Showing posts with label SEKARANG SAYA TAKUT - الطاف،، شيخ. Show all posts
Showing posts with label SEKARANG SAYA TAKUT - الطاف،، شيخ. Show all posts

Saturday, September 21, 2013

SEKARANG SAYA TAKUT - الطاف شيخ

SEKARANG SAYA TAKUT
الطاف شيخ


هاشم وارن سامونڊي شيون کائي بس ڪيون ۽ جنهن پني ۾ اهي ويڙهيل هيون ان سان هٿ اگهي پنو ڪچري جي بارديءَ ۾ اڇلايو. گاڏي واري ڇوڪريءَ هاڻ ويجھو اچي کانئن آرڊر پڇيو. جيڪو سنگاپوري چيني همراهه ڊئوڊ، ٿائي زبان ۾ ترجمو ڪري هن کي ٻڌايو. هاشم کير بدران چانهه جو آرڊر ڏنو.
”ڇو ڳئون جو کير نٿو پين؟“ ڊئوڊ هاشم کان پڇيو.
”ڳئون جو کير هندو پيئندا آهن.“ هاشم وراڻيو.
”پر توهان مسلمان ڳئون جو گوشت ته کائو ٿا.“
”اهو وري هندو نٿا کائين.“ هاشم کلندي ٺهه پهه جواب ڏنس.