Thursday, August 25, 2016

اسلام آباد ۾ رهي اسلام آباد گهمياسين، راولپنڊي رلياسين - مٺل جسڪاڻي

اسلام آباد ۾ رهي اسلام آباد گهمياسين، راولپنڊي رلياسين
مٺل جسڪاڻي
اسلام آباد، ملڪ جي گادي وارو شهر هجڻ جي ناتي، ڪم ڪار توڙي گهمڻ ڦرڻ لاءِ به انتهائي اهم، بين الاقوامي شهر آهي. منهنجي خيال ۾ صرف اسلام آباد ئي خاص رٿابندي تحت جوڙايل هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن ۾ سڌا ۽ ڊگها روڊ رستا گهڻا آهن. ٿوري ٿوري پنڌ تي رهائشي علائقا الڳ ۽ آفيسون وغيره الڳ آهن. ان سان گڏوگڏ هتي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪجهه مشهور جايون جڳهيون، ماڳ مڪان به آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پري پري کان خرچ ڪري پهچندا آهن.


اسلام آباد صاف سٿرو شهر آهي. ٽريفڪ تي سٺو ضابطو آهي. ان ڪري اسلام آباد ۾ رڪشا، چنگچي ڪٿي به نه آهي. عام ماڻهو جي سستي سواري لاءِ ميٽرو بس سروس شروع ڪئي وئي آهي، پر جيئن ته اها بس مخصوص اسٽيشنس تي بيهندي آهي ۽ هڪ کان ٻيءُ اسٽيشن جي وچ ۾ ڪٿي ٿورا ته ڪٿي گهڻا ڪلوميٽر فاصلو به آهي، ان ڪري جنهن وٽ پنهنجي گاڏي نه آهي، ان کي ٽيڪسي (ڪار) ڀاڙي تي ڪرڻي پوندي آهي. ٽيڪسي ۾ ميٽر گهڻو ڪري سڄي ملڪ ۾ مالڪن جي مرضي سان ڪم ڪندا آهن، ان ڪري ڀاڙو به ٽيڪسي هلائڻ وارن جي مرضي سان طئه ٿيندو آهي.
رهائش ۽ ماني ٽڪي لاءِ به اسلام آباد گهڻو مهانگو آهي، ان ڪري ڪم ڪار سانگي يا گهمڻ لاءِ ويندڙ اڪثر ماڻهو رهندا راولپنڊي ۾ آهن، گهمندا اسلام آباد آهن. آئون صرف هڪ دفعو رهيس راولپنڊي، گهميس اسلام آباد، نه ته اڳ ۾ به ۽ هيل به اسلام آباد ۾ رهي، ڪجهه اسلام آباد ته ڪجهه راولپنڊي ۾ رليس. فقير محمد ڍول ۽ وفا مولابخش جا قرب، سندن خلوص، ذاتي ۽ شخصي طور، ٻنهي مون کي پاڻ ساڻ خوش اصلوبي قبوليو، ان ڪري اسان گڏ گڏ هئاسين.
اسلام آباد پهچندي پهچندي اسان کي سج لهي ويو هو، رات ٿي چڪي هئي. اسان پهرين رات وفا جي ڪوششن سان اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد جي رائيٽرس ڪلب ۾ گذاري. رات واري ماني کائي چهل قدمي ڪندي الشفا اسپتال ۽ اڪيڊمي جي وچ واري رستي تي گهمندي، منهنجي نظر هڪ منفرد منظر تي پئي، ته مون هن دفعي اسلام آباد پهچڻ تي پهرين تصوير محفوظ ڪرائي. اچڻ ۽ وڃڻ واري هن ٻٽي رستي جي وچ ۾ گلڪاري آهي. ٿوري ٿوري پنڌ تي مصنوعي کنڀي لڳائي، ان ۾ رات جو روشني ڪرڻ لاءِ بلب لڳايا ويا آهن. کنڀي منهنجو مضمون رهيو آهي. اتان مون هنن کنڀين جون ڪجهه تصويرون به ورتيون ۽ ڪجهه تصويرن ۾ آئون ۽ کنڀيون گڏجي به پياسين. پوءِ فوٽو سيشن جو شروع ٿيو، ته پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي مکيه بورڊ ۽ ٻين هنڌن تي به فوٽوگرافي ڪري، يادون محفوظ ڪيون.
ٻئي ڏينهن صبح جو جيستائين نيرن تيار ٿئي، تيستائين اسان رائيٽرس ڪلب جا مختلف حصا گهميا، اتي تصويرون ورتيون. وڻن پوکڻ جي مهم دوران مختلف اديبن پاران پوکيل وڻن تي پوکيندڙ اديب جي نالي واري تختي به لڳل هئي. هر ڪنهن پنهنجي پسند واري اديب جي لڳايل وڻ وٽ تصوير محفوظ ڪرائڻ چاهي. نظر آيل نالن مان وفا جي چونڊ ۾ انتظار حسين هو، فقير به ان تي ئي تصوير محفوظ ڪئي. منهنجي نظر احمد فراز جي لڳايل وڻ تي پئي، ته مون پنهنجي تصوير ان وڻ سان محفوظ ڪرائي. ڪلب جي ميس وٽ، جتي چانهن، ٿڌو، ماني واپرائڻ لاءِ ويهجي، ان هال ۾ مشهور ۽ مقبول شاعرن ۽ ليکڪن جا پورٽريٽ لڳل آهن. هتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي لڳل پورٽريٽ ڏسي اسان ٽي ئي حيران ٿي وياسين. اهڙو پورٽريٽ اسان جي ذهن ۾ ئي نه هو! لطيف سائين جي اڳ ۾ ڏٺل خيالي پورٽريٽس کان هي مختلف هو!
پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو، اڪيڊمي آف ليٽرس (ادبيات) پاڪستان جي چيئرمين سان ناشتي ۽ فوٽو سيشن کان پوءِ ملياسين. سائين اسان ٽنهي کان وڏو هجڻ باوجود، اسان جو دل جي گهرائين سان آڌرڀاءَ ڪيو، اسان سان خوب ڪچهري به پئي ڪئي، پنهنجا ضروري ڪم به اڪلائيندو هليو. ان دوران سندس عملي سان هڪ مختصر ميٽنگ به ڪري ورتائين. هن اسان کي تمام گهڻو وقت ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان اهو به اندازو لڳائي ورتو، ته ڊاڪٽر صاحب هتي سٺا ۽ تاريخي ڪم ڪري رهيو آهي. هن اسان سان سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جون ساروڻيون به سليون. خيالن جي دلچسپ ڏي وٺ ٿي. ادبيات اڪيڊمي جي حوالي سان پڻ مفيد معلومات ملي. هڪ تاريخي ۽ يادگار ڪچهري جي ناتي لکڻ جهڙو احوال به ججهو آهي، پر منهنجي خيال ۾ سڀ ڪجهه لکڻ گهڻو ضروري هجڻ باوجود ضروري به ڪونهي. ڪنهن ٻئي دفعي، موقعي ۽ مهل جي نسبت سان، جڏهن ۽ جيترو احوال ضروري سمجهبو، ضرور اوربو.
اسان جي ٻيءَ منزل فقير محمد ڍول جي فرمائش ۽ وفا جي دلچسپي جي ڪري، هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان هئي. هي ٻئي دوست ڪميشن جي چيئرمين سان مليا. مون ان دوران ڪميشن ۾ گذاري آيل ڇهن مهينن جون ساروڻيون ساريندي گذاريون. جڏهن هو دوست فارغ ٿي پهتا ته، چيئرمين صاحب سان ڪچهري ڪندي، جيڪو مانُ ماڻيائون، جيڪا معلومات حاصل ڪيائون، ان جو احوال ڪندي، چيئرمين جي ساراهه ڪندي نه پئي ٿڪا.
اسان جي ٽئين منزل سنڌ گريجوئيٽس اسلام آباد شاخ جي آفيس، ڪميونٽي سينٽر ۽ بيچلر هاسٽل جو دورو هئي. ڇو ته فقير جو خيال هو ته رهائش اتي ڪجي. فقير جي چوڻ موجب سگا جو مرڪزي سيڪريٽري منظور اڄڻ ۽ ٻيا به اتي رهندا رهيا آهن. هن منظور اڄڻ سان ڳالهائي، طئي به ڪري چڏيو هو، پر ضرورت وقت اتي انتظام هلائيندڙ نويد سومرو صاحب چيو ته اوچتو رش وڌي وڃڻ ڪري اوهان ٽنهي کي رهائڻ جيتري گنجائش نه آهي!؟ البت هن اسان جي رهنمائي ۽ مدد طور اسان کي چيو ته جيڪڏهن اسان چاهيون ته هو اسان کي 1500 روپين جي لڳ ڀڳ ڪنهن گيسٽ هائوس ۾ رهائڻ جو انتظام ڪري سگهي ٿو!؟
مون کي اتي جي حال احوال جي گهڻي خبر هئي، پر فقير ۽ وفا جي معلومات لاءِ آئون زور ڀري کين اتي وٺي ويس. سڄو ماحول پنهنجي اکين سان ڏٺوسين. اتي عارضي رهيل ڪجهه نوجوان به مليا. انهن اسان کي ڏاڍو قرب به ڏنو ۽ جيڪو پڇيوسين، اهو ٻڌايو به. هتي هڪ سئو روپيا ڏهاڙي جي حساب سان کٽ ملندي آهي. نوڪري جي ڪم ڪار سانگي اسلام آباد ايندڙ اميدوارن لاءِ هي تمام سستي ۽ محفوظ جڳهه آهي. اڻ سونهان اسلام آباد جو سيڪٽر ايڇ 08 ياد ڪري ڇڏين. هتي ملڻ وارا، ڪم جي معلومات ۽ واجب مدد، همدردي به ڪندا آهن. ميٽرو بس سستي آهي، مختلف اسٽيشنس تان ٿيندي فيض احمد فيض اسٽيشن تي ايندي آهي. هن اسٽيشن کي پراڻو ايجوڪيشن چوڪ ئي سمجهڻ گهرجي. هتان ايڇ اي سي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، نيشنل ٽي وي، نيشنل لائبرري آف پاڪستان جو هيڊ ڪوارٽر وغيره ويجها پون ٿا. هن اسٽيشن کان ئي سگا ڪميونٽي سينٽر پنڌ پنڌ پهچي سگهجي ٿو. اسان به ايڇ اي سي کان پنڌ پهتاسين.
هاڻي اسان ڪجهه ٿڪي به پياسين، منجهند به ٿي، بک به لڳي، جنهن ميس ۾ مون ڇهه مهينا ماني کاڌي، اها به ويجهي هئي، پر ماحول ۽ حالتون اهڙيون نه هيون، جو اتي وڃي سگهجي ها، ان ڪري اسان منجهند جي ماني هڪ عام جهوپڙا هوٽل تي کاڌي، جتي صرف ڳاڙهن چئونرن (راهن) جي ڀاڄي هئي.
اسان ماني کائي، ٽيڪسي وسيلي ”پاڪستان ميوزيم“ (PMNH, Islamabad) پهتاسين، جتي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڀٽي اسان جي آجيان ڪئي. ڀٽي مون سان هن سفر تي اسهڻ کان پڄاڻي تائين، تمام گهڻو رابطي ۾ رهيو. ڪجهه هن پاڻ ليکي پئي سهڻيون صلاحون ڏنيون، ڪجهه وري پڇڻ تي مفيد رهنمائي پئي ڪئي. ڀٽي شروع کان آخر تائين، اسان کي پاڻ وٽ رهڻ لاءِ مون کي منٿ ڪندو رهيو، پر جيئن ته هو اتي ڪٽنب سميت رهندو آهي، ان ڪري سندس زور بار باوجود مون هن جي هڪ به نه ٻڌي. اسان وٽس نه رهياسين. پاڪستان ميوزيم ۾ جيئن ئي مليو ته رات جو دير تائين اسان سان گڏ گڏ رهيو. سڀ کان پهرين اسان جي ملاقات، ڪچهري، ڪتابن جي ڏي وٺ، اداري جي ڊي جي ڊاڪٽر محمد خان لغاري سان ٿي. اسان ڪچهري ۾ ”بايوڊاءِ ورسٽي“ تي ٿيل بين الاقوامي سمپوزيم جون يادون به تازيون ڪيون. ان کان پوءِ پهرين ميوزيم، پوءِ لوڪ ورثه، پوءِ پاڪستان ميونيٽم، تنهن کان پوءِ شڪر پڙيان گهمياسين.
پاڪستان ميوزيم ۾ فقير توڙي وفا کي گهڻن هنڌن تي ڄڻ ته ڏندين آڱريون اچي ويون. ڇو ته هو پهريون دفعو گهمي ۽ معلوم ڪري رهيا هئا، جڏهن ته آئون صرف اٺ مهينا اڳ اتان ٿي ويو هئس ۽ تفصيل پڙهندڙن تائين پهچايا هئم.
لوڪ ورثه ۾ گهمندڙن جي چڱي خاصي رش هئي. وچو وچ بجلي وڃڻ ڪري، ٿوري بد مزگي ۽ بدنظمي به ٿي پئي. لوڪ ورثه ۾ گهمندي، هڪ ڏهن ٻارهن سالن جو ڇوڪرو، اسان جي پٺيان پئجي ويو! جنهن کي خيرات ڏيڻ سان به جان نه ڇٽي، ته اتي موجود سيڪيورٽي واري سان شڪايت ڪري، اسان آجا ٿياسين! هتي اسان کي سنڌ جون ڪجهه شاعرائون ۽ انهن جون ڀينر پاڻ ته نظر نه آيون، پر انهن جون هم شڪل، انهن وانگر ئي، انهن جو هلڻ گهمڻ، ڏسڻ وغيره نظر آيو. اسان هڪ ٻئي سان نالا وٺي، انهن جي نشاندهي ڪئي، ته اسان هڪ ٻئي جي درست سڃاڻپ تي تاعيد به پئي ڪئي.
پاڪستان ميونيٽم ۾ به رش گهڻي هئي. اتي ماڻهن پنهنجي مرضي سان تصويرون وٺڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، جنهن سان رکيل سامان کي نقصان رسڻ جي خوف سبب سيڪيورٽي جي عملي سيٽيون وڄائي، انهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري، منع پئي ڪئي. سيٽين جي ڀرمار سبب اسان کي سيٽيون ڏکيون پئي لڳيون، ته ان جو مطلب سڀني گهمندڙن کي به ڏکيون پئي لڳيون.
اڄوڪو ڏينهن پورو ٿي چڪو هو، سج لهي ويو هو، ٿڪي به ڏاڍا پيا هئاسين، پر شڪرپڙيان به ته اتي ئي هو. ان ڪري ان ڏينهن جي آخري سُهائي، شڪر پڙيان جا منظر ڏسندي، اتي پوکيل وڻ ڏسندي، وڻن جي ترتيب ۽ هلڻ لاءِ واٽُن جو جائزو وٺندي، ورياسين واپس، رائيٽرس ڪلب، ادبيات اڪيڊمي اسلام آباد.
اڄ منجهند کان رات ٿيڻ تائين اسماعيل ڀٽي اسان سان گڏ هو، هن منجهند جي ماني لاءِ ڏاڍو چيو، پر اسان کائي اچڻ جو ٻڌايو، وري رات واري ماني تي به ڏاڍو زور ڀريائين، پر اسان کيس سندس گهر مان آيل فون تي ڳالهائيندي ٻڌي ورتو هو، جنهن ۾ هڪ ورندي ڏيندي چيو هئائين ته ”مون کي ياد آهي. اڄ سالگرهه آهي. ڪيڪ وٺيو ايندس. اوهان ٻي تياري ڪري ڇڏيو. آئون اچي ويندس.“ ان جملي جي مدد ۽ رات واري ماني ڪنهن دوست وٽ طئه هجڻ جو ڪوڙ هڻي، هن کي روانو ڪيوسين...
اسان اڃا سفر جي شروعاتي پنڌ ۾ هئاسين، ته مون سان عزيز سلام رابطو ڪري اسلام آباد اچڻ تي ڀليڪار چئي هئي، اڄ هي ٻيءَ رات اسلام آباد ۾ هئي، ٻنهي راتين جو به هن رابطو ڪيو، سندس خواهش هئي ته اسان رات واري ماني هن وٽ کائون، ملاقات به ٿيندي، ڪچهري به ٿيندي، پر چاهڻ باوجود عزيز سلام کي وقت نه ڏئي سگهياسين، جنهن جو ارمان رهندو.
عجيب اتفاق هو، منهنجو هم ڪلاسي ۽ دوست مير سيف الله ٽالپر موڪلن ۽ عيد جي ڪري اسلام آباد ۾ نه هو، اهو هجي ها ته منهنجي انڪار باوجود مون کي ڳولي، اچي مون سان ملي ها. اياز لاکو به ضرور ملي ها، پر جن ڏينهن ۾ اسان اسلام آباد هئاسين، انهن ڏينهن ۾ هو ڳوٺ يعني نواب شاهه (شهيد بينظير آباد) هو. اسان جو فون تي مسلسل رابطو هو.
اسلام آباد ۾ ٻيا به گهڻا واقفڪار هئا، دوست هئا، مائٽ هئا، ڳوٺائي ۽ پاڙيسري هئا، صرف منهنجا ئي نه، فقير ۽ وفا جا به هئا، پر اسان گهمڻ ويا هئاسين، ڪو گهمندي ملي پئي ها ته ڪجهه پل ساڻس ڪچهري به ڪري وٺجي ها، ڳولي تڪليف ڏيڻ، اسان ٽنهي مان ڪنهن جي فطرت ۾ شامل نه آهي. ان ڪري ٻين ته رهيو ”هُن“ سان به ملاقات نه ٿي! ”هُن“ پنهنجي منهن انتظار به ڪيو هوندو، آڏي پڇا به ڪئي هوندي، هُن کي ته سفر نامي ۽ سفر نامي ۾ سندس ذڪر جو به شدت سان انتظار هوندو، پر ”کيس“ خبر ئي نه آهي ته ”هُو“ پاڻ ڇا آهي ۽ ”هن“ کان سواءِ ٻيا ڇا آهن!
..... ۽ هڪ ڏينهن جو اڌ راجا بازار مان خريداري ڪري گهر جي ننڍي عمر وارن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ويو هليو! ان ڏينهن اسلام آباد ۾ اسان کي گهمڻ لاءِ شام جا آخري ٽي ڪلاڪ مليا. وقت ٿورو، گهمڻ کان رهجي ويل ماڳ ججها. سوچي، سمجهي، صلاح ڪري، نڪتاسين، ته پهرين فيصل مسجد ۽ پوءِ دامنِ ڪوهه نڪري وياسين، رستي هلندي، رستي ۾ ايندڙ ٻين گهمڻ وارين جاين، جڳهين کي هلندڙ گاڏي مان، دريءَ مان ديداريندا وياسين. جڏهن ته دامن ڪوهه تان اسلام آباد جا منظر ڏٺاسين.
فيصل مسجد توڙي دامن ڪوهه ۾ به وڏي رش هئي. اسان کي ڪرائي تي ڪري آيل ٽيڪسي بيهارڻ لاءِ مناسب جڳهه به ڳولڻي پئي پئي، وري اتان نڪرڻ ۾ به ڏاڍي ڏکيائي پئي ٿي. گهمون به ته ڇا، ڏسون به ته ڇا! ماڻهن جون قطارون، ماڻهن جا ٽولا، ڪي اڪيلا ته ڪي جوڙا...
اسلام آباد ۾ رهي اسلام آباد ۾ ئي گهمياسين، ٿورو راولپنڊي ۾ به رلياسين. هڪ ڏينهن جو اڌ واپسي لاءِ ريل گاڏي ۾ سيٽون بوڪ ڪرائڻ ۾ ويو هليو، اسان چئون 22 جولاءِ تي ڪنهن به گاڏي ۾ ڀلا برٿ نه ته سيٽ ئي ڏيو، هو چون سيٽ 02 آگسٽ کان پوءِ برٿ 08 آگسٽ کان پوءِ، جنهن به گاڏي ۾ گهرندا، ملندي. هڻي وٺي، وڏو ڇيهه ڪرڻ کان پوءِ، واپسي ۾ به صرف سنگل سيٽون ئي مليون، اهي به لاهور کان حيدرآباد!




(سندر، انچارج: حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو 16 آگسٽ 2016ع)

No comments:

Post a Comment