Sunday, August 28, 2016

وڏو خرچ ٿي ويو رن جي چڪر ۾ - الطاف شيخ

وڏو خرچ ٿي ويو رن جي چڪر ۾
الطاف شيخ
سنڌ تي ترخانن ۽ ارغونن جي حڪومت مڪاني ماڻهن جي آزادي ختم ڪري ڇڏي هئي. سنڌ جا امير انڊيا جي حاڪمن مغل شهنشاهن کي ان بابت داهيندا رهيا ۽ مدد گهرندا رهيا. بابر جي وفات بعد سندس پٽ همايون 1530 ۾ آگري جي تخت تي ويٺو. 1540 ۾ کيس شير شاهه سوريءَ ڀڄائي ڪڍيو. همايونءَ سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي ۽ 1541 ۾ حميده بانو بيگم سان شادي ڪئي ۽ 1542 ۾ هن شهنشاهه اڪبر کي عمر ڪوٽ ۾ جنم ڏنو.


شير شاهه سوريءَ هندستان تي فقط پنج سالَ حڪومت ڪئي. 1545 تائين.... پر هن عوام جي ڀلي لاءِ ڪيترا ئي ڪم ڪيا جن جو مثال اڄ جي ڪرپٽ حاڪمن کي ڏنو وڃي ٿو جيڪي ملڪ جا ترقياتي فنڊ به کايو وڃن ۽ پنج سال ائين ئي پورا ڪريو وٺن ۽ عوام کي اهو ئي ڏٽو ڏئي هو وري ووٽ وٺـن ٿا ته هاڻ هڪ دفعو اسان کي وري آزمايو اسان توهان جي ڀلي لاءِ گهڻو ڪي ڪجهه ڪنداسين.... ۽ مزي جي ڳالهه اها ته اسان جو سادڙو عوام يا کڻي چئجي ته تعليم کان وانجھيل (خالي) عوام وريو وريو ساڳيا ليڊر چونڊي پوءِ منهن مٿو پٽڻ جو فئشن ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته سائين اسان کي اسان جا نمائندا پڇن به ڪو نه ٿا.... ڪو ڪم نٿا ڪن.... رڳو پنهنجو ڀڀ پيا ڀرين.
شير شاهه جي وفات بعد سندن پوين ٻوٽو نه ٻاريو ۽ 1555 ۾ همايون وري پنهنجي تخت تي قبضو ڪري ورتو. پر هڪ سال بعد گذاري ويو. دهليءَ ۾ همايون جو مقبرو ڏيکارڻ واري رڪشا ڊرائيور چيو ته ”سائين همايون کي شير شاهه جي روح اوچتو ”هؤ“ ڪيو ته ساهه نڪري ويس.“ اتي جي هڪ مجاور گائيڊ چيو ته ”سر اها ڳالهه ناهي. همايونءَ کي آفيم جي نشي تباهه ڪيو. هڪ ڏينهن نشي ۾ ڏاڪڻ تي چڙهي ويو. پير ترڪي ويس، اچي هيٺ ڦهڪو ڪيائين.“
همايون بعد آگري جي تخت ۽ تاج جو مالڪ عمر ڪوٽ ۾ ڄاول همايون جو پٽ اڪبر ٿيو. سورهين صدي جي آخري سالن ۾ اڪبر جو سنڌ تي قبضو ٿيو ۽ پنهنجن گورنرن ذريعي سنڌ جو ڪاروبار هلائڻ لڳو. هي سلسلو 1700 تائين هلندو رهيو. ان بعد سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت هلي. اڪبر جي ڏينهن ۾، سنڌ وڏا قابل ۽ عالم پيدا ڪيا. جهڙوڪ: مير احمد نصر الله ٺٽوي، طاهر محمد ٺٽوي، ۽ مير علي شير ٺٽوي. مغل تاريخ جو ليکڪ (Chronicler) ابو الفضل ابن مبارڪ ۽ هن جو شاعر ڀاءُ فيضي به سنڌي فئملي جا هئا. اڪبر جي آتم ڪهاڻي جو ڪِتاب ”اڪبرناما“ ۽ مغل سلطنت جو انتظاميا جو ڊاڪوميٽري رڪارڊ ”آئين اڪبري“ ابو الفضل لکيو. هڪ ڳالهه آهي ته اڪبر پاڻ کڻي پڙهيل ڳڙهيل نه هو جنهن کي پنهنجو نالو به لکڻ نٿي آيو پر پنهنجي ويجھو پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻهو رکيائين ٿي. اهو اڪبر جو ئي دور حڪومت هو جنهن ۾ سنڌي ادب ۾ بهتري آئي. تاريخي شخصيتون شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جهڙا شاعر سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيا. اڪبر جي نو-رتنن ۾ توڏر مل لاءِ به چيو وڃي ٿو ته:
Akbar was not only a conqueror but an able administrator and was the greatest of the Mughal Emperors....
1605 ۾ اڪبر جي وفات بعد سندس پٽ محمد سليم جيڪو ”جهانگير“ جي نالي سان مشهور ٿيو، تخت تي ويٺو. جهانگير صاحب پنهنجي زال نور جهان (جنهن سان سندس 1611 ۾ شادي ٿي) جو وڏو مداح هو. حڪومت جي انتظام جو سمورو ڪم هن مائي جي اشارن تي هليو ٿي..... ڏٺانوَ! آئون ته اڳ ئي لکي ويٺو آهيان ته چنيسر جي تخت تي وهڻ جي صلاح ماءُ کان وٺڻ ويو ته اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي.... اڄ به اسان جي حڪومت جي ڪيترن ڪرتا ڌرتائن جون زالون، مائرون يا ڀيڻون سندن حڪومت جو ڪاروبار هلائين ٿيون... ٻيو نه ته پئسا وٺـي نوڪريون ڏيڻ، پرمٽون ڏيڻ، رشوتون وٺڻ... وغيره وغيره.
جهانگير کي ٻيون به زالون هيون. نورجهان کان اڳ، اڪبر جي زندگي دوران هن جي شادي مارواڙ جي راجپوت هندو راجا ڀڳوانداس جي ڌيءَ ”مان متيءَ“ سان ٿي جنهن جو اسلامي نالو تاج بيبي بلقيس رکيو ويو. جهانگير بعد هندستان جي تخت جو مالڪ ”شهنشاهه شاهه جهان“ جهانگير جي هن زال مان هو. جهانگير جي ڏينهن ۾ 1600 ۾ سر ٿامس رو هندستان گهمڻ آيو ۽ هنن انگريزن سان تعلقات قائم ڪيا. 1616 ۾ انگريزن کي جهانگير طرفان انڊيا ۾ فئڪٽري لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي جيڪا هنن ميسوليپئٽم ۾ لڳائي. جهانگير جي ڏينهن ۾ سندس پُٽ شاهجهان 1603 ۾ ٺٽي جو دورو ڪيو.... بعد ۾ جڏهن هي شهنشاهه بڻيو ته سن 1647 ۾ هن ٺٽي ۾ جامع مسجد ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو جيڪا شاهجهان مسجد سڏجي ٿي.
جهانگير 1627 ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ شاهجهان جنهن کي ”خرم“ به سڏيو ويو ٿي، تخت تي ويٺو. بنارس شهر ۾ گهمڻ دوران عالمگيري مسجد وٽ اسان جي سک گائيد جڏهن اهو ٻڌايو ته ”مغل شهنشاهه اورنگزيب هن شهر ۾ هيءَ مسجد ٺهرائي آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ توهان سنڌ کان آيا آهيو.“ (هن سمجھو ٿي ته مغلن جون ٺهرايل عمارتون فقط انڊيا ۾ آهن).... سو مون کلندي چيومانس ته ”اورنگزيب جي هيءَ توهان جي شهر بنارس ۾ ٺهرايل مسجد کان اڳ ۽ سندس پيءُ شاهجهان اسان جي شهر ٺٽي ۾ مسجد ٺهرائي هئي.“ دل ۾ مون چيو ته اسان جي ڪوتاهين، ٽوئرسٽ ڊپارٽمينٽ جي سستي ۽ حڪومت جو Law & Order تي ڌيان نه ڏيڻ ڪري ان کي ماڻهو ڏسڻ نٿا اچن نه ته ٺٽي واري مغلن جي مسجد جي مقابلي ۾ بنارس جي هيءَ مغلي مسجد ڪنهن فلم جو فقط ”ٽريلر“ ٿي لڳي.
مغل شهنشاهه شاهجهان کي چار پٽ هئا، جن جي وچ ۾ سندس وفات کان اڳ، اچي تخت تان جهيڙو ٿيو. دارا شڪوه، شاهه شجاع، اورنگزيب ۽ مراد. مڙني ۾ اورنگزيب قابل، اٽڪلي ۽ لائق هو. 1658 ۾جيئن ئي شاهجهان بيمار ٿيو ته دارا شڪوه (ممتاز محل جي وڏي پٽ) پيءُ جي پاران ريجنٽ جي حيثيت ۾ حڪومت هلائڻ لڳو. ان ڳالهه ٻين ڀائرن جي دل ۾ ساڙ ۽ دشمني پيدا ڪئي. شجاع ان وقت بنگال جو وائسراءِ ۽ مراد گجرات جو وائسراءِ هو. هنن پنهنجي پنهنجي علائقي کي خودمختياري ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ آگره پنهنجي ڀاءُ دارا شڪوه تي حملي لاءِ وڌيا جيئن پيءُ جي ملڪيت هيرن جواهرن ۾ حصو پتي حاصل ڪري سگهجي.
اورنگزيب جيڪو سڀ ۾ سياڻو هو، تنهن هڪ بهترين آرمي ٺاهي. ان جو ڪمانڊر ان چيف ٿيو. آگره پهچي، پهرين سڀني گڏجي پنهنجي وڏي ڀاءُ کي موچڙا هنيا ۽ سندس فوج کي پڻ شڪست ڏني. ان بعد اورنگزيب پنهنجي باقي ٻن ڀائرن جون اکيون ڪڍرائي پوءِ قتل ڪري ڇڏيو.
ان دوران شاهجهان (سندس پيءُ) چاق ٿي ويو پر هن (اورنگزيب) اهو ئي اعلان ڪيو ته هو ڪنهن به ڪم جي لائق نه رهيو آهي ۽ هن کي آگري واري قلعي ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو... اسانجو لاهور وارو دوست مستنصر تارڙ چوندو آهي ته ”ڏس الطاف! تون ٿو چوين ته اورنگزيب مرد مومن ۽ درويش صفت انسان هو.... هي آهن مسلمانن جا ڪم؟ اسلام ۾ ته ڪنهن غير مسلم کي قتل ڪرڻ جي به اجازت ناهي ۽ پوڙهي پيءُ سان آخري ڏينهن ۾ هي ظلم ڪرڻ ڪهڙي مسلماني آهي..... ڪهڙو اسلام آهي؟“ ۽ اسانجو ٻيو لاهوري يار حسن نثار چوندو آهي ته ”بابا ڳالهه ٻڌو..... اڄ جا سياستدان ۽ حاڪم نالو جمهوريت جو ٿا وٺن پر هن ملڪ کي پنهنجي جاگير ٿا سمجھن. هو هن ملڪ جا چونڊيل نمائندا ۽ خذمتگار سمجھڻ بدران بادشاه ٿا سمجھن ۽ هر ڪو پنهنجي پٽ/ڌيءَ کي تيار ٿو ڪري ته هن بعد اهو هن تخت تاج جو مالڪ ٿئي. اڙي ڪمبختو! ائين ته مغل شهنشاهه به نٿي ڪيو. هنن جي مرڻ بعد هنن جو اولاد ضرور حاڪم ٿيو ٿي پر انهن مان اهو ٿيو ٿي جنهن پنهنجو پاڻ کي سڀ ۾ قابل مڃرايو ٿي.... هِتي اسان وٽ به کڻي ڪو چريو هجي، جاهل هجي پر هن کي نه فقط سياست ۾ آڻڻو آهي پر حاڪم به بڻائڻو آهي.“
حسن نثار جو اشارو يقينن اورنگزيب ۽ سندس ڀائرن ڏي هوندو. بهرحال شاهه جهان عمارتون ٺهرائڻ کان مشهور آهي خاص ڪري ”تاج محل“ کان جيڪو هن پنهنجي پياري زال ”ارجمند بانو“ جي ياد ۾ ٺهرايو جيڪا تاريخ ۾ راڻي ”ممتاز محل“ جي نالي سان مشهور ٿي. آگري جي تاج محل ۽ ٺٽي جي شاهجهان مسجد کان علاوه ڪجهه ٻيون شيون جيڪي شاهه جهان  ٺهرايون هن ريت آهن:
لال قلعو ۽ جامع مسجد دهلي، شاليمار باغ لاهور، لاهور واري قلعي جا ڪجهه حصا جيئن ته شيش محل ۽ نو لکها پويلين، آگري فورٽ جا ڪيترائي حصا، لاهور جي وزير خان مسجد، موتي مسجد ۽ پنهنجي پيءُ جهانگير جو مقبرو ۽ شاهه جهان مسجد. شاهجهان ”تخت طائوس“ (مور وارو تخت) پڻ  ٺهرايو جنهن جي هاڪ اڄ تائين سڄي دنيا ۾ آهي... جيڪو تخت بعد ۾ نادر شاهه جڏهن دهليءَ کي 1739ع ۾ اچي باهه ڏني هئي ته اهو ۽ ٻيا هيرا جواهر (ڪوه نور ۽ درياهه نور هيرا) ۽ مال ملڪيت لٽي ڦري ايران کڻائي ويو. هِتي ان بنا بخئي (ڳنڍ) واري دنيا جي گلوب جو به ذڪرڪندس جيڪو شاهجهان جي همٿ افزائي سان ٺٽي جي هڪ سنڌي محمد صالح ٺٽويءَ 1659 ۾ ٺاهيو جنهن تي ملڪن ۽ سمنڊن جا نالا عربي ۽ فارسي ۾ لکيا. هن گلوب جي تياري کان فقط سال اڳ شاهجهان کي سندس پٽ اورنگزيب تخت تان لاهي آگري جي قلعي ۾ نظر بند  ڪري رکيو.
شهنشاهه شاهجهان تخت تي وهڻ سان 1629 ۾ پنهنجي نالي جي صحي سان سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا جاري ڪيا. هونءَ باءِ دي وي ”شهنشاهه شاهجهان“ جو سڄو نالو جنهن سان هن کي مخاطب ڪيو ويندو هو يا درخواستن ۽ خطن تي لکيو ويو ٿي، هن ريت هو:
”...... شهنشاهه السلطان الاعظم والخاقان المڪرم، مالڪ السلطنت، اعليٰ حضرات ابوالمظفر شهاب الدين محمد شاهه جهان اول، صاحبِ قرانِ ثاني، پادشاهه غازي،ضلِ الاهي، فردوس آشياني، شهنشاهِ سلطنت الهند والمغليه.“
شاهه جهان پنجون مغل شهنشاهه هو  هن هندستان تي 1628 کان 1658 تائين ٽيهه سالَ راڄ ڪيو. شاهه جهان 1592 ۾ جهانگير جي گهر ۾ سندس هندو راجپوت زال تاج بيبي بلقس (مانمتي) مان ڄائو. شاهه جهان ننڍو هو ته پنهنجي ڏاڏي اڪبر وٽ رهيو ٿي ۽ هُنَ ئي هِنَ جو پيار مان نالو ”خرم“ رکيو. شاهجهان جڏهن ڇهين ڏينهن جو ڏينهن ته سندس ڏاڏي اهو حڪم جاري ڪيو ته ننڍڙي شهزادي کي سندس راجپوت ماءُ بدران سندس (يعني اڪبر جي) پهرين زال رقيه سلطان بيگم نپائيندي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مغل شهنشاهن ۾ شهزادي خرم (شاهجهان) کي سڀ کان گهڻي ۽ ان وقت مطابق اعليٰ تعليم ڏني وئي.
1607 ۾ شهزادي خرم جو ارجمند بانو بيگم سان مڱڻو ٿيو جڏهن هو 15 کن سالن جو هو. ڪن سببن ڪري شهزادي خرم جي ارجمند بانو (جيڪا پوءِ ممتاز محل سڏي وئي ۽ جنهن جي ياد ۾ تاج محل ٺهيو) سان مڱڻي بعد شادي 5 سال دير سان ٿي. ان دوران شاهه جهان ميوار جي مهارانا امر سنگهه جي هندو ڌيءَ شهزادي امبر سان شادي ڪئي. هن مان کيس هڪ ڌي ڄائي جيڪا ننڍي هوندي گذاري وئي.
1612 ۾ جڏهن شاهه جهان 20 سالن جو ٿيو ته هن جي ارجمند بانو بيگم سان شادي ٿي. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان پيار مشهور آهي. ارجمند بانو سياست ۾ بيحد متحرڪ رهي ۽ مڙس کي هر ڪم ۾ صلاح ڏيندي رهي. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن مڙس کي اهو به چيو ته ٻين ڇورين سان شادي ته ڪئي اٿئي پر متان انهن مان ٻار پيدا  ڪيا اٿئي ۽ شهزادو خرم (شاهجهان) به پنهنجي هن زال (جنهن کي پيارمان ممتاز محل سڏيندو هو) جو Most Obedient Servant ٿي رهيو.... يا گهٽ ۾ گهٽ پوز اهو ئي ڏيندو رهيو. کيس ممتاز محل مان چوڏهن ٻار ٿيا جن مان ست ته ٻالڪپڻي ۾ ئي گذاري ويا. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ نه هيون سٺيون اسپتالون ۽ نه نرسون ڊاڪٽرياڻيون. اهڙن ڪم لاءِ به هنن حاڪمن جو فرص هو ته هُو اسڪول ۽ اسپتالون کولين...... جيئن نه فقط عوام جو پر سندس به فائدو ٿي سگهي. گهر ۾ ٻارن جي ديک ڀال لاءِ رکيل آيائن جي فوج جو زور فقط ان تي هوندو هو ته ٻارن جي منهن ۾ مکڻ جا گولا وجھجن ۽ اکين ۾ ڏوين جهڙين سرميدانين سان سرمو وجھجي. بهرحال ٻن زالن مان ٻار نه پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جي باوجود شاهجهان کي ٻين زالن مان هڪ هڪ ٻار ضرور ٿيو. پر هن کي ممتاز محل سڀ ۾ پياري هئي ۽ تن ڏينهن ۾ زال سال  گهڻي پيار جو بئراميٽر يا ٿرماميٽر ان مان پيدا ٿيل ٻارن جو ”تعداد“ هوندو هو.
ممتاز محل 20 سالن جي هئي ته سندس شاهجهان سان شادي ٿي. وفات وقت سندس 40 سال عمر هئي.... يعني سراسري هڪ سال پنجن مهينن ۾ في  ٻار ڄڻڻ جي حساب سان هن چوڏهن ٻارن کي جنم ڏنو ۽ سندس موت به ويم دوران ٿيو. سندس آخري ٻار گوهر بيگم هو جنهن کي 1632 ۾ برهانپور شهر ۾ جنم ڏيڻ وقت Post-Partum هئمريج سندس موت جو سبب بڻيو. هن ويم ۾ ممتاز محل کي تمام گهڻو خون آيو ۽ چون ٿا ته 30 ڪلاڪ کن ويم جا سخت سور هليا. ڪجهه تاريخ نويس لکن ٿا ته سندس ڌيءَ جهان آرا ماءُ جي هيءَ حالت ڏسي ايڏو ته پريشان ٿي وئي جو هن شاهي خزاني مان هيرا ۽ پٿر ڪڍرائي غريبن ۾ ورهائڻ شروع ڪري ڏنا ته من ڪنهن جي دعا رسي ۽ ماءُ چاق ٿي وڃي. شهنشاهه شاهجهان جي به غم ۾ اهڙي حالت ٿي جو چُري پُري نه پيو سگهي ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي شاهه جهان ٻه ٻيون به شاديون ڪيون.... هڪ جو نالو اڪبر آبادي محل هو ۽ ٻيءَ جو قنڌاري محل جن لاءِ ان وقت جي لکيل احوال بابت اهي شاديون فقط ”سياسي نوعيت“ جون هيون..... يعني فقط راجائن ۽ نوابن کي خوش ڪرڻ لاءِ باقي زال مڙس وارن تعلقاتن کان شاهجهان صاحب پاڻ کي پري ٿي رکيو. بهرحال سندس محبوب زال ممتاز محل جي مري وڃڻ تي في الحال شاهجهان روئي روئي ڪم ڇڏائي ڇڏيا. اکين جو نور به جھڪو ٿي ويس. سندس ياد ۾ تاج محل ٺهرائي خزانو خالي ڪري ڇڏيائين.....
پنهنجي سئيڊن واري سفرنامي ”ڏيهه پرڏيهه جو سفر“ ۾ اتي جي هڪ بادشاهه گستا ورس اڊولفس جو احوال لکيو اٿم ته اڄ کان 383 سال اڳ جڏهن هندستان جي هن عظيم الشان شهنشاهه شاهجهان جي پياري زالَ 32-1931ع ۾ ڊليوري دوران مري وئي هئي..... ٺيڪ ان ئي سال سئيڊن جي هن بادشاهه گستاورس جي زال پڻ ٻار ڄڻيندي فوت ٿي وئي. سئيڊن  جي شهنشاهه کي به پنهنجي راڻي ايتري ئي پياري هئي. هو به هيڪر ته غم ۾  غرق ٿي ويو پر پوءِ جلد ئي پاڻ سنڀالي پنهنجي زال جي موت تي غور ڪيائين ۽ جنهن وقت هندستان ۾ شاهجهان تاج محل ٺهرائي رهيو هو، گستاورس ملڪ جي هر ڳوٺ مان ٻه ٻه چست ۽ ذهين ڇوڪريون گاديءَ واري شهر اسٽا ڪهوم ۾ گهرائي کين دائيءَ جي ڪم جي ٽريننگ ڏياري واپس ڳوٺ موڪليو ته هو اتي هر محلي مان هڪ هڪ ڇوڪريءَ کي ڄاڻ ۽ سکيا ڏين جيئن اڄ کان پوءِ ڪا به عورت اڻ ڄاڻائيءَ سبب ويم دوران نه مري. اهڙن بادشاهن ڪري اهي ملڪ اڄ تائين خوش حال آهن. عوام کي هر سک آهي جو حاڪمن کي پنهنجي لئه ۽ شان شوڪت جو اظهار ڪرڻ بدران عوام جي ڀلائي ۽ بهبوديءَ جو فڪر آهي..... ٿي سگهي ٿو ڪيترا سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ پاسي جا ٽوئرسٽ تاج محل ڏسڻ ۽ گائيڊ طرفان ممتاز محل ۽ شاهجهان جي پيارَ جو قصو ٻڌي سوچيندا هجن ته ڪهڙو گڏهه بادشاهه هو جنهن تاج محل تي ويهي خزانا خالي ڪيا پر عوام جي ڀلي لاءِ نه اسپتال نه دوا درمل جو بندوبست ڪيائين.... ان تان مونکي اهو به ياد آيو ته عمران خان کڻي سٺو سياستدان نه هجي پر سٺو انسان آهي جو هن جي ماءُ خانم بيگم جو ڪئنسر بيماري جي ڪري موت ٿيو ته هن يڪدم ملڪ جي غريبن لاءِ ڪئنسر اسپتال کولي، اهڙي طرح جنرل ضيا پنهنجي پياري درويش ڌيءَ زين جي حالت ڏسي ان قسم جا اسڪول کوليا جن ۾ ذهني طرح ڪمزور ٻار پڙهي سگهن. ٻي ڳالهه ته ڪجهه به هجي انڊيا جي آدم شماري ۽ غربت گهڻي هجڻ جي باوجود انڊيا جي حڪومت کي عوام جي تعليم ۽ صحت جو ڪافي الڪو آهي. توهان کي انڊيا ۾ جِتي ڪٿي ننڍيون وڏيون، ماڊرن ۽ خيراتي اعليٰ قسم جون اسپتالون نظر اينديون جن ۾ علاج لاءِ نه فقط مڪاني غريب ماڻهو پر امير عرب ۽ يورپ ۾ رهندڙ انڊين ۽ گورا به اچن ٿا. اهڙي طرح انڊيا جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ اسڪول آهن جن جي اعليٰ تعليمي نظام، سخت ڊسيپلين ۽ امن امان جي بهتر صورت ڪري نه فقط مڪاني ماڻهو پر ٻاهرن ملڪن جا ٻار به پڙهن ٿا جن لاءِ اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هر روز رهائش جي هاسٽلن جو تعداد وڌندو وڃي.
ان جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ ۾..... خاص ڪري سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جي نظام جو ڄڻ خانو خراب ٿيو پيو آهي. غريب عوام هر نئين حڪومت ۽ پنهنجي سياسي نمائندن مان اميدون رکي ٿو ته ڪرسي تي وهندڙ اهي با اختيار ماڻهو لڳل ڪرپشن ۽ تباهي جي اڏوهي کان ملڪ کي بچائين پر اهي ئي محافظ ڌاڙيل بڻجيو ملڪ جي حالت خراب ڪريو ڇڏين.
ہم  بچاتے   رہ   گئے   دیمک   سے   اپنا  گھر  مگر
کرسیوں کے چند کیڑے ملک سارا کھا گئے!!
پر سائين گهري نظر رکڻ وارا اهو به چون ٿا ته شهنشاهه شاهجهان وڏو ڊرامي باز هو.... ڇا جو پيار ڇا جي محبت.... ان بابت اهو چيو ويندو آهي ته جيڪي ماڻهو شاهجهان کي ممتاز جو سچو عاشق سمجھن ٿا، ڇا انهن کي اها خبر آهي ته:
ممتاز محل شاهجهان جي چوٿين زال هئي ۽ ان بعد هن ٽن ٻين سان به شادي ڪئي.
شاهجهان ممتاز جي پهرين مڙس کي ماري پوءِ ان سان شادي ڪئي هئي.
ممتاز جو موت چوڏهين ٻار جي ڊليوري ۾ ٿيو.
شاهجهان ممتاز جي مرڻ بعد هن جي ڀيڻ سان شادي ڪئي.
اڄ ڪلهه موبائيل فون تي شاههجهان ۽ سندس پيار بابت ڪيترائي مزاحيه SMS هلن پيا. جن نه پڙهيا آهن انهن جي دلچسپي لاءِ هِتي ٻه ٽي لکان ٿو.
شاهه جهان بادشاهه پنهنجي پياري محبوبا جي ياد ۾ ٺهرايل تاج محل جي هڪ هڪ دري، دروازي، مينار ۽ ڀت کي وڏي حسرت مان ڏٺو ۽ پوءِ  ٿڌو ساههُ کڻي چيو:
”وڏو خرچ ٿي ويو رن جي چڪر ۾!“
چون ٿا ته تاج محل ٺهرائڻ تي شاهه جهان سرڪاري خزانو خالي ڪري ڇڏيو. ان تي ايڏو ته خرچ آيو جو جيڪڏهن اهو ناڻو صحيح طرح بزنيس، ڪارخانن يا ائگريڪلچر ۾ لڳايو وڃي ها ته مغل خاندانن جون ست ڇا سؤ پيڙهيون خوشحال هجن ها. شايد ان ڳالهه جي ترجماني هي SMS ڪري ٿو:
دیکھ  کر  تاج محل شاہجہان کے پوتے بولے،
”آج ہمارے بھی بینک بیلنس ہوتے اگر دادا چھچھورے نا ہوتے“
هڪ ٻيو SMS جيڪو تاج محل ۽ ممتاز جي سلسلي ۾ ڪنهن همراهه جو فرياد آهي جيڪو هن مختلف دورن ۾ رڪارڊ ڪرايو آهي جڏهن هو ڪنوارو هو ۽ پنهنجي محبوبا جي ڳولا ۾ هو، پوءِ ملڻ بعد هن جو عاشق هو ۽ پوءِ شاديءَ بعد:
ڪنوارو: ”تقدير آهي پر قسمت نٿي کُلي، تاج محل ٺاهڻ چاهيان ٿو پرممتاز نٿي ملي“
عاشق: ”تقدير آهي پر قسمت نٿي کلي، ممتازملي وئي آ پر شادي نٿي ڪري.“

شادي بعد: ”تقديرَ آهي پر قسمت نٿي کلي، ”تاج محل ٺاهڻ چاهيان ٿو پر ممتاز نٿي مري.“

No comments:

Post a Comment