Sunday, October 05, 2014

ڪانڪريا جو سئر - موهن مدھوش

ڪانڪريا جو سئر
موهن مدھوش
موهن بچو ڀائي ۽ هن جون ڌيئرون بار بار چئي رهيون هيون: ”چاچا، توهان ڪانڪريا ضرور ڏسجو.“
مون به سوچيو ته ’ڪانڪريا‘ ۾ اهڙو ڇا آهي جو اُن کي ڏسڻ گهرجي. آئون احمدآباد جي واڙي علائقي ۾ نٿو ڪوثر جي گهر ترسيل هئس. موهن بچو ڀائي ڪٻيرنگر مان فون ڪري چوڻ لڳو ته:
”موهن ڀائي، توهان جي ڀاڀي ۽ ٻار هتان کان ڪانڪريا لاءِ نڪرن ٿا، توهان به جگنيش ڀاٽيا سان گڏ اتي پهچي وڃو. ڪانڪريا گهمڻ لاءِ توهان کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا.“
موهن بچو ڀائي کي چيم، ”ها ڀائي، اسان اچون ٿا.“


نٿو ڪوثر جي پٽ جگنيش ڀاٽيا سان گڏ هُنڊا 110 جهڙي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڪانڪريا لاءِ نڪري پياسين. جگنيش ڀاٽيا چوڻ لڳو، ”ماما، رستو ڀُلجي پيا آهيون، هتي ڪنهن کان پُڇون ٿا.“
جگنيش رستي تي ويندڙ واٽهڙو کان ڪانڪريا جي رستي لاءِ پڇيو ته خبر پئي ته اُهو بلڪل ويجهو ئي هو. اسان ڪانڪريا جي مين گيٽ تي پهتاسين. پارڪنگ ايريا ۾ جگنيش پنهنجي موٽر سائيڪل پارڪ ڪئي. اسان کان اڳ ۾ ئي پهتل مايا ڀاڀي، هُن جون ٻئي ڌيئرون ببيتا ۽ ديپا، ببيتا جي ڌي فرينل اسان جو اُتي انتظار ڪري رهيون هيون. انهن کي فون ڪيوسين جيڪي گيٽ جي بلڪل ويجهو هيون ۽ اتي ئي ملي وياسين. گيٽ جي اندر داخل ٿياسين ته هڪ وڏي بال وانگر گول ڍنڍ نظر آئي. ان ڍنڍ جي چؤطرف هلڻ جو رستو هو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ توهان ٽڪيٽ وٺي ننڍڙي ٽرين ۾ سوار ٿي سگهو ٿا. اسان ٽرين ۾ نه ويٺاسين. جگنيش چوڻ لڳو، ”هن ٽرين ۾ ننڍڙا ٻار چڙهندا آهن.“
جگنيش اڃا اهو جملو چئي پورو ڪيو ته ٽرين به اسان جي ڀرسان لنگهي ويئي، جنهن ۾ ننڍڙا ٻار، وڏا مرد توڙي عورتون ويٺل نظر آيون. دل ته چئي پئي ته ان ۾ سوار ٿجي پر ججهن جو رايو پنڌ گهمڻ لاءِ هو. ٽرين سيٽي وڄائيندي اڳيان نڪري ويئي. ٿورو اڳتي وڌياسين ته هڪڙو Balloon (اڙن ڪشتي) نظر آيو، جنهن ۾ چڙهي مٿي آسمان تي چڪر لڳائبو آهي، ان لاءِ پهرين ٽڪيٽ وٺڻي پوندي آهي. اسان مان ڪنهن کي به اُن تي سوار ٿيڻ لاءِ دل نه ٿي. مون ڍنڍ طرف نهاريو ته ماڻهن جي رش لڳي پئي هئي. مون اتي وڃي ڏٺو ته ٻه الڳ الڳ Transparent پلاسٽڪ جي بال ۾ بند ٿيل ماڻهو گول گول ڦري رهيا هئا. پهرين سوچيم ته اهي شيشي وانگر بند ٿيل پلاسٽڪ جي وڏي بال ۾ ڪيئن ساهه کڻندا هوندا!؟ ڇو ته هُن ۾ ڪنهن به قسم جو سوراخ ته هوئي ڪونه. پر اهي ٻئي ماڻهو ته الڳ الڳ پلاسٽڪ جي بال ۾ بانبڙا پائي رهيا هئا. انهن کي ڏسي ڏاڍو ڊپ لڳي رهيو هو ته اهي ٻڏي نه وڃن، ڇو ته انهيءَ ڍنڍ جي وڏي گهرائي هئي، پر اهو سڀ پلاسٽڪ جي گول بال ٺاهڻ وارن جو ڪمال هو، انهي بال کي هڪ نوڙي ذريعي ٻڌو ويو هو. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ نوڙيءَ ذريعي ان بال ۾ آڪسيجن ڏني ويندي هجي. اندر بانبڙا پائيندڙ ماڻهن کي اسان پري کان صاف صاف ڏسي رهيا هئاسين.
ٿورو اڳيان وڌياسين ته اُتي هڪ وڏو باغ نظر آيو، جنهن ۾ وڻ ٽڻ، ٻوٽا، جانور ۽ پکي پکڻ موجود نظر آيا. ببيتا جي ننڍڙي ڌيءَ فرينل ضد ڪيو ته آئون اهو باغ ضرور ڏسندس. سو اسان سڀئي ان باغ ۾ داخل ٿياسين. ان ۾ ٻه وڏا هاٿي نظر آيا، ڀولڙا به پڃري ۾ ٽپا ڏيندا نظر آيا ۽ پنهنجي مستيءَ ۾ مگن هئا. طوطا، جهرڪيون، مور ۽ ٻيا جانور ڏسي مون کي حيدرآباد وارو راڻي باغ ياد اچي ويو، جنهن کي هاڻ نئين انداز سان ٺاهيو ويو آهي ۽ راڻي باغ واري پراڻي شڪل تبديل ٿي چڪي آهي. انهي باغ مان ٻاهر نڪتاسين ته اڳيان ريسٽورينٽ ۽ لائيٽ ريفريشمينٽ لاءِ ڪارنر ٺهيل هئا. جگنيش ڀاٽيا چوڻ لڳو، ”ماما، هتي ويهي ڪجهه ريفريشمينٽ ڪريون ٿا.“
اسان سڀني اچي اُتي ڪجهه دير لاءِ ساهه پٽيو. ڪنهن نوڊل گهرايا، ڪنهن ڊوسا ته ڪنهن وري چاٽ ۽ ان مٿان وري ڪولڊ ڊرنڪ. مونکي ڪولڊ ڊرنڪ جي اُتي واري ڪوالٽي ڪجهه بهتر نظر نه آئي. جگنيش ڀاٽيا ڪنهن کي خبر ئي نه پوڻ ڏني ۽ ڪائونٽر تي وڃي بل ادا ڪري آيو. اتي ٿڌي ٿڌي هوا لڳي رهي هئي ۽ موسم ڏاڍو خوشگوار لڳي رهيو هو. حالانڪه اهي سياري جا ڏينهن هئا پر شام جو ٿڌڙي هير لڳي رهي هئي، اهڙي جهڙي گرميءَ جي موسم ۾ لڳندي آهي.
اسان ڪيترو ئي مفاصلو طئي ڪري آياسين ۽ ڪيترو ئي گول ڦري آياسين. هاڻ اسان ٺيڪ انهي جڳهه تي آياسين جتي ڍنڍ جو اڌ حصو هو. انهي اڌ حصي وٽ هڪڙو رستو جيڪو ڍنڍ جي وچ تائين وڃي رهيو هو. اتي بهترين ريسٽورينٽ سان گڏ سٺو باغ پڻ نظر اچي رهيو هو،جيڪو ڍنڍ جي وچو وچ تي هو. اتي بوٽنگ لاءِ ٻيڙيون به بيٺل هيون. ڪجهه ماڻهو بوٽنگ ڪري رهيا هئا. ڪجهه انهن کي ڏسي رهيا هئا. اتي ئي هڪڙو ننڍڙو شِو شنڪر ڀوليناٿ جو مندر ٺهيل هو، سڀني مندر جي چؤکٽ کي پيرين پئي نمسڪار ڪيو. اسان اڃا گول نما ڍنڍ جو ڪيترو ئي فاصلو طئي ڪيوسين ته ننڍڙي ٽرين هڪ دفعو ٻيهر اتان سيٽي وڄائيندي اسان کي ڪراس ڪري ويئي. ٽرين ۾ سوار سڀئي مسافر ڏاڍو انجواءِ ڪري رهيا هئا. اسان به هنن کي ڏسي پري کان لطف اندزو ٿي رهيا هئاسين. سچ پچ ته هتي احمدآباد ۾ ماڻهن کي ريجهائڻ لاءِ ڪيڏو نه بهترين انتظام ٿيل آهي، ڏاڍو رشڪ پئي آيو ته، ڪاش! اسان جي حيدرآباد ۾ به اهڙو ’ڪانڪريا‘ هجي ها ۽ پُرامن طور سڀئي گهمي پنهنجي من کي وندرائين ها. ڪجهه ئي دير ۾ اسان ڪانڪريا جي گول ڍنڍ جو مفاصلو پورو ڪيو. دل ته نه پئي چوي ته هتان جلد هليو وڃجي پر شام جو سج پنهنجي روشني گهٽائي رهيو هو ته ٻئي طرف ڪانڪريا انتظاميه پاران لائٽنگ جي روشني بکي رهي هئي. اتي سردار ولڀ ڀائي پٽيل، مهاتما گانڌي ۽ نهرو جا مجسما به نظر آيا. اتي سير لاءِ ايندڙ ڪيترائي جوڙا پنهنجو قيمتي وقت گذارڻ ۽ من کي وندرائڻ لاءِ اچي وڃي رهيا هئا. مايا ڀاڀي حُڪم ڪيو ته، ”هاڻ ڪٻير نگر هلون ٿا، ڇو ته اجمير شريف کان شري کيتارام (جيڪو منهنجو پڦڙ ٿيندو آهي) ۽ پڦي آيل آهن، اهي توهان سان خاص ملڻ لاءِ هتي پهتا آهن، هاڻ هلو ته واپس هلون.“
مون مايا ڀاڀي کي چيو، ”ها ڀاڀي، ڀلي هلو.“

ائين اسان ڪانڪريا جو سئر پورو ڪري، شام جو ستين وڳي، ڪٻير نگر پهچي وياسين.

No comments:

Post a Comment