ڪراچي - ڪارونجھر - ڪينجھر
عاجز جمالي
عيد جي
ٻئي ڏهاڙي آفيسن ۽ اسڪولن جي موڪلن جو فائدو ڏسي ڪراچي کان ٿر ڏانهن نڪري پياسين. ڪراچي
جي ملير کان مارئي جي ملير تائين جو هي سفر ٻن صحافين جي غير صحافتي ڪٽنبن جو سفر
هئو، نيشنل هاءِ وي وسيلي سنڌ جي ديبل بندر (ڀنڀور) تان گذرندي ڪارا بادل برسي هيا
هئا، ٿر تائين پهچڻ لاءِ لاڙ مان گذرڻو پوي ٿو، مڪلي جي شهر ڪوهستان ۾ ارغونن ۽
ترخانن سان گڏ ڄام نندو به ستل آهي، سرويچ سجاولي جي شهر وچان ٿيندا گولاڙچي ۽
بدين باءِ پاس کان مٺيءَ ڏانهن سفر هئو ۽ ٿر جي ڀٽن تي پلر جي پالوٽ ڏسي مون
پنهنجي موبائيل فون تي استاد محمد جمن جي آواز ۾ شاهه لطيف جو ڪلام وڄايو.