استور ۽ اسڪردو جي ماٿرين
۾
خادم رند
آگسٽ ۲۰۱۹ع ۾ گلگت ۽ ھنزه واري يادگار ۽ حسين ٽوئر
جون يادون اڃان ذهنن ۾ تازيون ھيون ته ۲۰۲۰ع جي آگسٽ مھيني ۾ دلبر دوست مجيد منگي ۽ مان ھڪ دفعو ٻيھر
گلگت بلتستان جي دلڪش جابلو ماٿرين ڏانھن وڃڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺاسين. گذريل ڀيري
اسان گلگت ۽ ھنزه سان گڏ پاڪستاني ڪشمير جا ڪجھ علائقا گهمي ڏٺا ھئا پر ھن ڀيري
اسان جي خواھش ھئي ته گلگت بلتستان جو ڪو ٻيو پاسو ڏسجي. مجيد ۽ مان پنھنجي پنھنجي
منھن سان انٽرنيٽ تي ٽوئرسٽ ڪمپنين جا گلگت بلتستان بابت مختلف پيڪيجز جاچيندا
رھياسين. آخر استور ۽ اسڪردو جي ۱۲ ڏينھن واري ھڪ ٽوئر پيڪيج تي متفق ٿي ڪمپني
وارن سان معاملو طئي ڪري ٽوئرازم جي مروج قاعدن ۽ ضابطن موجب اڌ رقم کين ڪمپني جي
بينڪ اڪائونٽ وسيلي موڪلي ڇڏيسين. ٽوئر جي شروعات ۱۲ آگسٽ تي صبح جو سوير اسلام آباد مان ٿيڻي
ھئي، ان ڪري مان ۱۰ تاريخ تي منجهند جو قمبر مان لاڙڪاڻي لاءِ نڪتس. جتان اڍائي وڳي ڪوچ ذريعي
راولپنڊي لاءِ نڪرڻو ھو. جڏھن ته مجيد ۽ ان جي ٻن دوستن ۱۱ آگسٽ تي شام جو ڪراچي کان اسلام آباد جھاز
وسيلي پهچڻ جو پروگرام ٺاھيو ته جيئن ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ سفر کان بچي سگهجي.