجود پکين ۽ جانورن کي اتي گهمندڙ ماڻهن ۽ گرمي ايترو ته ٿڪائي ڇڏيو هو، جو اسان سان گڏ آيلن انهن کي ڳولي ڳولي پئي لڌو!
لاهور زُو ۾ موجود سڀ شينهن ٿڪل ۽ سُتل هئا. سندن سمهڻي به لاجواب هئي. دادلن ٻارن وانگر مٿو هڪ طرف ته ٽنگون ٻئي طرف. هڪ اڌ شينهن يا خبر نه پئي ته اها شينهڻ هئي، سندس چارئي ٽنگون مٿي هيون!
لاهور زُو مان زوم سان اسان رخ ڪيو داتا درٻار جو. اتي ماضي وانگر هيل به سيڪيورٽي سليقي سان پنهنجا فرائض انجام پئي ڏنا. ان هوندي به ٻه هم عمر نوجوان اسان دوستن کي ويجها پوڻ لڳا. مون سنگت سان هوشيار رهڻ جو ذڪر ڪيو، ته انهن به تصديق ڪئي، ته هنن به ائين ئي محسوس ڪيو، جيئن مون. شايد اسان جي ڳالهه ٻولهه مان هو به سمجهي ويا. ان ڪري ترت ئي گُم ٿي ويا.
داتا درٻار جي زيارت ڪري، ان جي ڀر ۾ خوبصورت مسجد ڏسي، وڏي خلاصي ميدان ۾ ويهڻ جو انتظام ۽ گرمي کان بچاءُ لاءِ هلندڙ پنکا ڏسي، اسان کي خوشي به ٿي ۽ اسان آٿت به ورتي.
داتا درٻار گهمڻ، دعا گهرڻ ۽ گهڙي سوا ويهي ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ اسان انارڪلي بازار ڏانهن رُخ ڪيو. جتي مختلف حوالن سان بازار جا مختلف مشهور حصا، مثال طور فوڊ اسٽريٽ، ڪتاب گلي (اردو بازار)، ڪپڙا مارڪيٽ وغيره وغيره گهمياسين.
انارڪلي بازار گهمندي، فقير ۽ وفا ڪجهه خريداري به ڪئي. ان کان پوءِ اسان رات واري ماني کائي آرام ڪرڻ لاءِ هوٽل روانا ٿياسين.
اڌ رات ننڊ ڪري، صبح سوير اٿي، وهنجي سهنجي، پهرين ناشتو ڪرڻ نڪتاسين. آرڊر ڏيڻ مهل، آرڊر وٺندڙ کي مون فرمائش ڪئي، ته ناشتي ۾ اوهان جي جيڪا مقبول ۽ مشهور ڊش هجي، هڪ پليٽ ان جي، ان کان علاوه آرڊر فقير ۽ وفا جي صلاح سان ڏنو. نيرن ڪندي، هوٽل واري کان وفا حضرت ميان مير بالا پير (ميان مير سنڌي) جي درگاهه جو ڏس پتو پڇي ورتو. نيرن ڪري، بل ڏيڻ کان پوءِ، منهنجي فرمائش جو اگهه ٻڌائي، ناشتي جي مزي کي وڌيڪ مزيدار ڪيو ويو.
اسان هوٽل ڇڏي، وين اسٽاپ تي آياسين. اتان ميان مير سنڌي جي مزار تي وياسين. زيارت ڪندي، مزار ۾ ”سوانح حضرت ميان مير بالا پير“ جي عبارت سان لکيل هڪ معلوماتي فريم تي نظر پئي، جنهن جو سنڌي ترجمو هتي ڏجي ٿو:
نسبي سلسلو: 28 واسطن کان اميرالمومنين حضرت سيدنا عمر فاروق رضه تي مبني
طريقت جو سلسلو: قادريه (شيخ طريقت حضرت خضر قادري سيوستاني رحه، مدفون ساڌ ٻيلو، لڳ سکر ريلوي اسٽيشن)
اباڻو ڳوٺ: سيوستان (سيوهڻ شريف) سنڌ
والد ماجد: حضرت قاضي سائين ڏنه بن حضرت قاضي قلندر رحه
والده ماجده: بي بي فاطمه رحه بنت حضرت قاضي قادن رحه
ولادت باسعادت: 957 هجري المقدس بمطابق 1550ع
لاهور تشريف آوري: 982 هجري المقدس بمطابق 1575ع (بعمر 25 سال)
وصال مبارڪ: اڱارو 7 ربيع الاول 1045 هه بمطابق آگسٽ 1636ع
لاهور ۾ قيام: 60 سال
آخري لفظ: الصلوه والسلام عليڪ يا رسول الله
الصلوه والسلام عليڪ يا رسول الله.... الله الله الله....
ماخذ: سڪينته الاولياء-تحفته الڪرام-گلشن قادري
ميان مير متعلق وڌيڪ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيم ته وتايو فقير سيمينار ڪاميٽي ٽنڊو الهه يار سنڌ پاران پڌري ٿيل عبدالقادر منگي جي 1986ع ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب ”درويش وتايو فقير“ ۾ ميان مير سنڌي کي ميان مير فاروقي ڄاڻائي جيڪا معلومات لکيل آهي، ان موجب ”ولادت 957هه، سڄو نالو ميان مير ولد قاضي سائين ڏنه فاروقي (سيوهاڻي) جواني ڌاري سنڌ ڇڏي وڃي هاشمپور (لاهور) ۾ رهيو. دارا شڪوه سندس خاص مريد مان هو. لاهور ۾ 70 ورهين جي ڄمار ۾ 1045هه ۾ وفات ڪيائين“.
مرتب ۽ مترجم غلام نبي آگرو جي نشاندهي واري ڪتاب ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“، جيڪو 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو شايع ڪرايو، ان ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته ”هڪ ڀيري لاهور ۾ گورنر هائوس مان ايئرپورٽ وڃي رهيا هئاسون. چيائين ته، ”رباني، جهاز ۾ اڃا ڪجهه ٽائيم آهي. پاڻ جيڪر ميان مير جي درگاهه تي حاضري ڀري اچون. پنهنجو سنڌي آهي.“ سندس اها ڳالهه ياد ايندي اٿم، ته سوچيندو آهيان ته سنڌ جي گهڻن ماڻهن کي اهو احساس آهي ته ”ميان مير، اسان جو پنهنجو سنڌي آهي.“... ميان مير ٽن مغل بادشاهن جهانگير، شاهجهان ۽ دارا جو مرشد هو. دارا سندس حياتيءَ جو احوال فارسيءَ ۾ لکيو آهي، جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيو آهي. مير محمد نالو هئس. سادگي پسند هو. گهڻو وقت عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو. سيوهڻ ۾ رهندو هو. قلندر لعل شهباز جو عقيدتمند هو. سنڌ مان علم جي تحصيل لاءِ ملتان ۽ لاهور ويو، اتي ئي ٽڪي پيو ۽ وفات ڪيائين. دارا سندس مقبري جي تعمير شروع ڪرائي، جيڪا اورنگزيب مڪمل ڪرائي. انگريزن جي حڪومت ۾ ”لاهور ڪئنٽ ريلوائي اسٽيشن“ ۽ ”جمخاني“ کي ميان مير جي نالي تي سڏيندا هئا. مان لاهور ويندو آهيان ته ڪڏهن ڪڏهن لاهور ۾ سندس مزار تي حاضري ڏيندو آهيان.
روزاني عوامي آواز ڪراچي جي 29 مارچ 2016ع واري اشاعت ۾ ” لاهور جي سوڳوار فضائن مان....- لاهور مان دوست حفيظ لکي ٿو“ ۾ محبت ۽ امن جو درس ڏيندڙ بزرگن، صوفين ۽ درويشن جي مزارن جي ترتيب ۾ ”حضرت داتا گنج بخش“ کان پوءِ ٻئي نمبر تي ”حضرت ميان مير“ جو نالو لکيل آهي.
هڪ معلومات مطابق هندستان جو مشهور صوفي بزرگ ۽ عالم ثناءَالله، لاهور آيو ۽ هتي هن سنڌي بزرگ حضرت ميان مير سنڌيءَ کان روحاني فيض حاصل ڪيو. (حوالو: www.encyclopediasindhiana.org) هڪ ٻيءَ معلومات موجب سکن جي وڏي عبادتگاهه ”گولڊن ٽيمپل“، هڪ عاليشان گرد وارو/ درٻار صاحب (Golden Temple)، جيڪو هندستان جي رياست پنجاب جي مشهور شهر امر تسر ۾ سک مت وارن جو مقدس ۽ مذهبي مرڪز آهي. امر تسر جو بنياد اڪبر بادشاهه جي دور ۾ سکن جي چوٿين گرو رامداس طرفان ڏنل زمين جي ٽڪر تي رکيو ويو. ان کان پوءِ رامداس جي جاءِ نشين گرو ارجن، گرد وارو ٺهرايو، جنهن جو سنگ بنياد مشهور صوفي بزرگ ميان مير سنڌي سيوهاڻي وڌو، جنهن جي مزار لاهور ۾ آهي (حوالو:https://sd.wikipedia.org/..).
ميان مير جي مزار هڪ وسيع ميدان جي وچ ۾ آهي، جنهن جي مکيه دروازي مان اندر داخل ٿبو ته کاٻي طرف وضو ڪرڻ جي جاءِ ۽ ان کان پوءِ ڪجهه حصو قبرستان جو آهي. درگاهه جي ساڄي طرف مسجد آهي. جڏهن ته ساڄي کان کاٻي طرف درگاهه جي ويڪر ۾ اوقاف کاتي جون آفيسون ۽ ان پاران ميان مير جي نالي سان قائم ڪيل هڪ بهترين لائبرري به آهي.
داتا درٻار سميت ٻين درگاهن جي ڀيٽ ۾ هن درگاهه تي پنڻ وارو گهٽ ۾ گهٽ مون نه ڏٺو ۽ مون کي هن درگاهه تي صوفي شاهه عنايت جي درگاهه وانگر سانت محسوس ٿي.
ميان مير جي حاضري ڀري پوءِ اسان درگاهه جي احاطي ۾ موجود قبرستان جو جائزو ورتو، جنهن ۾ ڪجهه ٻيون ننڍيون مزارون به هيون. هڪ مزار تي محمد علي المعروف حضرت بابا مست صاحب ته ٻيءُ تي مشهور فلمي اداڪار محمد علي جو قطبو هو. ائين آس پاس جو جائزو وٺي، ٻاهر نڪري، رستي جي ٻئي طرف، يعني ميان مير جي مزار جي سامهون 130 بسترن واري ”گورنمينٽ ميان مير اسپتال، لاهور“ جي عمارت جو معائنو ڪيو. ڇا ته خوبصورت ۽ صاف سٿري اسپتال تعمير ڪرائي وئي آهي. صفائي جو بهترين انتظام ۽ ايئرڪنڊيشن انتظام پڻ ٿيل آهي.
اتان واپس ورندي ميان مير پارڪ (هڪ خوبصورت، ترتيب سان ٺاهيل ۽ سنڀاليل گارڊن) ۾ به اسان چڪر ڏنو. ٿوري دير ويٺاسين به. پارڪ جي اوڀر ۾ اوقاف کاتي پاران نظر انداز ڪيل مزار متعلق پڇڻ تي هڪ همراهه ٻڌايو ته اها ان عورت جي مزار آهي، جيڪا ميان مير کي وضو ڪرائيندي هئي. هن پارڪ ۾ هڪ نوجوان کي ڪتاب پڙهندي ڏٺم ته ساڻس هم ڪلامي ٿيڻ تي هن ٻڌايو ته هو بي اي (BA) جي امتحان جي تياري ڪري رهيو آهي. سچ ته مون کي حيرت ٿي، ته ڪو بي اي جي امتحان لاءِ به ائين تياري ڪبي آهي!
اسان وٽ وقت ٿورو، مقابلو سخت هو. ميان مير جي مزار کان پوءِ بي بي پاڪ دامن جي مزار تي وياسين، اتي ماڻهو گهڻا هئا، انهن ۾ مون کي گهڻائي سنڌ مان پهتل زائرين جي محسوس ٿي. ڇو ته مون گهڻن کي سنڌي ۾ ڳالهائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو. انهن مان گهڻا ٻهراڙي جا هئا ۽ هڪ ٻن کي مون گوڏ ۾ به ڏٺو.
ماڻهو هڪ تير سان ٻه شڪار ڪندا آهن، اسان هڪ پنڌ ۾ شاهي قلعو، شاهي مسجد، علامه اقبال جي مزار، مينار پاڪستان ڏسڻ لاءِ نڪتاسين. اتي پهتاسين ته نومبر 2015ع وارو ٽوئر به ياد آيو. جتي اسان گاڏيون بيهاريون هيون، اتي کان اندر صرف خاص گاڏيون ڇڏيون پئي ويون. مکيه رستي، مينار پاڪستان ۽ شاهي قلعي جي وچ ۾ جيڪو وسيع ميدان خالي پيو هو، ان کي ”گريٽ اقبال پارڪ“ لاءِ مختص ڪيو ويو آهي. اڃا ته صرف ابتدائي ۽ تمام ٿورو ڪم ٿي سگهيو آهي، پر اهو بنيادي ڪم ڏسي به حيرت جي حد نه رهي. انتهائي جديد قسم جو نت نئون پارڪ تعمير ڪيو پيو وڃي. ٻن اڍائي سالن ۾ مڪمل ٿيندو، ته منهنجي خيال ۾ صرف لاهور ئي نه، سڄي ملڪ ۾ هي خوبصورت ترين پارڪ هوندو.
منهنجا همسفر فقير ۽ وفا مزي مزي سان شاهي قلعو، شاهي مسجد، علامه اقبال جي مزار، مينار پاڪستان ڏسندا، لطف اندوز ٿيندا رهيا، آئون سندن تصويرون محفوظ ڪندو رهيس. هڪ اڌ تصوير ۾ پنهنجي حاضري به لڳرايم. ٻاهر هڪ وڻ جي ڇانءُ ۾ اسان ويهي گرم ڏينهن جي گرمي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ٿڌو پاڻي ۽ ٿڌي شربت (بوتل) جو چسڪو ورتو، پر پيسن جي ادائگي مهل خبر پئي ته گهمڻ ڦرڻ وارين سمورين جاين تي، گهمڻ وارن کي امير (سُکيو) نه صرف حڪومت سمجهي، انهن کان ٽڪيٽ جي صورت ۾ پيسا وٺندي آهي، پر اتي ڪاروبار ڪندڙ به هر شيءَ مهانگي وڪڻي، محدود آمدني وارن گهمڻ جي شوقينن لاءِ مسئلا وڌائيندا آهن!
هاڻي اسان وٽ لاهور کي ڏيڻ لاءِ وقت تمام ٿورو بچيو هو. ان ڪري پهرين جنهن هوٽل ۾ ترسيل هئاسين، ان ڏانهن رُخ ڪيوسين. اتان پنهنجو سامان کڻي، مليل ڏس موجب ”لاري اڊا“ پهتاسين. جتان هڪ اي سي ڪوچ اسان کي لاهور مان کڻي اسلام آباد رواني ٿي.

(سندر، انچارج: حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو 09 آگسٽ 2016ع)

No comments:

Post a Comment