Thursday, October 09, 2014

جهرڪ شهر ۽ پراڻيون يادگيريون - عبدالحي پليجو

جهرڪ شهر ۽ پراڻيون يادگيريون
عبدالحي پليجو
ڪارن ڪڪرن هيٺ، پنهنجي گهر جي پارڪ ۾ سهڻن گلن جي وچ ۾ ڇٻر تي ستو پيو هئس، سانوڻ جي مهيني جي تمام سنهي ۽ هلڪي بوند، لطف اندوز انداز ۾ منهنجي بستري جي مٿان ٻڌل مَهاريءَ تي وسي پئي. ڪيڏي ڪيڏي مهل بوند جون سنهيون سنهيون ڦڙيون منهنجي جسم تي به پئي پيون جنهن تن بدن ۾ خوشيءَ جون مڌر لهرون پيدا ڪري وڌيون. دل ٿي چيو ته؛ آئون هتي ئي پيو بوندن جو لطف وٺندو رهان. پر بوندن جڏهن بس نه ڪئي ته مجبوراً اٿي اندر ويس ته سڀ ٻار جيڪي عيد تي آيل هئا، تن چيو ته؛ ”بابا ٻاهر برسات ۽ اندر گهر ۾ گرمي آهي. تنهنڪري اسين واپس ڪراچي ٿا وڃون.“ مون کين ٻڌايو ته؛ ”ٻني کان مٿي، اٺ ميلن جي مفاصلي تي ۽ جهرڪن کان ٻه ميل هيٺ، سنڌو درياهه تي ڪوريا جي هڪ تعميراتي ڪمپني هڪڙي پل پئي ٺاهي. اچو ته هلي اها ٺهندڙ پل ڏسي اچون.“


اها ڳالهه ٻڌي سڀ راضي ٿيا، ٻني کان ڳوٺ لائق ڏنو پليجو تائين، پڪي رستي تان، پوءِ سراسر بند جي ٽاپ تان هلندي وڃي پل ڀيڙا ٿياسين. هتان ويندي ڳوٺ لائق ڏنو پليجو وٽ بند تي چڙهڻ کان پوءِ پل ڏانهن ويندي، بند جي اندرئين پاسي، اتر طرف، ڪچي ۾ پهرين ماءُ نياڻي جو مزار ۽ پوءِ ميل کن اڳيان شاهه فتح محمد جو مقبرو ڏسڻ ۾ آيو. ٺٽي ۽ ٽنڊي محمدخان ضلعن جي وچ ۾ پوليس پوسٽ قائم آهي. تنهن جي ٻاهران بند تي مالوند ماڻهو ٻڪريون ۽ مينهون ويهاري ويٺا هئا. پري کان پليجن جا ٻه ڳوٺ هڪ ”ريل“ ۽ ٻيو صادق پليجو پڪي ۾ يعني بند کان ٻاهر ڏکڻ طرف ڏسڻ ۾ آيا پئي. بند اندر ڪچي ۾ اتر  طرف به ٻه ڳوٺ؛ هڪڙو مير بحرن جو ۽ ٻيو ڪولهين جو به پري کان ڏٺاسين. درياهه جي ٻنهي ڪنڌين تي نه هو ڪو وڻ ٽڻ، نه وري اتي ڪو چوپايو مال چرندي نظر آيو ٿي.
اڳي درياهه جي ٻنهي ڪنڌين تي زبردست قسم جا نهايت گهاٽا ٻيلا نظر جي دنگ تائين ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جيڪي اکين کي ڏاڍي فرحت ڏيندا هئا، اهي ختم ٿي ويا. ٻيلن واري ايراضي يعني ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهو گهر ٺهرائڻ لاءِ هاڻ ڪاٺ ڪراچي ۽ حيدرآباد مان وٺن. مئي ۽ جون ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويندڙ ميربحر، پيئڻ لاءِ پاڻي ڪولرن ۾ پنهنجي گهران کڻي وڃن.
دنيا جي آڳاٽي تاريخ ڏيکاري ٿي ته اڳي بادشاهن ۽ اميرن جو اولاد گهڻو پيدا ٿيندو هو ۽ غريبن ۽ مسڪين ماڻهن کي ٿورا ٻار پيدا ٿيندا هئا. مثلن شاهجهان بادشاهه کي فقط هڪڙي راڻي ممتاز محل مان به چوڏهن ٻار ڄاوا، آخري ٻار جي ويم دوران راڻي پاڻ به مري وئي. سعودي بادشاهن جا ٻار ته چاليهه پنجاهه کان گهٽ ڪو نه هوندا هئا، يورپي بادشاهن جا به جام ٻار هوندا هئا، راڻي وڪٽوريا کي به ڏهه ٻار هئا، پر اڄوڪي دنيا ۾ وري قصو ابتو ٿي ويو آهي. يعني ڪافي ملڪن جي صدرن، وزير اعظمن ۽ بادشاهن کي مس ڪو هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه ٻار ٿين ٿا. مثال طور سابق آمريڪي صدر بل ڪلنٽن فقط هڪ ٻار يعني ڌيءَ چيلسي جو پيءُ آهي. بش جون ٻه ڌيئرون ۽ صدر باراڪ حسين اوباما کي به فقط ٻه ڌيئرون آهن. منهنجي ڌيءَ پرهه هينئر اتر آئرلينڊ جي گادي واري شهر ڊبلن ۾ رهندي آهي. اها چوي ٿي ته؛ ”بابا! آئرلينڊ ۾ گهڻو ڪري ڪيٿولڪ فرقي وارا ڪرستان آهن. سي برٿ ڪنٽرول جي خلاف آهن. تنهن ڪري سندن ٻار جام آهن. هتي ڪن ڪن ماڻهن جا ته يارهن يارهن ۽ ٻارهن ٻارهن ٻار به آهن.“ اسان جي ڳوٺ ۾ غريب مسڪين ماڻهن جا جام ٻار آهن. ٻارهن چوڏهن ته رواجي ڳالهه آهي. هڪ همراهه جا ته ٻاويهه ٻار آهن، سو هاڻ ته سڄو چرخو ئي اونڌو ٿي ويو آهي.
درياهن ۾ پاڻي ڪونهي ۽ ٻيلن ۾ وڻ ناهن. اسان بند مٿان موٽرن جي سواريءَ دوران خوشگوار موڊ مان لطف اندوز ٿيندا اڳيان وڌندا رهياسين. منهنجي ننڍپڻ واري وهيءَ ۾ ٻني کان ملاڪاتيار، پوءِ ٻني کان حيدرآباد وايا ملاڪاتيار هڪڙي بس هلندي هئي، جيڪا وسئين ملوڪ شاهه جي رهاڪو سيد قمبر علي شاهه جي هئي. ان بس جو ڪنڊڪٽر، ڳوٺ بچل گُگي جو جَکُو ميگهواڙ هوندو هو، اهو وڏي عمر وارن حال حيات ماڻهن کي اڄ به ياد آهي. انهيءَ زماني جي مشهور چوڻي ته اَڪَ جي ٽاريءَ تي ۽ قمبر علي شاهه واري لاريءَ تي ڀروسو نه ڪجي. جهونن ماڻهن کي اها ڳالهه به ياد آهي ته جيڪڏهن بس ٻيلي ۾ صادق ڇورئي پليجي جي ڳوٺ جي ويجهي پنڌ تي خراب ٿي پوندي هئي ته صادق پليجو بس جي سمورن مسافرن کي ماني کارائيندو هو، پر افسوس جو مون اها دعوت شيراز واري ماني ڪڏهن به نه کاڌي.
انسان ته مريو وڃي، پر سندس ڪيل چڱايون توڙي مدايون، صدين تائين پيون ڳائجن. قديم عرب دنيا جي مثالي ڪردار جي حامل شخص حاتم طائي سخاوت جي علامت طور ساري جهان ۾ مشهور آهي. اڄ صادق ڇورئي پليجي جي ڳوٺ وٽان لنگهياسين ته ساڻس وابسته ڳالهيون ياد آيون. اسان بند مٿان هلندي آس پاس جا نظارا ڏسندي پسندي اچي انهي هنڌ پهتاسين، جتي ڪوريا جي ڪمپني سنڌو درياهه تي دروازن کان سواءِ پل تعمير ڪري رهي آهي.
سنڌو نديءَ تي هن کان اڳ ۾ ٺهيل سمورن بيراجن وارين توڙي غير بيراجي پلن جي ڀيٽ ۾ هيءَ جهرڪن ويجهو ٺهندڙ پل ڊيگهه ۾ سڀني پلين کان ننڍي آهي، يعني اها ۱.۲ ڪلوميٽر ڊگهي ٿيندي. هيءَ پل حيدرآباد-ڪراچي نيشنل هاءِ وي تي جهرڪ شهر کان ٻه ميل کن ڏکڻ اولهه طرف پري جمارين جي ڳوٺ وٽان، درياهه تي ٺهي پئي. پل جي حقيقي ڊيگهه ٻارهن سئو ميٽرن ۾، ان جي ٻنهي ڇيڙن وٽ هڪ هڪ سئو ميٽر اضافي ڀرائي ڪري، ان کي ڪل چوڏهن سئو ميٽر ڊيگهه واري پل ڪري تيار ڪيو ويندو. هن پل کي نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍڻ لاءِ ۲.۵ ڪلوميٽر ۽ ٽنڊو محمد خان، سجاول روڊ سان ڳنڍڻ لاءِ ۲۲.۵ ڪلوميٽر ٻه طرفو عاليشان موٽر وي تعمير ڪيو ويندو. موٽر وي جي تعمير جو ٺيڪو پل جي تعمير جي ٺيڪي کان الڳ آهي. هن تعميراتي منصوبي جا ٻه ڀاڱا آهن؛ هڪ ۾ پل جي اڏاوت ۽ موٽر وي جي تعمير ٿيندي. تعميرات جي ٻئي ڀاڱي موجب، جهرڪ پل وارو موٽر وي ماتلي ۽ پوءِ اتان کان چمبڙ شگر ملز تائين. (چمبڙ شگر ملز جو پهرين بچاڻي شگر ملز نالو هو) اهي ٻئي کنڊ جا ڪارخانا هڪ ئي مالڪ جا آهن. انهيءَ رستي ٺهڻ کان پوءِ هڪ ئي ڏينهن ۾ سڀني لاڙ وارين شگر ملن ۽ ٺٽي جي سيمنٽ فيڪٽري وٽان چڪر لڳائي سوير واپس گهر ڪراچي پهچي وڃبو.
اسان گاڏين مان لهي، هيٺ اڏامندڙ واريءَ تان پنڌ ئي پنڌ هلندا اچي اتي بيٺاسين، جتي درياهه جي پيٽ ۾ پل جا لوهي پلر لڳائي ڇڏيا هئائون. ڏکڻ طرف کان اٺ پلر لڳل هئا، جي ڪجهه سڪي زمين ۾ ۽ ڪجهه پاڻي ۾ لڳل هئا. جهرڪن واري اترئين پاسي کان ڪيترا ٿنڀا لڳل هئا، اها خبر ڪا نه ٿي پئي. ڇو ته پلر اڃا مڪمل ٿي اڀا ڪو نه ٿيا هئا. درياهه جي بچاءَ بند کان ٻاهر ڏکڻ طرف ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جي وڏي ڪيمپ لڳل آهي. جنهن ۾ پل ٺاهڻ لاءِ گهربل سامان پيل آهي، جنهن ۾ وڏي هيوي مشينري به شامل آهي. لوهه جا ٺهيل پلر ڪافي تعداد ۾ درياهه جي ڪپ تي، درياهه ۾ پاڻي چڙهڻ سبب، ڪم بند هئڻ ڪري ائين ڇڙ وڇڙ پيا هئا. درياهه ۾ پاڻي تمام تيزيءَ سان چڙهي رهيو هو ۽ موسم به مڪمل جهڙالي هئي.

شام جو پهر هو. هن طرف، درياهه جي ساڄي ڪپ تي جهرڪ، منهنجي پرينءَ جو شهر، مونکي ڪي پنهنجون ڳالهيون ياد ڏياري، پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. جهرڪن جا ڪجهه بجليءَ جا ٿنڀا ۽ موبائيل فون ڪمپنين جا چار پوسٽر صاف نظر پئي آيا. درياهه ۾ هلندڙ هوڙن ۽ بتيلن جا سڙهه ڏاڍا خوبصورت هئا ۽ ماحول کي وڌيڪ رومانوي ڪري رهيا هئا. درياهه ۾ پاڻي تيزي سان چڙهندي هيٺانهان پٽ ٻوڙي رهيو هو. ڪپ جي ويجهو پاڻيءَ جي وچ ۾ واريءَ جي هڪڙي وڏي ڊٻ تي چڙهي، ماحول مان لطف اندوز ٿيندا، اسان ڪافي فوٽو ڪڍيا. انهيءَ ڊٻ ۾ ٿوري دير ۾ پاڻي چڙهڻ سبب ڏار پوڻ لڳا ۽ جڏهن ڊٻ جي وچ ۾ وڏو ڏار پوندي ڏٺوسين ته ڊٻ تان ڊوڙندا لٿاسين. ڊوڙڻ دوران هڪ هنڌ منهنجي سڄي ٽنگ گوڏي سوڌي واري ۾ گهڙي وئي. پر ترت ڇڪي ڪڍيم ۽ اسين تڪڙا تڪڙا انهيءَ ڊٻ تان لهي، جڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر ٿي بيٺاسين ته ٿوري ئي دير اندر ڏسندي ڏسندي اها ڊٻ مومل جي ماڙيءَ وانگر سڄي پاڻي ۾ ٻڏي وئي. ڄڻ ته اتي اڳي ڪا شيءِ ڪا نه هئي. ان سڄي ايراضيءَ ۾، چؤطرف رڳو پاڻي ئي پاڻي ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment