ڪانڪريا جو سئر
موهن مدھوش
موهن بچو ڀائي ۽ هن جون ڌيئرون بار بار چئي رهيون
هيون: ”چاچا، توهان ڪانڪريا ضرور ڏسجو.“
مون به سوچيو ته ’ڪانڪريا‘ ۾ اهڙو ڇا آهي جو
اُن کي ڏسڻ گهرجي. آئون احمدآباد جي واڙي علائقي ۾ نٿو ڪوثر جي گهر ترسيل هئس. موهن
بچو ڀائي ڪٻيرنگر مان فون ڪري چوڻ لڳو ته:
”موهن ڀائي، توهان جي ڀاڀي ۽ ٻار هتان کان ڪانڪريا
لاءِ نڪرن ٿا، توهان به جگنيش ڀاٽيا سان گڏ اتي پهچي وڃو. ڪانڪريا گهمڻ لاءِ توهان
کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا.“
موهن بچو ڀائي کي چيم، ”ها ڀائي، اسان اچون ٿا.“