Showing posts with label گورک ھل، زيب سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label گورک ھل، زيب سنڌي،. Show all posts

Tuesday, May 14, 2019

گرمين ۾ گورک ھل تي ھڪ سرد رات - زيب سنڌي


گرمين ۾ گورک ھل تي ھڪ سرد رات
زيب سنڌي
گورک هِل ڏسڻ جي خواهش ته الائجي ڪيترن سالن کان سيني ۾ سانڍيل هئي پر اهو ماڳ اهڙي هنڌ آهي، جو گورک لاءِ سوچي مون کي سدائين ڀٽائي سائينءَ جي سِٽَ ياد اچي ويندي هئي، “جت نه پکيء پير، تِت ٽمڪي باهڙي...” سو اهڙي اونچائيءَ تي بنا ڪنھن ثمر ساٿ جي ڪو کاهوڙي ته وڃي پهچندو پر هن فقير لاءِ اهو سفر بنا ڪنهن ساٿ جي ممڪن نه هو. اهو ۲۰۰۸ ۾ مئي جو ئي مهينو هو، جڏهن پهريون ڀيرو گورک ڏسڻ جي خواهش پوري ٿيندي نظر آئي هئي. گورک فيسٽيول لاءِ نصير مرزا، طارق عالم ۽ ٻين دوستن سان گڏجي وڃي جوهيءَ پهتو هئس. جوهيءَ کان اسان جو دوست عزيز ڪنگراڻي به اسان جو همسفر ٿيو هو ۽ اسان ڪار جوهيءَ ۾ ڇڏي، پنهنجي ميزبانن پاران ڏنل فور ويل جيپ ۾، وايا واهي پانڌي گورک ڏانهن روانا ٿيا هئاسين. جيپ سخت گرم ڏينهن جي ٽاڪ منجهند جو ميداني علائقي ۾ هلندي رهي هئي ۽ جڏهن جابلو علائقي ۾ پهتا هئاسين ته هر طرف ڪڪر ڇائنجڻ لڳا هئا. گورک جي پهاڙي سلسلي ۾ جڏهن کاول لَڪ وٽ پهتا هئاسين ته، اتي ڪيتريون ئي فورويل گاڏيون ۽ ڪيترائي ماڻهو بيٺل هئا، جن ۾ اسان جا ڪي ليکڪ دوست به شامل هئا. اتي پهچي خبر پئي هئي ته جبل تان ڪا ڇِپَ رستي تي ڪِرڻ سبب اڳتي رستو بند ٿي ويو آهي. اسان کي چيو ويو ته انتظار ڪيو، رستو کولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان انتظار ڪندا رهياسين ۽ اهو انتظار ڪنھن محبوب جي اوسيئڙي جيان ويو طويل ٿيندو... انهيءَ وچ ۾ مِڙي آيل بادلن به بوند بوند ٿي برسڻ شروع ڪيو هو. سج لهڻ کان اڳ ئي هلڪي هلڪي اونداهي به ٿيڻ لڳي هئي ۽ پوءِ انهيءَ وقت اسان کي ٻُڌايو ويو هو ته، رات وچ ۾ رستو کلڻ جو ڪوبه امڪان ناهي! نه چاهيندي به اسان کي واپس ورڻو پيو هو ۽ گورک ڏسڻ جي خواهش، اڻ پوري حسرت ۾ بدلجي وئي هئي!