ڪراچي - ڪارونجھر - ڪينجھر
عاجز جمالي
موٽي
مانڊاڻن جي واري ڪيائين وار
وڄون
وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار (شاهه)
شهري ٻارن
لاءِ هي وڻندڙ سُر نه هو پر رياض سهيل جي لائيو تبصرن سان ٽهڪ گونجي رهيا هئا،
رياض چواڻي “شاهه سائين پنهنجي دور جو وڏو رپورٽر هو”، رياض سمجهائي رهيو هو ته “سائين
سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار” جي شاعري ۾ گجرات ۽ راجسٿان کان وٺي ٿر ۽ بعد ۾ سڄي سنڌ
کي چين ۽ استنبول سان ڳنڍيو ۽ جڏهن اسين ٿر ڏانهن سفر ۾ هئاسين ته ان ساڳيءَ پٽيءَ
تي وڄون وسي رهيون هيون، بدين کان مٺي ڏانهن ويندڙ روڊ تي گاڏين جا زبردست قافلا
هجن، شهري ماڻهو ڀٽن مٿان چڙهي فوٽو سيشن ۾ مگن هئا، ٻارڙن سيلفي سيزن شروع ڪري ڏني،
رات جي پهرين پهر ۾ مٺي جي گڊي ڀٽ تي ميلو متل هجي ۽ مٺي شهر جون جڳ مڳ ڪندڙ
روشنيون هڪ شاندار شهر جو ڏيک ڏئي رهيون هيون. انهن شهري بابوئن لاءِ اهڙو منظر ئي
ڪافي آهي، جن جي نظر ۾ ٿر صرف ريگستان ۽ تباهي کان سواءِ ڪجهه به ناهي، سچ ته ٿر
هن وقت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کان خوشحال آهي، ٿر تيزي سان بدلجي رهيو آهي، صرف
اسلام ڪوٽ مان نڪرندڙ ڪوئلي سبب ئي نه پر ٿر ۾ سياحت، وڻج واپار، هنر مندن، هوٽلنگ
سميت مون هن ڀيري ڪيترائي نوان رنگ ڏٺا، جن ۾ مون کي ٿر جو بدلجندڙ رنگ نظر آيو، ڇو
ته مان ۱۹۸۸ع جي عام چونڊن ۾ ڪامريڊ ڄام
ساقي جي چونڊ مهم کان وٺي پنهنجي هاڻوڪي دوري تائين لڳاتار سال ٻن ۾ ٿر گهمڻ ويندو
رهندو آهيان، مون کي هن ڀيري ٿر جو بدلجندڙ رنگ ايڏو سٺو لڳو جو دل چوڻ لڳي ته ڪاش
سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به اهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچن جو رات جو دير تائين ڪيترائي ڪٽنب ڪيفي
ٿر تي پنهنجي ڪٽنبن، عورتن، ٻارن سان گڏ ماني کائيندا هجن ۽ سندن آڏو مائي مريم ڍاٽڪي
ٻوليءَ ۾ ٿر جا لوڪ گيت ڳائيندي هجي. هي مائي ڀاڳي جي ٻولي ۾ نئين دور جو ٿر آهي،
جنهن ۾ مائي مريم ناز ڳائڻ سان گڏ پاڻ دهل وڄائي رهي هئي.
مائي ڀاڳي
جي ٿر ۾ هاڻي عاج جون چوڙيون پائيندڙ مايون ٽرڪون ۽ بلڊوزر هلائينديون آهن، سنڌ جي
ٻهراڙين ڏانهن ويندي اسين به پينٽ شرٽ پائڻ کان لنوائيندا آهيون پر مٺيءَ جي گڊي ڀٽ
تي مٺي جي نوجوانن کي مون پينٽ شرٽ ۾ ڏٺو، مٺي ۾ رهڻ لاءِ بهترين گيسٽ هائوسز
موجود آهن، مٺي جي دڪانن تي هٿ جي هنر سان ٺهيل شين جي وڏي مارڪيٽ آهي، اها الڳ ڳالهه
آهي ته روڊ جي ٻنهي پاسن تي کنڀين جون ٿيلهيون کڻي ويندڙ غريب ٿري ٻارڙا به موجود
آهن. مٺي کان اسلام ڪوٽ ويندي رستي ۾ ٻن ٽن هنڌن تي تاريخي حقيقتون ڏٺيون. مان ٿر ڪول
فيلڊ، ڪنٽينر سٽي، مائي بختاور ايئرپورٽ يا گوڙاڻو ڊئم جي ڳالهه نه پيو ڪريان، روڊ
جي کاٻي پاسي هڪ ننڍي چار ديواري وٽ رياض گاڏي بيهاري اشارو ڪيو ته هتي شهيدن جي هڪ
يادگار اڏيل آهي، هيءَ ۱۹۷۱ جي
شهيدن جي يادگار هئي. پاڪستان جي سماجي اڀياس ۾ صرف ۱۹۶۵ جي جنگ جو ذڪر ملي ٿو، اسين تاريخ جي اها ڪڙي حقيقت وساري ويٺا آهيون ته ۱۹۷۱ع ۾ اسين گهڻو ڪجهه وڃائي چڪا هئاسين نه رڳو ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو بنگال
وڃايو پر اسين ٿرپارڪر جو وڏو حصو به وڃائي چڪا هئاسين. ٿر جا مقامي ماڻهو ۽ پير
پاڳاري جا حر مجاهد ڀارتي فوج سان وڙهيا هئا، هي انهن ئي شهيدن جي هڪ يادگار اڏيل
هئي، جيڪا اسان کي ۱۹۷۱ جي
جنگ جي تاريخ ياد ڏياري رهي هئي، اسين جتي بيٺل هئاسين اها زمين به ۱۹۷۱ ۾ اسان جي پيرن هيٺان کسڪي چڪي هئي، جيڪا بعد ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي تيز
سفارتڪاري سبب واپس ملي هئي ۽ جنگي قيدي به موٽي آيا هئا. شهيدن جي هن يادگار ڏانهن
ان خيال سان ويس تي هتي ضرور شهيدن جا نالا ۽ تاريخ لکيل هوندي پر اهڙو ڪجهه نه هو
صرف اڳوڻي ضلعي ناظم ارباب انور جو نالو لکيل هو، جنهن يادگار جي ۲۰۰۶ع ۾ اڏاوت ڪرائي، ان يادگار تي ٻه لک رپيا خرچ آيو.
جنهن ڏينهن
اسين مٺي کان اسلام ڪوٽ جو سفر ڪري رهيا هئاسين، روڊ تي هزارين گاڏيون هيون، اسان
وانگر سمورين گاڏين جي منزل ننگر پارڪر يا ڪارونجهر جا سياحتي ماڳ هئا، پر هي ۱۴ هين آگسٽ جو ڏهاڙو هو ۽ خلق جشن آزادي ملهائي رهي هئي، گاڏين تي پاڪستان
جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا، هندو ۽ مسلمان گڏجي پاڪستان زنده آباد جا نعرا هڻي رهيا هئا،
منهنجي پٽ به پنهنجي گاڏي جي بونٽ تي پاڪستان جو جهنڊو چنبڙائي ڇڏيو هو، اسان جو
نوجوان نسل پاڻ کي اسان کان وڌيڪ محب وطن سمجهندو آهي، نئين نسل کي ڪئين سمجهايان
ته جسٽس حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ ۾ ڇا ڇا لکيل آهي؟
اسلام ڪوٽ
جو نيڻورام به مست ماڻهو هو، سندس نالي سان سنت نيڻو رام آشرم موجود آهي، هتي هر
وقت لنگر هلندڙ آهي، هندو، مسلم، سک، عيسائي، ڪولهي، ڀيل ۽ ميگهواڙ جو ڪو فرق ناهي
منهنجي
رستي تي پير رکي ته ڏس،
تنهنجا
سڀ رستا کولي نه ڇڏيان ته چئجان. (سنت نيڻورام)
سنت نيڻورام
جي آشرم تي کاڌي پيتي جي انچارج تپيدار لڇمڻ داس ٻڌايو ته نيڻورام پاڻ لاءِ ڪو نه
سوچيندو هو، هو اسلام ڪوٽ جي چوڪ تي بيهي ماڻهن کان پنندو هو، ڪو پئسا ڏيندو هئس، ڪو
جوئر ٻاجهر جا داڻا ته ڪو ڪپڙو لٽو، هو پئسا ۽ سامان وٺي ايندو هو، پنهنجي ننڍڙي
آشياني (هاڻي اتي وڏو آشرم آهي) تي ايندو هو، جيڪو به مسافر ايندو هو، انهي کي
کارائيندو پيئاريندو هو. سخي مرد هو، صوفي خيالن جو ماڻهو هو. سنت نيڻورام جي
شاعري به آشرم جي ڀتين تي سجايل آهي، کيس پکين ۽ جانورن سان وڏي محبت هوندي هئي، لڇمڻ
مطابق اڄڪلهه هن آشرم تي روزانو پنج ڇهه سئو ماڻهن کي ماني کارائي ويندي آهي، هن
آشرم بابت صحافي دوست اشوڪ شرما جو چوڻ هو ته هتي هر سال هزارين ماڻهو آشرم ڏسڻ
ايندا آهن، ممڪن آهي ته اسان جي نئين نسل لاءِ نيڻورام جو آشرم تفريحي ماڳ هجي ڇو ته
شهري ماڻهو صرف هي ماڳ ڏسڻ لاءِ ايندا آهن پر اصل ۾ هي ٿر جي مهمان نوازيءَ جو هڪ
مثال آهي. سڄِي سنڌ ۾ سئو سال اڳ اهڙا لکين سخي مرد هوندا جيڪي مسافرن کي ماني
کارائيندا هئا، اسين خود ننڍي هوندي اوطاقن ۾ مسافرن کي ماني کارائيندا هئاسين.
چوڏهين
آگسٽ تي سلام ڪوٽ کان ننگر پارڪر ڏانهن جشن آزاديءَ جا قافلا ايترا ته گهڻا هئا جو
ويرا واهه جي رينجرز چيڪ پوسٽ کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پهرين ٽريفڪ جام هئي، ايئن پيو لڳي
ٿر نه پر ڪراچيءَ جي ڪا شاهراهه هجي. ننگر پارڪر پهتاسين ته زبردست قسم جو مينهن
وسي رهيو هيو، ميزبانن کي هٿيڪو ڪري سامان ڇڏي شام جو ئي ڪارونجهر جو رخ ڪيوسين.
اها شام ۽ ٻئي ڏينهن منجهند کان وٺي شام تائين ڪارونجهر جي ڀرپاسي جا ماڳ ڏٺاسين، ڪيئي
تاريخي حقيقتون ڪيترائي سوال، ڪيترائي خيال هميشه وانگر اڌورا ئي رهندا. مون کي
ننگرپارڪر جو مشهور ڪردار چاچو علي نواز کوسو (مرحوم) ياد اچڻ لڳو، هڪ ٻه دفعا ڪچهرين
۾ هن کان اسان کي چڱي خاصي ڄاڻ ملي هئي ته ننگرپارڪر جا کوسا به ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪاڇي
کان ٿر پهتا هئا، اها حقيقت مون کي رياض سهيل ٻڌائي. ڪاڇي جو مشهور ڪردار گاجي
شاهه (ڪمانڊر گنج بخش) ميان نصير محمد ڪلهوڙي جا فوج جو مک ڪمانڊر رهيو، سندس چوڻ تي
ڪاڇي مان کوسا ننگر پارڪر پهتا هئا. هتي پهچي اسان ثقافت کاتي جي روپلو ڪولهي ريسٽ
هائوس تي ڪمرا هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ريسٽ هائوس تي وي آءِ پيز جي رش هجي ان ڪري
ماٺ ڪري ذاتي اثر رسوخ کي استعمال ڪيوسين.
ننگرپارڪر
يا ڪارونجهر سان روپلو ڪولهيءَ جي تاريخ سلهاڙيل آهي پر ان سان گڏ مسڪين جهان خان
کوسي جي سخاوت ۽ علم دوستيءَ جا به وڏا مثال موجود آهن. ننگرپارڪر کان نڪرندڙ
سمورن قافلن جو رخ “ساڌڙو ڌام” ڏانهن هوندو آهي، هيءَ هڪ آبشار يا جابلو ندي آهي،
هندو ڌرم جو مذهبي هنڌ آهي، ماڻهو هتي اچي وهنجي پاڪ پويتر ٿيڻ جي آس رکندا آهن.
جبل جي چڙهائي تي هڪ مندر به آهي، سنڌ يا بلوچستان جي آبشارن سان مذهبي ڪهاڻيون
ضرور واڳيل هونديون آهن، کيرٿر مان نڪرندڙ “بنجو” هجي، لڪي شاهه صدر جا آبشار هجن
يا ڪراچيءَ ۾ گرم سرد چشما هجن، جتي به جبلن مان آبشار نڪرن ٿا انهن سان گڏ
ديومالائي ڪهاڻيون ضرور ڳنڍيل آهن، “ساڌڙو ڌام” به ايئن ئي آهي، پر هي ڪارونجهر جي
دامن ۾ ڏاڍي خوبصورت جڳهه آهي. مورن جا ٽهوڪا، اٺن جون قطارون، مينهوڳيءَ کانپوءِ
ساوڪ ۽ ڪارونجهر جي ڳاڙهن جبلن جو فطرتي حسن ڏسي اسان جا ٻار چريا ٿي پيا، وٺي
جبلن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا، کين سنڀالڻ مشڪل ٿي ويو، چون اسين ڪارونجهر جي چوٽيءَ تائين
وينداسين، ڊيڄاري ڊيڄاري کين هيٺ لاٿو ويو.
واپسي
تي اسين ننگرپارڪر شهر ۾ جين مندر جي حالت ڏسڻ وياسين، هن مندر تي چار ڀيرا اڳي به
وڃي چڪو آهيان، اهڙو ئي هڪ مندر ننگرپارڪر شهر کان ٻاهر ڀوڏيسر جي مسجد ڀرسان آهي،
پر ان جي حالت ابتر آهي، اهو قديمي مندر ڊهڻ وارو آهي، هن مندر کي بچائڻ لاءِ سنڌ
انڊومينٽ فنڊ وارن تختي هڻي ڪم شروع ڪيو آهي، في الحال ته مندر کي تارن سان ويڙهي ڪرڻ
کان بچايو ويو آهي، هن جين ٽيمپل تي لکيل تاريخ موجب هي ساڍا نو سئو سال قديمي
آهي، “ٻڌ” دور کان اڳ جا هي مندر هن خطي جي عظيم تاريخ جا عظيم گواهه آهن. ڀوڏيسر
جي مسجد تي ثقافت کاتي جي لڳل بورڊ مطابق “گجرات جي حاڪم مظفر شاهه بن غياث الدين ۱۵۰۵ عيسوي ۾ هن مسجد جي اڏاوت ڪئي ۽ اڏاوت جو نمونو جين دور جي اڏاوت جهڙو
آهي.” پنج سئو سال پراڻي هن مسجد جي اڏاوت بلڪل الڳ آهي، سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن مسجد
جي اهڙي اڏاوت نه ملندي، هن قديم مسجد بابت تاريخ ۾ هڪ راءِ اها به آهي ته هي
پهرين مندر هو بعد ۾ هن کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو. ڀوڏيسر تلاءُ (ڊيم) جي ڪناري تي
هن تاريخي مسجد جي سار سنڀال لهڻ جي پڻ ضرورت آهي.
ننگرپارڪر
کان ٻئي ڏينهن اسان جو رخ ڪينجهر ڏانهن هو.۲۰۱۷ع ۾ آخري ڀيرو مان ڪينجهر آيو هوس، هن سياحتي ماڳ جي حالت تڏهن کان هاڻ ڪافي
بهتر هئي. ثقافت کاتي جي ۲۴ ريزارٽس
جي حالت به سڌريل لڳي. ڪينجهر جو نوري ريسٽورنٽ ٺاهه ٺوهه ۾ ته زبردست هو پر کاڌن
جو حال ڪونه هو، مهانگا کاڌا ۽ معيار به سُٺو نه هو. خبر پئي ته ڪنهن نئين ٺيڪيدار
کي ٺيڪو ڏنو ويو آهي. ثقافت کاتي کي ماهوار صرف ۵۸ هزار رپيا هن ريسٽورنٽ مان ملندا آهن، ٻه سال اڳ ريسٽورنٽ ڀرسان لکيل ڀٽائي
جو بيت پڙهي مون پنهنجي ننڍڙي نياڻي کي سولي سنڌي ۾ ان جو مطلب پئي سمجهايو.
هيٺ جر
مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراءُ
اچي وڃي
وچ ۾، تماچيءَ جي ساءُ
لڳي
اتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي
پر هاڻي
اهو بيت اتان غائب ٿي ويو آهي، ظاهر آهي ته ڪينجهر سان نوري ڄام تماچيءَ جو تاريخي
واقعو ڳنڍيل آهي، پر ڪينجهر جي وچ ۾ موجود نوريءَ جي مزار تائين هاڻي بنهه گهٽ ماڻهو
ويندا آهن. ثقافت کاتي پاران ٻه ننڍيون ٻيڙيون ۽ وڏو ٻيڙو خريد ڪيو ويو هو ته جيئن
ماڻهن کي ڪينجهر جو سير ڪرايو وڃي، ثقافت کاتي جي وزير سردار شاهه جو چوڻ آهي ته وڏو
ٻيڙو ان مقصد لاءِ خريد ڪيو ويو ته ماڻهن کي نوري جي مزار جو سير ڪرائجي، پر مون
عملي طور ڏٺو ته اهو ٻيڙو به بيٺل آهي ۽ ٻن ننڍين ٻيڙين جي بيٺي بيٺي حالت خراب ٿي
وئي آهي، منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن نوريءَ جي مزار تي ثقافت کاتو ٻيڙو هلائڻ لاءِ
رٿابندي ڪري ۽ ان کي ريگيولر ڪري ته ماڻهو ضرور نوريءَ جي مزار تائين گهمڻ ويندا.
فيري سروس جهڙو ڪو نظام ٺاهي سگهجي ٿو، ساڳي ريت ڪينجهر جي ڀرپاسي نوري ڄام تماچي
بابت لکيل شاهه سائين جا بيت به لکرايل هجڻ گهرجن، بلڪه اردو انگريزي ترجمي سان
شاهه سائين جي شاعري هجي ته ماڻهن کي ڪينجهر ڍنڍ جي اهميت جو اندازو ٿيندو. ڪراچيءَ
مان ويندڙ قافلن جو به عجيب رويو آهي، ماڻهو هڪ ريزارٽ يا هڪ بنگلو بڪ ڪرائن ٿا،
جنهن ۾ وڌ کان وڌ ڇهه اٺ ماڻهن جي گنجائش آهي پر ويهه ويهه ٽيهه ٽيهه ماڻهو پهچن ٿا،
هٽ ٻاهران لڏو لاهي ويهي رهن ٿا، وڏا وڏا لائوڊ اسپيڪر، سئنيما اسڪرين، ناچ گانو ۽
اهڙو ته گوڙ هنگامو ٿئي ٿو جو ڪٽنبن سان ويندڙ ماڻهو پريشان ٿين ٿا، ان ۾ اهو ٿي
سگهي ٿو ته “ڇڙهن” لاءِ ڪو الڳ بندوبست ڪجي يا ڪجهه ڪمرن کي الڳ ڪجي.ڪينجهر جي انچارج
مخدوم گلزار ٻڌايو ته، “اسان وٽ هڪ ريزارٽ لاءِ وڌ ۾ وڌ ۸ ماڻهن جي گنجائش آهي پر بڪنگ ڪراچي ۾ هيڊ آفيس ڪندي آهي، هي سڀ ماڻهو اتان
ايندا آهن.”
ڪراچي
کان ۱۲۰ ڪلوميٽرن
جي پنڌ تي ڪينجهر سنڌ جو بهترين سياحتي ماڳ آهي، هيءَ ماڳ اڳي کان ڪافي بهتر آهي
پر ڪاش اهڙو ڪو ڪم ڪجي جو ڪينجهر واقعي به هندورو بڻجي وڃي، ڪراچيءَ کان مٺي،
اسلام ڪوٽ کان ڪارونجهر ۽ ڪارونجهر کان ڪينجهر هي چئن ڏهاڙن ۾ گهمڻ يا سياحت لاءِ
بهترين دڳ آهي، سنڌ جي سياحت کاتي کي جيڪڏهن سنڌ سرڪار پاڻ ڀرو ڪري ته سانوڻ جي
مند ۾ باقاعده ڪراچيءَ مان قافلا نڪري سگهن ٿا، جهڙي ريت ٻين صوبن ڏانهن گرمين،
سردين جي موسم ۾ ماڻهو گهمڻ ويندا آهن، ملڪ جي اترين علائقن ۾ لکين رپيا خرچ ڪرڻ
بدران ڪراچيءَ کان ڪارونجهر ۽ ڪينجهر تائين هڪ ڪٽنب هڪ لک روپين ۾ گهمي ڦري اچي
سگهي ٿو پر سنڌ ۾ سياحت جي ترقي هميشه وانگر اڄ به اهم سوال آهي.
No comments:
Post a Comment