سفرنامن جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
سفرِ يورپ جي ڊائري سفر نامو
قاضي عبدالمجيد ”عابد“ لکيو آهي. قاضي عبدالمجيد ولد عبدالقيوم عباسيءَ جو نالو
سنڌي صحافت، ادب ۽ سياست ۾ هڪ قابل احترام شخص طور ورتو وڃي ٿو. سندن ولادت 2 مارچ
1915ع ۾ سيوهڻ شريف ۾ ٿي، 1932ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ 1936ع ۾ بمبئي
يونيورسٽيءَ مان بي اي پاس ڪيائين.
انهيءَ کان پوءِ عملي طور صحافت
۾ قدم رکيائين. سال 1958ع ۾ عبرت اخبار محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان خريد ڪري، هن
اخبار کي ترقي ڏياريائون. سندن لکيل عبرت جا ڪالم صحافتي دنيا ۾ اهميت رکن ٿا.
ادبي دنيا ۾ سندن اهم ڪارنامو
”سفر يورپ جي ڊائري“ سفر نامو آهي جو خطن تي مشتمل 408 صفحن جو ڪتاب آهي. هن ڪتاب
جا خط قاضي صاحب جن ”عبرت“ اخبار جي ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب کي يورپ جي سفر
دوران وقت به وقت لکيا. جنهن جو ڪتابي صورت ۾ پهريون ايڊيشن 1960ع ۾ عبرت وارن
ڇپايو ۽ ٻيو ايڊيشن نيو فيلڊس پبليڪيشن جي منتظم فيروز ميمڻ، سنڌي ادب ۾ سفرنامي
جي صنف جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ سهڻي ٽائيٽل ڪور سان شايع ڪيو.
سال 1960ع ۾ قاضي صاحب جن
پنهنجي گهرواريءَ جي ڪينسر جي علاج جي سلسلي ۾ يورپ ويا، جتان سندن لکيل خطن ۾،
پنهنجي ذاتي احوال سان گڏ، مختلف مشهور اسپتالن جي ڄاڻ آهي ۽ فارغ وقت ۾ سندن
گهمڻ، ڦرڻ جو احوال آهي، هيءُ ڪتاب هڪ معلوماتي سفرنامو شمار ٿئي ٿو. هن ڪتاب جو
تعارف غلام محمد گرامي لکيو آهي، گرامي صاحب موجب ته: ”عابد صاحب پنهنجي تجربن ۽
مشاهدن تي مشتمل تمام رنگين ۽ دلڪش نثر لکيو آهي. اڄڪلهه سهل ممتنع نثر ۽ مسجع نثر
ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ اديب ئي لکي سگهي ٿو. سندن تحرير رنگين ۽ ساده آهي“. هن ڪتاب ۾ ڪل
چاليهه باب آهن، جنهن جي شروعات ڪراچيءَ کان لنڊن روانگيءَ سان ٿئي ٿي ۽ اختتام
ڪراچيءَ پهچڻ ۽ حيدرآباد پهچي عيد ڪرڻ تي ٿئي ٿو. جيئن ته قاضي صاحب هيءُ سفر اڄ
کان تقريباً 55 سال اڳ ڪيو هو، انهيءَ وقت جهاز ڪيترن ملڪن، مثلاً بغداد، دمشق،
روم، جنيوا، وغيره مان ٿيندو پوءِ لنڊن پهچندو هو. اهو هڪ ڊگهو هوائي سفر هو.
انهيءَ وقت لنڊن جو نئون ماڊرن سهوليتن سان آراسته ايئرپورٽ ٺهي رهيو هو. (اڄڪلهه
ڊائريڪٽ اڏامن ۾ سفر آرامده آهي).
هن سفرنامي ۾ ”هارلي اسٽريٽ“،
جيڪو مشهور و معروف ڊاڪٽرن جو علائقو آهي، ان جو معلوماتي ذڪر تمام فائديمند ڄاڻ
مهيا ڪري ٿو. علاج و معالجي کان سواءِ فارغ وقت ۾ پاڻ سٺي نموني سان يورپ کي
گهميائون ۽ ڪيترن هنڌن جو تفصيل ڪتاب ۾ ڏنو اٿن. سندن گهميل تفريحي جڳهين ۾ پڪاڊلي
سرڪس، ٽرئفلگر اسڪوائر، لنڊن ميوزم، ٽاور آف لنڊن، ميڻ جي مجسمن جو ميوزم، شاهي
خاندان جون مشهور عمارتون ويسٽ منسٽر هال، ويسٽ منسٽرابي، 10 ڊئوننگ اسٽريٽ، ونڊسر
ڪئسل (شاهي خاندان جي گهمڻ جي جڳهه جتي هو موڪلون گذاريندا آهن) ۽ ٻيا ڪئين هنڌ
اچي وڃن ٿا. قاضي صاحب جن ٻنيون ٻارا رکندي، مضافات سان گهڻي دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
انهيءَ ڪري مختلف باغ، ڪيو گارڊن، هائيڊ پارڪ، ۽ رچمنڊ پارڪ کان علاوه منسٽر آن سي
Minister on sea يا شيپي ٻيٽ
جي سرسبز علائقن سندن دل کي گهڻي خوشي ڏني ۽ انهن جي سٺي تفصيل ڏني اٿن. برطانيه
جي مشهور يونيورسٽين ”سينٽ اينڊ ريوز“، گلاسڪو، ”برسٽل“، ”ايڊنبرو“، ”هئيرو“ ۽
ڪئمبرج جو احوال پڻ ڏنو اٿن. ”هئرو“ يونيورسٽيءَ ۾ شاهي خاندان ۽ امير طبقو تعليم
حاصل ڪري ٿو (پرنس آغا ڪريم جن جي تعليم به هئرو يونيورسٽي جي آهي). فرانس جي گهمڻ
جو احوال به سٺو تفصيلي آهي. بيٽرسي پارڪ، ايفل ٽاور، نيپولين جي مزار، سئزرلينڊ ۽
جنيوا ۾ اقوام متحده جي عمارت، مانٽرو ۽ ان جو ميوزم، زرمٿ جي بلند برفاني چوٽي،
هني مون ائي لينڊس، دواسازيءَ جي ڪارخانن کان مشهور شهر ”برن“ ۽ ٻيو تفصيلي احوال
ڏنل آهي. قاضي صاحب جن نه صرف يورپ گهميو ۽ ان جو مشاهدو ڪيو، پر هڪ سڄاڻ اديب ۽
صحافيءَ جي حيثيت سان سندن ڏنل بياني تفصيل وڻندڙ آهي.
برٽش حڪومت جي تاريخي، سماجي ۽
اقتصادي ڄاڻ سان گڏ، اتي جي باشندن جون ڪرداري خوبيون ۽ خاميون ذڪر ڪري برطانوي
تهذيب و تمدن کي کولي بيان ڪيو اٿن. لنڊن جي هوائي اڏي جي حُسنِ انتظام جي تعريف
ڪندي بيان ڪن ٿا ته: ”اڃان هوائي اڏي مان قدم ٻاهر نه ڪڍيو هئائون، جو کين هڪ ليڊي
آفيسر لفافو ڏنو. جنهن ۾ نياپو لکيل هو، ته ڊاڪٽر عبدالمجيد عباسي ٻاهر Reception ۾ توهان جو انتظار ڪري رهيو آهي، هڪ نئين ملڪ ۾ نو وارد کي اهڙو
پيغام انتهائي تسلي پهچائي ٿو“. ملڪ جي ٽيڪس جي انتظام کي واکاڻيندي لکن ٿا ته.
”يونائيٽڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين (U.K) جي ويلفيئر
اسٽيٽ نه صرف هر بي روزگار جي پرگهور لهي ٿي، پر اسٽيٽ روزگار به مهيا ڪري ڏئي ٿي
۽ عمر رسيده اشخاص جي ۽ ٻارن جي کاڌي ۽ اسڪولن جي خرچ جي جوابداري به نڀائي ٿي.
صرف عوام جي ايمانداريءَ سان ادا ڪيل ٽئڪسن جي ڪري اهي ملڪ ترقي به ڪن ٿا ته سندن
عوام پڻ خوشحال زندگي گذاري ٿو“. قاضي صاحب جن ”ڪريون اي“ سگريٽ جي ڪارخاني گهمڻ
لاءِ جڏهن کين خط لکيو، ته نه صرف انهن کين وٺي ڪارخانو گهمايو، پر گفٽ ڏيئي
ريمارڪ لکڻ لاءِ چيو ۽ فوٽو گرافي ڪري مئگزين ۾ ڇپائڻ لاءِ موڪلي ڏني. مقصد ته هو
ڪاروباري ذهنيت رکندڙ، پنهنجي ساک جي پبلسٽي ڪندڙ ۽ محتمل مزاج آهن. جن کين هڪ ڪوٽ
ٽي دفعا مٽائي ڏنو. هو گراهڪ کي مطمئن ڪندڙ آهن. هتي جي باشندن جي خوبين سان گڏ
خامين کي ذڪر ڪندي، کين سندن زندگي گهڻي مشيني تمدن جي لڳي ٿي. هو مائٽن مان بيزار
آهن، نوجوان نسل نشي ڏانهن راغب ۽ بي راهه رويءَ ڏي مائل آهي. هن ڪتاب جي سنڌي
بقول گرامي صاحب جي سجيل جڙيل نثر آهي. انهيءَ ڪري باوجود يورپ جي رنگين ۽ دلچسپ
احوال جي ڪيڏيءَ مهل ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ ڪو نصابي ڪتاب پڙهي رهيا آهيون. ڪٿي ڪٿي
قاضي صاحب جن ٺيٺ سنڌي محاورا ۽ مشابهت وارا سهڻا جملا استعمال ڪيا آهن، جيئن
الجيريا جي اختلافن سبب پيرس جي ويزا ملڻ ۾ کين ڏکيائي پيش آئي ته هڪدم چئي
ڏنائون. ”ڪيڏانهن اسين سهي جي کل، ڪيڏانهن انقلابي تحريڪون، ڪيڏانهن منهن مريم جو
ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار“ يا ”سڌڙيا شراب جون ڪوه پچارون ڪن“ وغيره. لنڊن جي پرسڪون ۽
پئرس جي عيش و طرب ۽ هنگامن واري شهر جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي لکن ٿا: ”پئرس ۽ لنڊن ۾
ايترو فرق آهي، جيترو هڪ نائيٽ ڪلب ۽ ڏيئلداس ڪلب ۾“. يا پئرس جي بهترين ڊبل روٽي
کين، بامبي بيڪريءَ جي ياد ٿي ڏياري. علمي ۽ ادبي لحاظ کان هن ڪتاب جي هڪ اهم
حيثيت آهي، منجهس يورپ جي باري ۾ سٺي ۽ وسيع ڄاڻ ڏنل آهي. هيءُ هڪ معلوماتي سفر
نامو آهي. محققن موجب ته، ”سفر يورپ جي
ڊائري“ پهريون باقائده سفر نامو آهي، جنهن پڙهندڙن ۾ غير ملڪ جي احوال پڙهڻ جو شوق
جاڳايو ۽ ڪتاب کي سٺي مقبوليت ملي. قاضي صاحب سياست، صحافت، علم ۽ ادب ۾ ڪاميابيون
ماڻيون. هو خدا ترس انسان هو. سندس زندگيءَ جو مقصد فقط ۽ فقط انسانيت جي خدمت هو.
پاڻ 27 آگسٽ تي هن جهان مان وفات ڪيائين.
No comments:
Post a Comment