Monday, November 03, 2014

پنجاب مان پ پ جي تڏا ويڙهه ۽ اتان جي نوجوانن جي سوچ - عبدالله مورائي

پنجاب مان پ پ جي تڏا ويڙهه ۽ اتان جي نوجوانن جي سوچ
 عبدالله مورائي
يورپ ۾ رهندڙ پنجاب جو پڙهيل لکيل نوجوان طبقو پنجاب مان پي پي پي جي تڏا ويڙهه مان خوش ناهي، ڪجهه دوستن سان ڳالهه ٻولهه دوران اندازو ٿيو ته پنجاب جا ماڻهو ڪيترو اڳتي نڪري ويا آهن، سندن مؤقف آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آئي يا ٻين ننڍين وڏين سياسي پارٽين سان گڏوگڏ پي پي پي جو پنجاب ۾ هئڻ ان لاءِ ضروري آهي ته جيتريون گهڻيون پارٽيون هونديون اوتري ڪامپيٽيشن وڌندي ۽ جڏهن ڪامپيٽيشن هوندي ته وقت جي حڪومت کي بهتر کان بهتر ڊليور ڪرڻو پوندو ۽ ان ۾ اڃا پنجاب وڌيڪ ترقي ڪندو. پنجاب جا ماڻهو هاڻي هڪ هٽي هلڻ جي حق ۾ بنهه ناهن. لڳي ائين ٿو ته اڃا اتي ڪامپيٽيشن وڌندو ۽ ماڻهن جون زندگيون آسان ٿينديون. خيبر پختونخواهه جي دوستن کان جڏهن پي ٽي آئي جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي باري ۾ راءِ وٺندو آهيان ته خبر پوي ٿي ته اتي ڪافي حد تائين ڪرپشن کي ٻنجو اچي ويو آهي. پاڻ وٽ سنڌ ۾ به ان شيءِ جي سخت ضرورت آهي ته پي پي پي جا ڪامپيٽيٽرس موجود هجن، نه ته سنڌ جو مثال ائين هوندو جيئن هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ اڪيلو دڪان، جنهن جي مالڪ کي جيئن وڻي تيئن ڪري ۽ جيڪو اگهه مقرر ڪري سو ڏيڻو پوي. جيڪو اگهه هاڻي اسان پي پي پي جي دڪانداري کي ڏيون پيا ۽ اهو ڪنهن کان به لڪل ناهي.


هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي ٻيا ڪامپيٽيٽرس ڪيئن ۽ ڪٿان اچن؟ يورپ جي گھڻن ملڪن ۾ اها آزادي آهي ته ڪو به ماڻهو اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو، اهو ڀلي سرڪاري ملازم ئي ڇو نه هجي. سئيڊن جو نئون چونڊيل وزير اعظم اسٽيفن جيڪو پهريان ويلڊر هيو ۽ پوءِ هتان جي ٽريڊ يونين ۾ ايڪٽو ٿي ويو، ٽريڊ يونين معنى ڪنهن به اداري جي يونين جا ملازم جيڪي پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪن، جيئن پاڻ وٽ استادن جون تنظيمون يا فيڪٽرين جي مزدورن جون تنظيمون، اهڙا کوڙ مثال هوندا جيڪي ڏئي سگهجن ٿا. پاڻ ووٽ به انهيءَ شيءِ جي ضرورت آهي ته سرڪاري ملازمن يا ٽريڊ يونين جي ماڻهن کي اڳتي آندو وڃي. پاڻ وٽ هن وقت رڳو هڪڙي ئي ميرٽ پئي هلي ته هجي ڀلي اڻپڙهيل پر زمين ڪيتري اٿس ۽ گاڏي ڪهڙي ماڊل جي اٿس، باقي ٻي ڀلي اوندهه هجي. پاڻ وٽ  هٿ وٺي پڙهيل لکيل ماڻهن کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي ته جيئن اهي اڳتي نه اچي سگهن. سنڌ جي عوام کي، حڪمرانن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪرڻ گهرجي ته هو ٽريڊ يونين جي ماڻهن ۽ سرڪاري ملازم کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو بل پاس ڪن. ان سان گڏوگڏ هر شهر ۾ شهري اتحاد قائم ڪرڻ ۽ ان جو اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي پڻ سخت ضرورت آهي. ان شهري اتحاد ۾ هر طبقي جي ماڻهن جي موجودگي ۽ مٿان وري هر شهري اتحاد جو وري ٻين شهرن جي اتحادن سان رابطو هڪ هٽي کي ڪافي حد تائين ٻنجو ڏئي سگهندو. اهي ننڍيون ننڍيون شيون وڏين شين کي جنم ڏينديون. ٿي سگهي ٿو انهن ننڍن ننڍن اتحادن مان پاڻ کي ڪو وڏو ليڊر ملي وڃي. باقي امر جليل صاحب جي ڳالهه وانگر ته اڀيشڪ بچن ڪڏهن به اميتاب بچن نه ٿي سگهندو.
فيس بوڪ يا سوشل ميڊيا به گهڻن کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن جي چمچاگيري ڪرڻ جا پئمانا هتي به سائين زور آهن. هڪڙو آهي اڌ پڙهيل وڪيل، ويٺو ته رڳو پنهنجي دڪان تي هوندو هو، اوچتو خبر پئي ته ڀائو جي ايل ايل بي به ٿيل آهي، اها ايل ايل بي ڪيئن ٿي، ڪا خبر ناهي. همراهه ڪڏهن ڪهڙي پارٽي ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي ۾، هر وقت مفادن  جي ڳولا ۾. هاڻي وري پيپل پالٽي (پيپلز پارٽي) جوائن ڪئي اٿس. مون کي هڪ دفعي مئسيج ٿو ڪري ته، لڳي ٿو گهڻو پڙهي ويا آهيو ۽ پنهنجي اوقات ۾ ناهيو رهيا، سو سائين اڌ پڙهيل وڪيل صاحب، شڪر الحمد لله جيڪو آئون پڙهيو آهيان ان مون کي ايترو عقل ضرور ڏنو آهي ته آئون پنهنجن ذاتي مفادن جي ڪري ڪنهن وڏيري  جي پويان لور لور نه ڪيان. علم ايترو ضروري آهي ته ماڻهو کي اخلاقي جرئت هجي ۽ ظالم حڪمرانن ۽ نااهل حڪومتن جي خلاف آواز اٿارڻ جو حوصلو، نه ڪي انهن جي اڳيان پويان ڪارا ڪوٽ پائي پاڻ وڻائڻ. کوهه جا ڏيڏر کوهه جا ڏيڏر ئي رهندا، انهن کي ڪهڙي خبر ته کوهه کان ٻاهر جي دنيا ڪهڙي آهي. ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا.
 ماڻهو جڏهن ٻاهر نڪري ٿو، دنيا کي ڏسي ٿو ته خبر پوي ٿي ته پاڻ سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون، ٻاهرين دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ رهڻ کانپوءِ انهن ملڪن ۾ اسان جهڙن کوڙ ماڻهن کي اهو موقعو ملي ٿو ته اسان سنڌ جو موازنو انهن ملڪن سان ڪري سگهون. دنيا جا ترقي يافته ملڪ ته ڇڏيو، اسان رڳو پنجاب جيتري ترقي ڪري وڃون ته اسان کٽيو. اها خبر وري گهوٽڪي وارن کان پڇو، جيڪي، سکر جي بدران رحيم يار خان وڃڻ کي ترجيح ڏين ٿا. بدترين غلامي جو هڪ قسم اهو آهي جڏهن غلام کي اها خبر ۽ احساس ئي نه هجي ته هو غلام آهي، سنڌ سان هاڻي اها صورتحال آهي، اسان ذهني غلامي جي ور چڙهي چڪا آهيون.
ڪجهه دوستن جو چوڻ آهي ته توهان پنهنجي علائقي جي ايم اين اي خلاف نٿا لکو. ته سائين منهنجا هتي ڳالهه سنڌ جي ٿي هلي، فڪر سڄي سنڌ جو آهي. سنڌ کي جيڪڏهن ڪمون شهيد کان وٺي، هيٺ گهوڙا ٻاري تائين ڏسون ته ڪو خاص فرق نظر نه ايندو. اسان جي علائقي جو ايم اين اي غلام مرتضى جتوئي ٻڌو آ ته اسيمبلي ۾ ٺپ ناهي ڳالهائيندو ۽ سندس تڪ جي ترقي لاءِ آيل پيسا به ليپس ٿي ويا، پهرين ڳالهه ته اهي ترقي جي نالي تي پيسا ايم اين ايز يا ايم پي ايز کي ڏيڻ ئي نه گهرجن، ترقياتي ڪم ڪرائڻ ادارن جو ڪم هجڻ گهرجي، ٻي ڳالهه ته آيل پيسا جيڪڏهن واپس ٿا ٿين ته اها ڪرپشن نه پر نااهلي آهي، ٽين ڳالهه ته نااهل ۽ ڪرپٽ ماڻهو اسان سڀني لاءِ نقصانڪار آهن، پوءِ ڀلي انهن جو ڪهڙي به پارٽي سان واسطو هجي. باقي ڪم ڪرڻ وارا ته هر هنڌ آهن، جيڪي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. جيئن ميڪس ميمڻ آهي، هر وقت ماڻهن کي ڪئناڊا مان گائيڊ پيو ڪري، بغير ڪنهن تفاوت، نه ذات پات جي پابندي، نڪو ئي ڪو امير ۽ غريب جو چڪر. سنڌ ۾ به نوجوان ڪم ڪن پيا، جيئن علي حسن  ملاح جنهن سنڌي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ سکڻ جو سافٽ ويئر ڊويلپ ڪيو آهي، جيڪو سنڌ کان ٻاهر رهڻ وارن سنڌين جي اولاد لاءِ وڏو ڪارگر ثابت ٿيندو.

 ڪامريڊ قادر جتوئي سان هتي اسٽاڪهولم ۾ اڪثر ملاقات ٿيندي آهي، آءٌ سائين کي زور ڀريندو آهيان ته پنهنجي زندگي جي باري ۾ لکو، اوهان وٽ لکڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه آهي جيڪي سنڌي پڙهڻ چاهيندا. مون سوچيو جيستائين جتوئي صاحب  پاڻ لکن، تيستائين آءٌ ڪجهه قصا پاڻ قلم بند ڪيان، بقول جتوئي صاحب جي ته جڏهن اسان افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ جلاوطني وارن ڏينهن ۾ رهيل هئاسون ته هڪ دفعي اچي بس ۾ چڙهياسين، چيائين مون کي ته سيٽ ملي پر منهنجي ڀاڳناڙي بلوچستان جي دوست مختيار ڇلگري (جنهن جي گهرواري هاڻي بلوچستان اسيمبلي ۾ ميمبر پڻ آهي) کي سيٽ نه ملي، ڀر واري سيٽ تي هڪ ننڍي ڇوڪري ويٺل هئي جنهن ڏٺو ته هي ٻئي گڏ آهن ته ڇوڪري اٿي منهنجي دوست کي سيٽ ڏني، چيائين جيئن ئي ڇوڪريءَ سيٽ ڏني اتي ڀر ۾ ويٺل سندس ڀاءُ نج شڪارپوري انداز ۾ رڙ ڪري چيس ته ڏنئي پڻهين کي سيٽ، جيئن ئي اسان اهو ٻڌو ته اسان کان کل نڪري وئي ۽ ڇوڪرو به ٿورو شڪي ٿيو، پوءِ ٻڌايائون ته اڳلي اسٽاپ تي اسان جي ماءُ اسان کي وٺڻ ايندي، چيائين اسان کي به اتي لهڻو هيو، سو سڀئي گڏجي اڳلي اسٽاپ تي لٿاسين، جتي انهن ٻارن جي ماءُ بيٺي هئي. ٻارن ڊوڙي وڃي ٻڌايس ته هي ٻه همراهه به سنڌي آهن ۽ اسان کي بس ۾ مليا آهن. چيائين اسان کي زوري گهر وٺي هليا ۽ ماني ٽڪي کارايائون. مائي جو مڙس ته شايد ڪم تي ويل هو، باقي سندس والد سان دعا سلام ٿي. پوءِ ڪچهري دؤران خبر پئي ته انهن جا وڏا اوڻيهه سئو ويهن ۾ شڪارپور کان هتي ڪابل ۾ ڪاروبار جي سلسلي ۾ لڏي آيا هئا ۽ هتي ئي رهجي ويا.

No comments:

Post a Comment