دنيا جي سمجهه ۽ سکيا لاءِ ٿائيلينڊ جي ڪلچر ۾ هزارين خزانا آهن!
سعيو سامونڊين سين-۳
ڊاڪٽر ايوب شيخ
ٿائيلينڊ جو گم ٿيل ماڻهو جم ٿامپسن:
اسان مهاتما ٻڌ جي سوني مجسمي کان
واپسيءَ تي، بئنڪاڪ شهر جي مرڪزي شاهراهه تي ان هنڌ پهتاسي، جتان اسان کي ”جم ٿامپسن“
ميوزم لاءِ سياحن کي وٺي وڃڻ لاءِ گاڏي بيٺي هئي.
ميوزم داخلا جا ٽي ڊالر يا 100 باٿ
في ماڻهو ڀري اندر آياسين. اهو ميوزم جم ٿامپسن جو نهر جي ڪناري تي گهر هيو، جنهن جي
پهرئين منزل جي فلور تي ورانڊي ۾ ڪرسي رکي هو پاڻيءَ جو وهڪرو ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ
موسيقي ٻڌنڌو هيو. جم ٿامپسن جيڪو پاڻ آرڪيٽيڪ ڊزائين جو چاڻو هيو، تنهن بئنڪاڪ جي
ڇهن پراڻن گهرن کي مختلف هنڌن تان کڻائي اتي پنهنجي گهر ڍاهڻ جو نقشو چاهيو هو. هن
ستن ورهين ۾ اهو گهر ٺاهيو، 1959ع ۾ اهو ٺهي تيار ٿيو ۽ اٺ ورهيه ان ۾ رهي سگهيو. اها
وڏي ڪهاڻي آهي.
ميوزم ڏسڻ لاءِ هڪڙا هيا اسڪول جا
شاگرد ۽ ٻيا هيا پرڏيهي سياح. اسان کي مليل ٽڪيٽ سان گڏ نمبر پڻ ڏنل هيو. اسان جي نمبر
سان گڏ ڪل 12 ڄڻن جو جٿو هيو. هر جٿي کي ترسڻ لاءِ بئنچون هيون، پاسي ۾ پاڻيءَ جو چشمو
هيو جنهن ۾ رنگ برنگي مڇيون تري رهيون هيون. سڄو گهر وڻن، ٻوٽن ۽ ساوڪ سان سٿيو پيو
هو. هڪڙو ريسٽورينٽ هيو جنهن ۾ مڪاني طعامن واري ماني ملي پئي، پر ماڻهو کائڻ وارا
بنهه گهٽ هيا. ان جي سامهون ”سووينئر شاپ“ هيو، جنهن تان مختلف پوسٽ ڪارڊ ۽ ٿائيلينڊ
توڙي جم ٿامپسن جي باري ۾ ڪتاب وڪري لاءِ موجود هيا. ريسٽورانٽ ۽ دڪان جي وچ واري راهداري
جي پاسي ۾ ٻه ٿائي ڇوڪريون پشم جا ڌاڳا ٺاهڻ جو ائٽ هلائي رهيون هيون. انهن ٻنهي نوجوان
ڇوڪرين مان هڪ سکيل ۽ ٻي سيکڙاٽ هئي. انهن جي پاسي ۾ هڪ ڄڻي باهه جي ننڍي اسٽوپ تي،
مختلف رنگن وارن انهن پٽ ڪينئن Silk Worms
کي پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي ان جون تندون پئي ڪڍيون ۽ اهي ڇوڪريون انهن
تندن کي ملائي ائٽ تي ريشم جا ڌاڳا ٺاهي رهيون هيون. اڇا، ڳاڙها، نيرا، هيڊا ۽ ساوا
ريشم جا ڌاڳا.
اسان جي گروپ کي سڏ ٿيو. اول هڪ
هنڌ لاڪر Lockers هيا، اسان کي پنهنج بوٽ
۽ چپل لاهي ان ۾ رکڻ ۽ ڄاٻي پاڻ سان کڻي وڃڻ جو چيائون. اسان پيرين اگهاڙي ان گهر کي
اندر گهمڻ ۽ ڏسڻ لڳاسين. هڪ رهنما گائيڊ ڇوڪري اسان سان گڏ هئي. جنهن ڪي به سوال پڇڻ
جو پڻ چيو. اتي ٻڌايو ويو ته جم ٿامپسن جي گهر اندر سمهڻ جي ڪمري جون تصويرون ڪڍڻ منع
آهي. فرش ۽ پهرين منزل تي ٻڌل ڪاٺ جي ان شاهي گهر ۾ اها ڳالهه سمجهڻ سولي هئي ته جم
ٿامپسن پنهنجي روئي ۾ شايد هڪ زمانو فوجي هجي، پر هن جي گهر جي سونهن، اڏاوت، جنهن
جاءِ تي گهر ٺاهيو ويو هو ان جي بيهڪ ۽ تمام ٿوري سامان مان اندازو لڳائڻ سولو هيو
ته، هن پنهنجي لاءِ گهر ته ٺاهيو هو پر سامان سان نه سٿيو هو. هن جي گهرج جون، هن جي
مهمانن ۽ وفدن جي ڪتب اچڻ جهڙيون ۽ جيتريون شيون موجود هيون.
آميريڪي رهواسي جم ٿامپسن جنهن کي
ٿائي ريشم جو شهنشاهه Thai Silk King سڏين ٿا، اهو آميريڪي فوج ۾ آفيسر هيو، ڪيترن محاذن تي وڙهيو، ڪيئي
زخم کاڌائين، ڪيئي معرڪا سر ڪيائين، ڪيئي سوڀون سندس دامن ۾ پاڻ اچي پيون. هو آميريڪي
فوج ۾ انٽيليجنس ايجنسي ۾ هيو، جنهن کي پنهنجون رپورٽون ”سي آءِ اي“ کي ڏيڻيون هونديون
هيون.
1948ع ۾ هو ٻين مهاڀاري لڙائي کان
پوءِ آميريڪا مان اچي بئنڪاڪ پهتو، جتي ”ٿائي سلڪ ڪمپني“ کوليائين. ان ڪمپني کولڻ کان
پوءِ، هن ٿائيلينڊ جي عوام کي سبڻ، ڀرت ڀرڻ، مشينن جي جديد طريقن، ڪپڙن جي ڊزائين کان
سواءِ وڏي ۾ وڏو ڪم اهو ڪيو ته ٿائي عورتن کي چيو ته هو پنهنجي گهرن ۾ جيڪي ڏر کڻ جو
ڪم ٿيون اهو سندس ڊزائين موجب گهرن ۾ پورو ڪري کيس ڏين. ان ترڪيب سان ٿائي عورتن کي
جديد طرز تي ڪپڙا سبڻ جو ڏانءُ به مليو ته گهر ويٺي عزت سان ڪاروبار پڻ ملي ويو. جم
ٿامپسن جي ان ترڪيب ۽ محنت جي ڪري ٿائي عوام ۽ خاص ڪري ٿائي عورتن جو محبوب واپاري
۽ صنعتڪار بڻجي ويو. هن جي ان محنت، ان ڪمپني جي ڪري ٿائيلينڊ ڪر موڙي اٿي بيٺو. جيڪا
صنعت ٻڏڻ تي هئي، تنهن کي جم ٿامپسن ڄڻ ته ٻيڙي فراهم ڪري ڏني هئي.
ٿائيلينڊ جي گادي بئنڪاڪ ۾ هن جي
رهڻ جي ڪري هن سڄي شهر جي ماڻهن خاص ڪري پورهيتن سان رستا رکيا. هن فطرت خاص ڪري موسمن،
جنگلن، وڻن، چنڊ، سج ۽ ٻوٽن توڙي مهاتما ٻڌ کي پنهنجي ريشمي ڪپڙن جي ڊزائين ۾ شامل
ڪيو.
تاريخ ۾ جم ٿامپسن جيڪو پورهيتن
جو مسيحا ليکيو ٿئي ويو، تنهن 1967ع ۾ ملائيشيا جو دورو ڪيو. هن سان گڏ هن جي گهر واري
هئي. هن ڪوالالمپور شهر جي ٻاهران ”ڪئمرون“ چڙهاين جي جهنگ ۾ هيٺ لهندو ويو. اها
26 مارچ 1967ع جي تاريخ ۽ آچر جو منجهند 3 وڳي جو وقت هيو، هن پنهنجي گهرواري کي چيو
ته هو منجهند جي وڪ ڪري اجهو ٿو موٽي، جم ٿامپسن ان جهنگ ۾ گم ٿي ويو، وري نه موٽيو
۽ ٿائيلينڊ جي تاريخ جو پهريون امير شخص دنيا جي گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ ”گم ٿيل ماڻهو“Missing
Person بڻجي ويو.
ڪجهه افواهه اهي هيا ته هو جيئن
ئي هيٺ لٿو ته سندس پير ترڪي ويو ۽ هو نهر ۾ ڪري ٻڏي مري ويو. ڪجهه چون ٿا ته، هن کي
رستي ۾ چيتو شينهن مليو، جنهن کيس کائي کپائي ڇڏيو. پر هن جا لٽا ڪپڙا ته شينهن کي
کائڻا ڪونه هيا، تنهن ڪري ان ڳالهه تي گهڻو ويسهه نه ڪيو ويو. هڪڙو افواهه اهو هيو
ته هو آميريڪي جاسوس مان ڦري واپاري بڻيو هو، هن ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ويٽنام ۽ لائوس
۾ هلندڙ آميريڪا مخالف جدوجهدن جي باري ۾ جاسوسي پئي ڪئي. جڏهن هو ملائيشيا آيو ته
ويٽنامي گوريلا کيس کڻي ويا. ان کان سواءِ، هڪ ڳالهه اها به ٻڌائي وئي ته، هو جيئن
گهرواريءَ کان موڪلائي جهنگ ۾ لٿو ته هن جو ٽڪر ڪاٺ کڻندڙ ٽرڪ سان ٿيو، هو مري ويو،
شاهدين گم ڪرڻ لاءِ هڪ ڄڻي کيس ان ئي جهنگ ۾ پوري ڇڏيو.
پڇا ڪرڻ تي گائيڊ ٻڌايو ته ٿائيلينڊ
۽ ملائيشيا جا ماڻهو اڄ تائين اها ڳالهه ويسهه نه ٿا ڪن ته ڪو، جم ٿامپسن جهنگ ۾ پير
ترڪندي هيٺ هليو ويو ۽ گم ٿي ويو. ان جي گم ٿيڻ کان پوءِ ڪا هڪ نشاني به اهڙي نه ملي
سگهي آهي، جنهن سان ان ڳالهه جي ثابتي ملي سگهي ته آخر ۾ هن سان ڇا ٿيو هيو. هن جي
گم ٿيڻ سان هن جي ڳولا شروع ڪئي وئي، پر ڪوبه پرو نه مليو.
اسان ان ميوزم جا سمورا رستا، گهر
جا ڪمرا، هيٺ مٿي ڏسي وري هيٺ راهداري ۾ انهن ٻنهي چوڪرين کي ريشم جا ڌاڳا ائٽ تي ٺاهيندي
ڏٺاسين. اسان بيٺا ئي هئاسين، ته انهن ٻنهي ڄڻن ائٽ بند ڪري، صندل تي ئي پيل ٽيپ وڄائي
ان راهداري ۾ ٿائي ناچ نچڻ شروع ڪيو. هو ڪنهن مهل ائٽ تي ريشم ٺاهيندڙ هيون ته انهن
مان ڦري نرتڪيون ٿي ويون. جي اهي ئي اوهان کي ”ٿائي ايئر“ جي جهازن ۾ ملن ها ته اوهان
ويسهه ئي نه ڪيو ها ته ڪي اهي ساڳيون هيون. ايئن هر ماڻهو ٻن ٽن ڪمن جو ماهر ۽ ڄاڻو
۽ ڪنهن به معنا ۾ پنهنجي سر تي ڪي وڏا لقب ۽ بار کڻي نه ٿا رکن.
اسان جم ٿامپسن جي گهر ۽ ميوزم مان
نڪري وري ان ”ٽُڪ ٽڪ“ تي چڙهي مرڪزي روڊ تي آياسين. منهنجي پٽ نجيب الله عرف سرمد چيو
ته ”ڪراچي ۾ ڪا نهر هجي، ان تي ڪاٺ جا ڪي گهر هجن. ان ۾ رڌ پچاءُ جو بندوبست ٻاهر هجي
۽ ويجهو ڪا به مشين ۽ ان جو آواز نه هجي، اهڙو گهر هر ماڻهوءَ کي ملڻ گهرجي، هجڻ گهرجي.“
No comments:
Post a Comment