Showing posts with label ٿر، شھربانو ڪاڪا،. Show all posts
Showing posts with label ٿر، شھربانو ڪاڪا،. Show all posts

Wednesday, May 15, 2019

سٻاجهن ماڻهن جو نرالو ٿر - شھربانو ڪاڪا


سٻاجهن ماڻهن جو نرالو ٿر
شھربانو ڪاڪا
شاھ جي بيتن جو محور، اياز جي گيتن جي گونجار، روپلي ڪولهيءَ جي زمين، مسڪين جهان خان کوسي جهڙي سٻاجهي ۽ انسان دوست جو ٿر پنهنجي سموري جوڀن سان ائين جڳ مڳ ڪندو منهنجي تصور ۾ نه هو.پوءَ اهورات جو گڊيءَ جي ڀٽ تان مٺيءَ شهر جو منظر هجي يا اسرارن سان ڀريل پروقار ۽ خاموش ڪارونجهر هجي، ڀالوا ۾ سنڌ جي پوَتر نياڻي مارئيءَ جو کوھ هجي يا قديم جين مت جو گوڙي مندر هجي انڊلٺ جي رنگن کان وڌيڪ سهڻو مور هجي ٿر پنهنجي هر روپ ۾ نرالو آهي. ٿر جي بيرنگ واريءَ جي ڀٽن ۾ جيڪي وڻ ۽ ٻوٽا ٿين ٿا اهي دنيا ۾ رنگن جو هڪ منفرد ڪمبينيشن پيش ڪن ٿا.