Showing posts with label بنارس، الطاف، شيخ،. Show all posts
Showing posts with label بنارس، الطاف، شيخ،. Show all posts

Thursday, December 03, 2015

بنارس هڪ آڳاٽو جاڳندڙ شهر الطاف شيخ

بنارس هڪ آڳاٽو جاڳندڙ شهر
الطاف شيخ
گذريل مضمون کان آئون هندستان جي هن آڳاٽي ۽ مشهور شهر جو سفرنامو لکي رهيو  آهيان جيڪو مندرن جو شهر آهي ۽ هندو هن کي بيحد ڀلارو ۽ متبرڪ شهر سمجھن ٿا. هن شهر جي لاءِ مان هر وقت بنارس نالو استعمال ڪري رهيو آهيان... جيتوڻيڪ توهان کي هن شهر جي ريلوي اسٽيشنن، بس اسٽاپن ۽ ٻين هنڌن تي هن شهر جو نالو، انگريزي توڙي هندي ۽ ڪٿي ڪٿي اڙدو ۾ ورانسي (VARANASI) لکيل نظر ايندو ۽ اڄ جي هر نوجوان جي زبان تي اهو ئي نالو آهي جيڪو نالو انگريزن جي وڃڻ بعد آزاد هند سرڪار هن شهر جو رکيو نه ته اسان ننڍي لاڪون بنارس ٻڌو. پاڪستان جي شهر لائل پور ۽ منٽگمري وانگر جيڪي هاڻ فيصل آباد ۽ ساهيوال سڏجن ٿا، انڊيا به پنهنجن ڪيترن شهرن جا نالا پنهنجي مرضي مطابق نوان رکيا يا وري اهي ساڳيا رکيا جيڪي انگريزن جي 200 کن سالن جي حڪومت کان اڳ هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جهڙا پوڙها اڌ صدي کان اهي انگريزن وارا نالا جيڪي نه فقط عام طرح ٻڌا پر انگريزن جي لکيل ناولن ۾ پڙهيا سو هاڻ پيريءَ ۾ اهي نالا وسارڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. جيئن گذريل سال ممبئيءَ ۾ رهائش دوران مونکي ممبئي اچارڻ ڏکيو، عجيب ۽ اوپرو لڳو ٿي ۽ آئون هر وقت پراڻو نالو بمبئي چوندو رهيس جنهن سان سالن کان زبان هريل هئي. اهڙي طرح ”پوني“ بدران پراڻو نالو ”پونا“ استعمال ڪندو رهيس جيڪو اڃان سال ٻن جو هوس ته پنهنجي مرحوم ڏاڏيءَ کان ٻڌو هوم جيڪا هر ڳالهه ۾ پونا شهر جو ذڪر ڪندي هئي جِتان سندس اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ (منهنجو والد گل محمدشيخ) سٺي پوزيشن سان ائگريڪلچر سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪري آيو هو. پر اڄ اهو چوڻ بدران ته ”پونا Poona سٺو شهر آهي“، هرڪو چوي ٿو ته ”پوني  Pune سٺو شهر آهي“