Tuesday, September 20, 2016

اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري - محمد علي مهر

اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري
محمد علي مهر
جولاءِ جو مهينو اتر اميريڪا ۾ به گرم ئي هوندو آهي. آسمان تي ڪڪر نالي ۾ ڪو نه هيو، تنهن ڪري چڱي گرمي هئي. اميريڪا ۾ رهندڙ، روڊ رستي، ڊگھي سفر جا عادي هوندا آهن ۽ سفر تي نڪرڻ مهل، پاڻ سان گاڏيءَ ۾ هڪڙو آئيس باڪس ۽ ان ۾ کاڌي پيتي جو سامان گڏ کڻڻ نه وساريندا آهن. سو گاڏي زادِ راه سان ڀري پئي هئي.


ڏيڍ ڪلاڪ کن ٽورانٽو کان نڪري، هاءِ وي ۴۰۱ تي چڙهڻ ۾ لڳي ويو. هتان کان سانده ۳۷۰ ڪلوميٽر اونٽاريو ڍنڍ جو ڪنارو ڏئي هلبو، جتان هاءِ وي ۴۱۶ تي چڙهبو. جيڪو سڌو ئي سڌو، آٽووا وڃي ڪڍندو. تقريبن روهڙي کان ڪراچي جيتري، ساڍن چار سئو ڪلوميٽرن جي پنڌ ۾ پنج، ڇھ ڪلاڪ لڳي ويندا.
روڊ جي ٻنهي پاسن کان، زمين سنئين هئي. جنهن تي فصل تيار بيٺا هيا.
جن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ عروج تي هئي ۽ سنڌين، خاص ڪري دادو، خيپورناٿن شاه ۽ ٺٽي جي جيالن ضياءَ ملعون جي نڪ ۾ ناڪيلي وجھي، کيس تقريبن ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هيو ته ان دور ۾ هن گھٻرائجي ڪري اسلام آباد ۾ ڏاهن جو هڪڙو منڊپ لڳايو. سوال ڇڙو هڪڙو هيس ته سنڌ ۾ ڀڙڪيل باھ مان ڪيئن نڪري. طارق عالم ابڙي ٻڌايو ته ان مجلس ۾ هڪ سنڌي ڏاهي، ضياءَ کي چيو ته؛ ان مسئلي جو حل، هڪ سنڌي شعر ۾ لڪل آهي. ان تي عمل ڪر ته بچت ٿي ويندئي. شعر هيو.
”سنڌ سنئين، وڻ ڏنگا، ماڻهو منجھس خام،
جنهن جي هٿ ۾ موچڙو، تنھن کي ڪن سلام.“
چون ٿا ته؛ ضياءَ ان شعر تي لفظ به لفظ عمل ڪيو. تحريڪ ڪچلجي وئي. سنڌ محڪوم ٿي وئي. پر ان خدمت جي صلي ۾ ڏاهو اڏجي ويو.
سو زمين سنئين هئي ۽ روڊ سان گڏ چنار ۽ مئپل جي سڌن وڻن جا گھاٽا جھنگ، جيڪي گاڏيءَ سان گڏ ڊڪندي ڊڪندي ڪنهن ڪنهن مهل ايئن پراهان ٿي بيهي پئي رهيا، جيئن ڪا پراڻي محبت، سندس نئين محبت سان گڏ توهانکي ڏسي اوپري ٿي وڃي. شفاف ندي، جيڪا روڊ جي ساڄي پاسي کان هلي رهي هئي، اها به موقعو ڏسي چپ چپات ۾ روڊ تي ٺهيل ڪنهن پل جي هيٺان لنگھي ڪري، وري کاٻي پاسي کان ٿي وڃي نڪتي. ڪڏهن ڪڏهن صاف آسمان، اوچتو سر تي ڪاري چنري اوڍي، آب وسائڻ ٿي شروع ڪري ڏنو ۽ پل کان پوءِ گھُنڊ کولي، ديدار ڏيکاري وري اهڙو ئي صاف جو صاف. ڄڻ اسان واري هڪڙي همراھ چواڻي “مين ته ڪِيتا ئي ڪوئي نهين.“
ٻن سوا ٻن ڪلاڪن کان پوءِ، ڪنگسٽن ويجھو ٿائوزنڊ آئيلينڊز جا سائن اچڻ شروع ٿي ويا. ايترو ٽائيم ته ڪو نه هيو ته اوڏانهن جو چڪر هڻي وٺجي، پر پراڻيون يادون ضرور تازه ٿي ويون.
گھڻو اڳي، ڪنهن پراڻي جنم جي ڳالهه آهي، جڏهن سڀ ڇڙا هئاسين ۽ اردو چوڻيءَ موجب؛ آتش جوان هيو ته هڪ دفعي نصر جي نِسان اسٽيشن وئگن ۾ يارن جو ٽولو نڪري پيو هيو پنڌ ۾. نصر، خالد، بشو، طفيل چانڊيو، مقبول ڏاهري ۽ مان. اتر اوڀر ميريڪا جا گھڻا ئي شهر لتاڙيندا اچي نڪتا هئاسين ٿائوزنڊ آئيلينڊز. هنن ٻيٽن لاءِ، فيريءَ جو ٽوئر هوندو آهي، جيڪا هزارين ننڍا وڏا ٻيٽ گھمائيندي آهي. ڪي ته ايترا ننڍا جو ڇڙو هڪڙو وڻ بيٺو هجي.
موسم وڻندڙ هجي، پاڻيءَ جو پنڌ هجي، جواني ديواني هجي، نينهن جا نظارا هجن، مستيءَ جا سامان هجن ته سرور جا اسباب ته هونئن ئي پيدا ٿي ويندا آهن. سو يار توڙي اغيار، سڀ سرورن ۾ هيا ۽ نتيجي ۾ ايندڙ سڄو رستو گاڏي مونکي هلائڻي پئي هئي.
اسٽيئرنگ، هينئر وري به منهنجي ئي هٿ ۾ هيو، پر اُها ڪنهن ٻئي زمان ۽ مڪان جي ڳالهه هئي. يادون ئي رهجي وينديون آهن، يادون ئي رهجي ويون هيون.
ڪيناڊا جي ٽرپ تي نڪرڻ کان اڳ ۾ هوٽلن ۾ ايئن بڪنگ ڪرائي هيم جو مانٽريال کي بيس ٺاهيو هيم. سوچيو هيم ته ڪيوبيڪ سٽي ۽ آٽووا جو هڪ هڪ ڏينهن جو چڪر هڻي، جيڪي مانٽريال کان ڏيڍ، ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي هيا، راتين جو اچي مانٽريال ۾ رهبو. ٽورانٽو ۾ يارن کي خبر پئي ته کليا. خبر پئي ته ٻنهي شهرن ۾ اصل مزو ته هوندو ئي رات جو آهي. تنهنڪري صبح جو ارشد وٽان نڪرڻ کان اڳ ۾ ئي، پهرين بڪنگ ڪينسل ڪرائي، ٽنهي جاين تي الڳ الڳ هوٽل بڪ ڪرائي ڇڏي هيم. پئسا ڪجھ وڌيڪ لڳي ويا جو ايڊوانس ۾ بڪنگ ڪرائڻ تي اڌ کن جيتري رعايت ملي ويندي آهي پر اهو اطمينان ٿي پيو ته هاڻي سڪون سان سڀ شهر گھمبا.
شروعات آٽووا، جيڪو ٽورانٽو کي ويجھي کان ويجھو شهر هيو، کان ڪرڻي هئي.
شام جا ساڍا ست کن ٿيا هوندا ته هاءِ وي ڇڏي آٽووا ۾ لٿاسي. اميريڪا جي اتر ۾ سج ڪجھ دير سان لهندو آهي. انڪري اڃا تائين ڪر ڪڍيو بيٺو هيو. روڊ جي ٻنهي پاسي، شهر هيو ۽ شهر جون بلڊنگون. مزي جي ڳالهه ته شهر جي گھڻين عمارتن جو، ٻين جاين جي ابتڙ، جتي ڇتين جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي، سائو هيو. هوٽل ڏانهن ويندي، اوچتو عذير هڪڙي بلڊنگ ڏانهن اشارو ڪري پڇيو؛ ”بابا، هيءَ مسجد آهي ڇا؟“
عذير، چوٿين ۾ پڙهندو آهي ۽ ڄائو نپنو جيتوڻيڪ هتي اميريڪا ۾ ئي آهي پر عمر جي لحاظ سان گھڻو ذهين ليکيو ويندو آهي. سندس سوال پڇڻ تي ڪنڌ ڦيري ڏٺم ته اها عمارت پنهنجي سائي قبي جي ڪري واقعي گنبدِ خضريٰ جو ڏيک ڏئي رهي هئي. ڪا ڪئٿيڊرل هئي.
هوٽل جي رسيپشن تي بيٺل مهيلا، خوشدليءَ سان آجيان ڪئي. گجو هئي. هتي هندوستان جي گجراتن کي مختصر ڪري ”گجُو“ سڏيندا آهن. ٻڌايائين ته رات جو ڏهين بجي، پارليامنٽ بلڊنگ تي رات وارو روشنين جو شو شروع ٿيڻو هيو، جيڪو ضرور وڃي  ڏسون. پارليامنٽ جو ڏس پڇڻ تي، نقشو به نشان هڻي ڏنائين.
هوٽل جي آن لائن بڪنگ ڪرائڻ مهل، اهو خيال رکيو هيم ته هوٽل اهڙي هجي جو ڊائون ٽائون کي ويجھي هجي ۽ جتي ڪٿي پنڌ ڪري پهچي سگھجي. پري هوندي ته گاڏي ڪاهڻي پوندي ۽ وڏن شهرن ۾ پارڪنگ وڏو مسئلو هوندي آهي. سو هيءَ هوٽل هئي ڊائون ٽائون ۾ ئي ۽ پارليامنٽ به پندرهن ويهن منٽن جي پنڌ تي هئس.
ڪمري ۾ سامان ڇڏڻ وياسي ته مايوسي ٿي. ڪمرو پئسن جي حساب سان مهانگو هيو. قالين تي مٽي ڄمي پئي هئي ۽ سينٽرل ايئر ڪنڊيشنڊ جي بجاءِ ڀت واري اي سي لڳي پئي هئي. بهرحال هاڻي ته وٺي ڇڏيو هيوسي. تڪڙ ۾ سامان ڪمري ۾ ڦٽو ڪري، هوٽل جي سامهون واري ميڊيٽرينين ريسٽورانٽ ۾ شوارما ڪباب ۽ عربي پلاءُ کائي، قصد ڪيوسي پارليامنٽ جو.
ٻاهر نڪتاسي ته ٿورو اڳ ۾ شروع ٿيل ڦڙ ڦڙ بند ٿي وئي هئي ۽ شهر جون بتيون ٻري چڪيون هيون. طرح طرح جي دڪانن ۾، رنگا رنگ شيون، روشنين ۾ چمڪي رهيون هيون. روڊ جي ٻنهي پاسي، جاءِ جاءِ تي، مجسما ۽ ٻيون يادگارون ۽ آرٽ جا نمونا هڻي، رستي کي اهڙو ته سهڻو ٺاهي ڇڏيو هئائون، جو پنڌ جو احساس ئي نه پيو ٿئي.
پارليامنٽ بلڊنگ پهچڻ تائين، صفا رات ٿي وئي. ماڻهن جا حشام، نظارو ڏسڻ لاءِ بيٺا هجن. اسان پهتاسين ئي مس تي اعلان ڪيائون ته؛ اڄوڪو شو مينهن جي ڪري ڪينسل. اڙي خدا جي سڻائي ٿئيو! ايئن ته نه ڪيو. باھ ته ڏاڍي وٺي وئي. وڃي ڪري ڪنهن عملدار کي چيم؛ ”ڪاٿي آهي مينهن؟ آسمان ته صاف لڳو پيو آهي. جيترو وسڻو هيو، سو وسي ويو. شو هرو ڀرو ڇو ٿا ڪينسل ڪيو؟“
همراھ کلي پيو. چيائين؛ ”آٽووا ۾ نئون آهين. ٻه ٽي منٽ بيهه ته ڏسجانءِ ڇا ٿو ٿئي.“
هر ڪو واپس موٽڻ شروع ٿي ويو. ٿي ته ڏاڍي هئي. بقول غالب ”ديکني هم ڀي گئي پر يه تماشا نه هوا.“ اسان به مايوس ٿي واپس هوٽل ڏانهن اڃا هلڻ جو سانباهو ڪيوسي ئي مس ته ڄڻ آسمان پئٽجي پيو. سڀ وٺي ڀڳا. جنهن کي جنهن جاءِ تي ڪو ڇپرو نظر آيو، تنهن ان هيٺان ٿي پناھ ورتي. اسان به هڪ شاهي محل وانگر ڏيک ڏيندڙ هوٽل جي ڪار پورچ ۾، بيٺل هجوم سان گڏ وڃي بيٺاسي.
آخر مينهن ڪجھ جھڪو ٿيو ته نڪتاسي، پر هوٽل تائين پهچندي پهچندي، صفا پاڻيءَ ۾ شرابور ٿي چڪا هياسين.
اڻ وڻندڙ ڪمري ۾، رات جيئن تيئن گذري وئي.
آٽووا ۾ پارليامنٽ بلدنگ تي، روشنين واري شو کان سواءِ، ٻه ٻيون به اهڙيون شيون آهن، جيڪي چوندا آهن ته مِس نه ڪجن. هڪ چينج آف گارڊس، يعني پارليامنٽ جي پهريدارن جي تبديلي جو عمل، جيڪو بلڪل ايئن ٿيندو آهي جيئن لنڊن ۾ بڪنگھم پئلس ٻاهران ٿيندو آهي، ٻيو پارليامنٽ بلڊنگ جي اندران وارو ٽوئر.
چينج آف گارڊس ته صبح جو ڏهين بجي ٿيڻي هئي، پر اسانکي اڳ ۾ پارليامنٽ جي ٽوئر لاءِ ٽڪيٽون به وٺڻيون هيون. جيڪي ملنديون ته مفت ۾ آهن پر محدود تعداد ۾ هجڻ جي ڪري، سوير ئي وٺي ڇڏبيون آهن. تنهنڪري صبح جو جلدي اٿي، تڪڙ ۾ هوٽل جي ريسٽورانٽ پهتاسي. ناشتو ڪمري جي ڪرائي ۾ شامل هيو. ڌڪ دشمن جو به نه گسائجي، ڪمرو برابر چڱو ڪو نه هيو پر نيرن بهترين ڪرايائون.
صبح جو وقت هيو. رات جي مينهن کان پوءِ، آسمان صاف هيو ۽ تيز اُس نڪتي پئي هئي. ويهن منٽن جي پنڌ، پگھر ڪڍي ڇڏيا.
آٽووا ڏسڻ جو مونکي شروع کان ئي گھڻو شوق هيو. اميريڪا ۾ پڙهائيءَ وارن ڏينهن ۾ مون ڏاڍو گھميو. ٻيا پاڪستاني شاگرد، موڪلن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نوڪريون ڪري، ڊالر ڪمائيندا هيا. مان وري پنهنجا گڏ ڪيل پئسا به گھمڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيندو هيس. وئڪيشنس اڃا شروع ئي ڪو نه ٿينديون هيون ته ڇوڪرا اڳ ۾ ئي پڇڻ شروع ڪري ڏيندا هيا ته هن ڀيري ڪيڏانهن جو پروگرام اٿم ته جيئن هو به مونسان گڏجي هلڻ جو سوچين. پر تڏهن به آٽووا جي پاسانهون هجڻ ڪري، هيڏانهن نه اچي سگھيو هوس.
هڪڙي ٿورو هليل، ٽويوٽا ڪرولا، اچڻ سان ئي وٺي ڇڏي هيم. دوستن يارن جي فرمائش لڳي پئي هوندي هئي ته فلاڻي جاءِ گھماءِ، فلاڻي شهر وٺي هل.
هڪڙي دفعي ڪو واقفڪار مهمان ٿي آيو ۽ اچڻ سان انگل ڪيائين ته نائيگرا فالز وٺي هل. ٻن ڏينهن کن جو مهمان هجي. چيومانس؛ ”صبح جو سوير اٿجانءِ!“
ٻئي ڏينهن نيراني، ستين بجي صبح جو ڊيٽرائيٽ درياه جي ڪناري تي رينيسانس ٽاورس بلڊنگ ۾ ٺهيل ڪئنيڊين ڪانسوليٽ وڃي نڪتاسي. جيئن ڪانسوليٽ کلي ته ويزا لائين ۾ رڳو اسان ئي هياسي. حالتون ههڙيون خراب ڪو نه هيون، سو ٿڏي تي ويزا هڻي ڏنائون.
رينيسانس ٽاورس جي تقريبن هيٺان ئي، ڪئناڊا ڏانهن، ڊيٽرائيٽ درياه هيٺان سرنگھ ٺهيل آهي، جنهنجي ٻي ڀر تي ڪئناڊا جو شهر ونڊسر آهي. ٻئي شهر هڪ ٻئي کان ايترو پري به ڪونهن جيترو روهڙي ۽ سکر. ٻڌو گھڻو هيوسي، وڃڻ پهريون ڀيرو پئي ٿيو.
ٽنل ٽپي، ٻي ڀر نڪرڻ کان ٿورو اڳ ۾، کاٻي پاسي ڏٺوسي ته هڪڙي ڪوٺڙي ٺهيل هئي، جنهن ۾ شيشي جي دري هئي ۽ ان کان ٿورو پرڀرو هڪڙو ريلوي ڦاٽڪ جهڙو بيريئر ھيو جيڪو مٿي ٿيل هيو. اسان ٻئي ڀر ٻاهر نڪري، ونڊسر گھمندا، نائيگرا جو چڪر ڏيندا، ٻئي ڏينهن تي ٽورانٽو ۾ لامارو هڻندا، رات جو ونڊسر پهتاسي. سرنگھ جي ٻي ڀر تي نڪرڻ سان ئي کاٻي پاسي وري اهڙي ئي هڪڙي ڪوٺڙي ٺهيل هجي ۽ ريلوي ڦاٽڪ جهڙو بيريئر هيٺ ٿيل هيو. گاڏي بيهاريسي ته اميگريشن جي وردي پاتل همراه ڪوٺڙيءَ مان نڪري آيو. جنهن اسان جا پاسپورٽ، ويزا چيڪ ڪيا ۽ اسانکي ”ويلڪم بئڪ“ چوندي بيريئر کولي ڇڏيو.
يونيورسٽي موٽياسين ته شام جو دستور موجب منهنجي اپارٽمنٽ تي سڀ دوست اچي گڏ ٿيا. پڇا ڪرڻ تي ته ڪالهه مان نظر ڇو ڪو نه آيو هيم، جڏهن ٻڌايومانِ ته ڪئناڊا ويو هيس ته پت ئي نه ڪن. چون؛ ”اسان کان سواءِ تون ڪيئن ويو هوندين.“ بهرحال گھڻي جھڳ جھڳ کان بچڻ لاءِ، پاسپورٽ کولي ويزا ڏيکاريمانِ. هڪڙي، جيڪو اڳ ۾ ڪئناڊا جو پنهنجي ليکي چڪر هڻي آيو هيو، تنهن پاسپورٽ وٺي هيڏانهن هوڏانهن پنا اٿلائي، اعلان ڪيو ته مان اجائي ڊاڙ پيو هڻان ۽ ڪئناڊا جو چڪر ڪو نه هنيو اٿم.
سندس دعوي جو ثبوت اهو پيش ڪيائين ته منهنجي پاسپورٽ تي ڪئناڊا جي انٽري وارو ٺپو ئي ڪو نه لڳل هيو. هڪو ٻڪو ٿي پڇيومانس؛ ”اهو ٺپو به لڳندو آهي ڇا؟“
خبر پئي ته ويندي مهل جيڪا کاپي پاسي کان ڪوٺڙي ٺھيل هئي، اها اصل ۾ ڪئناڊا جي اميگريشن بوٿ هئي، جتان انٽري جو اسٽيمپ هڻائبو آهي. ور نه ته داخلا غير قانوني ٿي ويندي آهي، جيڪو قانوني ڏوھ آهي.
“شڪر ڪر ته پويان اميگريشن وارا نه لڳوَ، نه ته ٻڌا ويٺا هجو ها ۽ اسان توهان لاءِ پيا وڪيل ڳوليندا وتون ها.“
آهي واقعي شڪر جهڙي ڳالهه جو چڱا ڏينهن هيا. هجي ها اڄڪلهه جهڙو ماحول، مٿان اسان وٽ پاڪستاني پاسپورٽ، الائي ڪهڙو حشر ڪن ها.
پر تن ڏينهن ۾ آٽووا اچڻ جو شوق پورو نه ٿي سگھيو هيو.
آٽووا جو شهر اصل ۾ ۱۸۲۶ع ۾ ”بي ٽائون“ جي نالي سان ٻڌو هئائون پر پوءِ ۱۸۵۵ع ۾ سندس نالو سرڪاري طور تي مٽائي آٽووا ڪري ڇڏيائون، جيڪو اصل ۾ ريڊ انڊين لفظ، ”آڊووا“ مان نڪتل آهي. جنهنجي معنيٰ آهي ”واپار ڪرڻ“. تن ئي ڏينهن ۾، آٽووا کي هن علائقي، جيڪو برطانيا جي ڪالوني هيو ۽ ”ڪئناڊا جا صوبا“ واري نالي سان ڄاتو ويندو هيو، جو گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيائون. وڏو سبب آٽووا کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪرڻ جو اهو هيو ته؛ هيءُ شهر اميريڪا کان ڪجھ پرڀرو هيو! ان سان گڏوگڏ ٻيو سبب هن شهر جي چونڊ ڪرڻ جو هيو آٽووا جو ڪئناڊا جي ٻين گھڻي آبادي وارن شهرن، ٽورانٽو ۽ ڪيوبيڪ سٽي ۽ مانٽريال کان تقريبن هڪ جيتري مفاصلي تي هجڻ.
پارليامنٽ بلڊنگ ٻاهران، رات کان به وڌيڪ سياحن جو رش هيو ۽ روڊ جي ٻئي پاسي ٽڪيٽ واري آفيس جي ٻاهران ڊگھي قطار. ٻارن کي پارليامنٽ جي ٻاهران، چينج آف گارڊس واري هنڌ تي سٺي جاءِ ڳولي، بيهاري ڇڏيم ۽ پاڻ وڃي قطار ۾ لڳس. قطار تيزي سان اڳتي وڌي رهي هئي ۽ اڃا پريڊ شروع ئي مس ٿي تي مان به ٽڪيٽون وٺي موٽي آيس. ڇا ته پروقار ۽ رنگا رنگ تقريب هئي! ڳاڙها ڪوٽ، ڪاريون، اڇي اسٽرئيپ واريون پينٽون ۽ اوچيون، ڊگھيون، ڪارن وارن واريون، ٽوپيون، مٿان گرجدار آواز ۾ ڪمانڊز ۽ بندوقن جي هٿين تي زور سان هٿ هڻڻ جا آواز. ماحول کي گرمائي ڇڏيائون. اڌ ڪلاڪ کن اهو تماشو هليو.
پارليامنٽ هائوس جا ٽي ونگس آهن. هڪڙو ونگ، جنهن ۾ ٻڌايائون ته اونءَ ئي گھڻو ڪجھ ڏسڻ جهڙو ڪو نه هيو، مرمت لاءِ بند هيو، باقي ٻه کليل هئا، جيڪي گھمياسي. گائيڊيڊ ٽوئر هيا، جيڪي سخت ۽ ايئرپورٽ جهڙي سيڪيورٽي مان گذرڻ کان پوءِ ممڪن ٿي سگھيا.
شروعات اوائلي وزيراعظمن ۽ گورنر جنرلن جي آفيسن کان ڪيائون. انهيءَ دور کان، جڏهن اڃا بجلي ۽ گئس به ڪو نه هيا. پارليامنٽ بلڊنگ، هڪڙي پهاڙيءَ تي ٻڌل آهي، جنهنکي سڏيندا ئي پارليامنٽ هِل آهن. ڪئناڊا جي شديد ٿڌ ۾، آفيسن کي گرم رکڻ لاءِ، هڪڙو عجيب طريقو ڳولي ڪڍيو هئائون. ڇا ڪيائون جو ٽڪريءَ جي هيٺان ئي هيٺان، اُتر-مُنهين هڪڙي سرنگ کوٽيائون، جيڪا بلڊنگن جي هيٺان ٿي اچي کٽي. ان سرنگھ کي پائپن رستي، بلڊنگن سان ڳنڍي ڇڏيائون. سرنگھ جي ٻاهران اُترپاسي باھ جو وڏو مچ ٻاري ڇڏيندا هيا ۽ پوءِ جڏهن اتر جي زوردار هوا گھلندي هئي ته اها باھ جي سڄي گرمي، عمارتن هيٺان پهچائيندي هئي. جيڪا پوءِ پائپن رستي، بلڊنگن ۾ ڦهلجي ويندي هئي ۽ آفيسون گرم رهنديون هيون.
هڪڙي وزير اعظم صاحب جي آفيس ۾، ٿوڪدان به ڏٺوسي، جيڪو معزز مهمانن جي ڪرسين ڀرسان، نمايان جاءِ تي پيو هيو. ٻڌايايون ته؛ اوائلي پارلياماني نمائندا،  گھڻو ڪري هاري ۽ زميندار هوندا هيا، جيڪي ٻهراڙين مان ايندا هيا. تماڪ چٻاڙيندا رهندا هيا ۽ پوءِ پاڻ واري پان جي شوقينن وانگر جاءِ جاءِ تي ٿڪيندا وتندا هيا. انهن جي سهوليت لاءِ، وزير اعظم اهو ٿوڪدان رکائي ڇڏيو هيو. سوچيم ڪو پاڪستاني وزيراعظم هجي ها ته هيٺيون شعر ڪنهن صادقين کان خطاطي ڪرائي ڀت تي ٽنگي ڇڏي ها.
”پان کانا تمهاري رسم هئي،
پان کا ڪر، مت ٿوڪنا،
تمهين خدا ڪي قسم هئي.“
ٻي بلڊنگ ۾ سينيٽ ۽ اسيمبلي هال هيا، جيڪي عوام لاءِ کليا پيا هيا. لائبريريون به ڏسڻ وٽان هيون، پر سڀني کان وڌيڪ سهڻي پاڻ پارليامنٽ بلڊنگ هئي، جنهن ۾ ٽُڪ جو سنهو ڪم ٿيل هيو ۽ هر هنڌ مجسما ۽ نادر پينٽنگز لڳيون پيون هيون. وس پڄي ها ته سڄي بلڊنگ کڻائي ميوزيم ۾ رکائي ڇڏيان ها.
مٿي قبو ٺهيل هيو ۽ ان قبي مان ٻاهر جو نظارو ڏاڍو من موهيندڙ هيو. موٽ تي، لهڻ مهل، هڪڙي ننڍڙي هال ۾ وٺي ويا، جتي داخل ٿيڻ کان اڳ ۾، ٽوپيون لهرائي ڇڏيائون. لازم هيو ته هر ڪو ان هال ۾ احترامن مٿي اگھاڙو داخل ٿئي. اهو هال جنگي هيروز جي يادگار جو ڪمرو هيو. اندر، ڀتين تي، شهيدن جي نالن جا ڪتبا رکيل هئا ۽ سندن نالن ۽ تفصيل وارو رجسٽر پڻ.
ٻاهر نڪتاسي ته سج، سوا نيزي کان هيٺ لهي آيو هيو. سياحن جا ٽولا، گم هيا جو ٽوئرن جو وقت ختم ٿي چڪو هيو ۽ گرمي وڌي وئي هئي.
اسان کي اهڙي ڪاڙهي ۾ ويهن منٽن جو هوٽل تائين پنڌ ڪرڻو هيو. هوٽل جو حساب ڪتاب صبح جو ئي چڪتو ڪري ڇڏيو هيوسي. هاڻي بس گاڏي ڪڍي نڪرڻو هيو.
۽ سامهون ڊگھو، ڪيوبيڪ سٽي جو پنڌ هيو.

No comments:

Post a Comment