چنڊ
ٻيڙيءَ مان
خالد ٻانڀڻ
جيتوڻيڪ اها چنڊ جي ۱۵
هين تاريخ هئي پر سنڌوءَ جي سير ۽ ٻيڙيءَ مان چنڊ ڄڻ ۱۴ تاريخ جو لڳي رهيو هو. ها سومر واري رات جو ۹ وڳي دوستن جو هڪ قافلو سهڻي دوست لالا اسد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ جند پير
وٽان ٻيڙي ۾ چڙهي ڪچي ڏانهن سير لاءِ نڪتو هو. سچ پڇو ته پوئتي رهجي ويندڙ
لئنسڊائون پل، سکر جون بتيون پاڻي تي پوندڙ ان جا عڪس ڪنهن خواب وانگر لڳي رهيا
هئا. ها پر ٻيڙيءَ جي موٽر سڄي ماحول جي ماٺار ۾ ڄڻ خلل وجهي رهي هئي. ٻيڙي جڏهن
جند-پير-وارو-پتڻ ڇڏي، پاڻيءَ جي ابتي وهڪري سان گڏ، الف ڪچو ڏانهن پنهنجو سفر
شروع ڪيو ته چنڊ به ٻيڙيءَ مٿان اچي بيٺو هو. ايئن لڳي رهيو هو ته هو به اسان سان
گڏ ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪرڻ ٿو چاهي!
درياهي وهڪرا، خاص ڪري منهنجي لاءِ، اڻ سونهان پاڻيءَ مٿان پيچرا، ڄڻ
ڪنهن حسين وادي ڏانهن وٺي ٿي ويا. ڄڻ ڇا واقعي به ان لاءِ درياءَ جو چانڊوڪيءَ ۾
سير ڪري محسوس ڪيو هو ته اسان هروڀرو هيڏانهن جو هوڏانهن خرچ ڪري ڀٽڪندا پيا وتون.
اهي من موهيندڙ منظر/ دلڪش نظارا جيڪي اسان ڪڏهن نيلم وادي ڪڏهن مري ڪالام ڏسڻ
لاءِ ٿا وڃون، اهي سڀ سکر وٽان گذرندڙ سنڌوءَ جي جوڀن وارن ڏهاڙي ۾ موجود آهن. ها
عيد جا ٽي ڏهاڙا گوشت جي بوءِ/ گندگي جتي سڄي شهر جي روڊن، گهٽين، گندگي ڍيرن کي
لهو لهان ڪري ڇڏيو هو. ان مان جان ڇڏرائي اسان سمورن ڄڻ سک جو ساه کنيو هو ته اتي
وري چنڊ کي ڪوزي ۾ قيد ڪرڻ لاءِ لالا شهباز جي موبائل مان ڪئميرا جي اک هن لمحي کي
جهپي ورتو هو.
ٻيڙي رات جي سانت سان گڏ پاڻيءَ کي چيريندي اڳتي وڌي رهي هئي. سمورا
دوست، جنهن ۾ لالا اسد پٺاڻ، علي محمد شر، جلال ڀيو، ڀائو عزيز مهر، پرڪاش، ڪامران
شيخ، اسلم دايو، امداد بوزدار، زمان باجوا ۽ ٻيا. جيڪڏهن مان نالا وساريان ٿو ته
معاف ڪجو. سڀ جا سڀ، ڪچي جي رات واري جواني کي ڀاڪرن ۾ ڀري، ايڏو سڪون سرور محسوس
ڪري رهيا هئاسون، جيترو متارن موکي جي مٽن مان محسوس ڪيو هو. هي گهڙيون ۽ لمحا،
زندگيءَ جو ڄڻ يادگار حصو بڻجي ويا هئا. ڪافي دير تائين، ٻيڙيءَ جو سفر ڪرڻ
کانپوءِ پري کان اسان کي لائيٽون لڳڻ لڳيون. محسوس ٿيو ته اها اسان جي منزل آهي پر
دل چئي پئي ته سڄي رات ٻيڙيءَ ۾ سنڌوءَ جو سير ڪندي گذري وڃي ۽ ٻيڙي هڪڙي ٻيٽ وٽ
بند جي ڪپر سان اچي همڪنار ٿي. ڪچي جي روايتي مهمان نوازي جو مظاهرو ڪندي وڏي
شهپرن، اجرڪ ٽوپين ۽ ڪلهي ۾ پيل حفاظت لاءِ هٿيارن سان اسان جي دوست آجيان ڪئي. وچ
درياءَ جي هڪ ڀيڙ تي کٽن جي چوڪڙي مٿان ڀليون چادريون وڇايل ڀرت ڀريل وهاڻن وارين
کٽن تي اچي ويهاريو ويو. سچي پڇو ته مان سالن کان اهڙي قربائتي مهمان نوازي لاءِ
آتو ويٺو هئس. ايڏو ته لطف آيو ڄڻ سالن جا ٿڪ لهي ويا هجن. سنڌو درياءَ ۾ هينئر
پاڻي به اوج تي آهي. هونئن درياءَ جون ماٿريون پاڻي جي وهڪرن ۾ پلجندڙ آبي توڙي
جهنگلي جيوت اسان جي دنيا جي سونهن ۽ سڃاڻپ جو اهڃاڻ آهن. ٻيو ته ڇڏيو هتان ڪچي جي
رهواسين جي زندگي ۽ روزگار به ته مڇي ۽ ٻين ٻيلائي شين سان جياپو آهي. دنيا ۾ ۲۶۱ دريائن جا جيڪي طاس معاهدا ٿيل آهن، مان چاهيان ٿو دنيا سطح تي
پابند ڪندڙ پاڻي جا قانون ٺاهيا وڃن ته ڪير ڪنهن جو درياءُ يا ان جو پاڻي چورائي
نه سگهي ته جيئن اهڙيون خوبصورتيون ۽ درياهن جون رونقون بحال رهن. ڇو ته جيڪي
درياءَ جن شهرن جي ڀرسان گذرن ٿا، اهي ڄڻ ان شهر کي زندگي بخشين ٿا. شهر جي ويجهو
دريائي وهڪرا، ماحول کي سنواري سينگاري رکن ٿا. اسان کي دونهين جي دز ۽ آلودگيءَ
جي لعنت کان بچائن ٿا. پاڻ جڏهن شهر ڇڏي، ٻهراڙيءَ جي کليل فضا ۾ ساهه کڻندا آهيون
تڏهن پاڻ کي هلڪو هلڪو محسوس ڪندي، هوا ۾ ڦوڪڻي وانگر اڏامندا رهندا آهيون. شايد
رات جا ۲ ٿي ويا هئا. جڏهن اتان ڪچهري ڪري واپس ٿيا هئاسون
ته تڏهن درياءُ اڃا وڌيڪ سهڻو لڳي رهيو هو.
ايئن هي محبتن ۽ تارن ڀري رات واپس سکر پهچڻ تي پڄاڻي تي پهتي ضرور
هئي. پر ان گهڙين جا ڪجھ چٽا ڪجھ ڌنڌلا عڪس اڃا به دل ۽ ذهن مٿان، گلاب جي گل
وانگر جهومي رهيا آهن. بس يادون رهجي وينديون آهن ۽ وقت جا گهوڙا پنهنجي مقرر محور
۾ ڊوڙندا ئي رهندا آهن. ايئن زندگي جون تيز ڊوڙون اسان کي الاءِ ڪٿان جو ڪٿي پڄائي
ڇڏينديون آهن.
No comments:
Post a Comment