Monday, November 03, 2014

اڄ گانڌي آشرم ڏسڻ ضرور هلنداسين - موھن مدھوش

اڄ گانڌي آشرم ڏسڻ ضرور هلنداسين
موھن مدھوش
مهاتما گانڌي سائوٿ آفريڪا کان موٽڻ بعد پهريون آشرم ۱۵ مئي ۱۹۱۵ع تي احمدآباد جي ڪوچرب علائقي ۾ کوليو هو. جيڪو ۱۷ جون ۱۹۱۷ تي سابرمتي نديءَ جي ڀر ۾ کليل ميدان جي ٽڪري تي منتقل ڪيو ويو. آشرم کي منتقل ڪرڻ جا ڪيترائي سبب هئا. مهاتما گانڌي چاهيو پئي ته مال متاءُ جي پالنا، ڳئون جي افزائش، ڪپڙو (کاڌي) اُڻڻ ۽ اُن سان لاڳاپيل سرگرمين جي جوڙجڪ کي تجرباتي دؤر مان گذارجن، ان لاءِ هُو اهڙي قسم جي زمين جي ڳولا ۾ هو. اصل ۾ اهو ميدان ڊاڍيچي رشي جو آشرم هو. جيئن ته مهاتما گانڌي جو خيال هو ته ستياگرهه تحريڪ لاءِ اها زمين جيل ۽ مساڻ کان هميشه ٻئي هنڌ هئڻ گهرجي. سابرمتي آشرم جنهن کي هريجن آشرم به چيو ويندو هو، جيڪو مهاتما گانڌيءَ جو ۱۹۱۷ کان ۱۹۳۰ تائين گهر به رهيو. اُن وقت اهو آشرم آزادي جي تحريڪ جي مُک مرڪزن مان هڪ هو، جنهن کي ستياگرهه آشرم به چيو ويندو آهي، جتان آزاديءَ جي تحريڪ جي شديد ردعمل جي صورت ۾ آزادي ماڻي. سابرمتي، آشرم جي ڀر ۾ وهندڙ نديءَ طور نالو ڏنو ويو، جيڪو ٻنهي تحريڪن جي سڃاڻپ ٿي پئي آهي.


اڄڪلهه هي آشرم اُتساهه ۽ رهنمائيءَ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. دنيا ۾ ساڳئي نموني آزاديءَ لاءِ جيڪي وڙهيا ۽ ڪوششون ورتيون، اُنهن لاءِ مهاتما گانڌي جي زندگيءَ جو مقصد ۽ قرارداد، هڪ يادگار مشعل راهه آهي.
گانڌي آشرم جي ڪمن ۾ ڪيتريون ئي سرگرميون شامل آهن، جيڪي مهاتما گانڌي جي تاريخ ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جي سنڀال ڪن ٿيون. گانڌي جي فلسفي، ان جي اهميت ۽ گانڌي جي تعليم کي پڻ اڳتي وڌائين ٿيون جهڙوڪ:
گانڌيءَ جا ليک، فوٽوگراف، آواز جا رڪارڊ، فلم ۽ ذاتي پائڻ جا ڪپڙا وغيره.
مائيڪرو فلمنگ، ليمينيشن ۽ negative جي سنڀال
گانڌي جي زندگي، ادب ۽ هُن جي سرگرمين تي نمائش لڳائڻ
مهاديو ٻاڻي جي اشاعت، جيڪا سڄي آزاديءَ جي تحريڪ جو اهم حصو آهي
آشرم ٽرسٽ پاران آشرم ۽ ان جي اِردگرد روزانه صفائي، ميوزيم جي مرمت، سياحن ۽ اتي گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي گانڌي بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ فنڊ رکڻ
ماڻهن جي لاڀ واسطي گانڌي جي نقطه نظر، گانڌي جي سرگرمين، ان تي ڄاڻ، ريسرچ ۽ ادب جي نتيجي کي ڇاپڻ بابت آگاهي ڏيڻ
گانڌي جي زندگيءَ سان لاڳاپيل اهم موقعن جو اخلاقي مشاهدو ڪرڻ
گانڌيءَ جي فڪر کي پڙهڻ لاءِ نوجوانن ۽ شاگردن سان رابطو رکڻ ۽ انهن کي سهوليت ڏيڻ
اهو ته ٿيو گانڌي آشرم جو مختصر تعارف جيڪو مون ڪنهن بروشر تان پڙهيو هو.
اڄ موهن بچو ڀائي چوڻ لڳو، ”اڄ گانڌي آشرم ضرور هلنداسين.“
مون کيس چيو، ”ها ڀلي، اها ته گهمڻ جهڙي جڳهه هوندي، منهنجو والد به اڪثر ان آشرم جي ڳالهه ڪندو رهندو هو.“
اُتي مون کي هڪڙي ڳالهه ياد اچي وئي، اها هئي مرحوم غلام محمد جنجهيءَ بابت. ضلعي ٿرپارڪر جي علائقي وڪڙيي کان تعلق رکندڙ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ پروفيسر نور احمد جنجهيءَ به هڪڙي ڏينهن مونکي ڳالهين دوران ٻڌايو هو ته، ”منهنجو والد صاحب مرحوم غلام محمد جنجهي احمدآباد جي ڀر ۾ ’ڍولڪا‘ علائقي ۾ هندي ۽ گجراتيءَ جي تعليم حاصل ڪئي هئي.“
اهڙي قسم جون ڳالهيون منهنجي من ۾ اڳ ئي موجود هيون. هاڻ منهنجو من آشرم ڏسڻ لاءِ آتل هو، سو موهن بچو ڀائي کي چيم، ”اتي ته ضرور هلبو!“
موهن بچو ڀائي چوڻ لڳو، ”پاڻ پنهنجي ويسپا تي ئي هلون ٿا. گهمندا ڦڙندا وري اُن تي ئي واپس اچي وينداسين.“
مون چيو، ”جيئن اوهان کي بهتر لڳي!“
موهن بچو ڀائي پنهنجي ويسپا کي ڪِلڪ ڪري اسٽارٽ ڪئي ۽ ويسپا چُري پئي رستي تي. موهن بچو ڀائي پريمجِي ڪاپڙيءَ کي اڳ ۾ ئي فون ڪري ڇڏيو هو، جيڪو گانڌي آشرم جي ڀرسان واڙيج علائقي ۾ رهندو آهي. هُن به چيو ته، ”آئون به گانڌي آشرم اچان ٿو.“
اسان کي اُتي پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳو هوندو. جيئن ئي سابرمتي ندي ڪراس ڪري چوراهي کان کاٻي طرف مڙياسين ته گانڌي آشرم جو گيٽ اچي ويو، جتي گيٽ مٿان ڪپڙي اُڻڻ وارو چرخو ۽ مهاتما گانڌيءَ جو فوٽو لڳل هو. اڃان گيٽ تي ئي هئاسين ته پري کان پريمجِي ڪاپڙي هٿ لوڏي اُتي هُجڻ جو اشارو ڪيو. هن سان ملي آشرم جي اندر وياسين. سڌو ئي سڌو رستي جي ٻنهي پاسن کان نِمن ۽ سريل جا وڏا وڻ لڳل هئا، جنهن جي ڇانءَ سڄي رستي کي ڍڪي ڇڏيو هو. ڏاڍو صفائي ۽ سٿرائي جو خيال رکيل هو. ساڄي پاسي کان گانڌي جي رهائش، گانڌيءَ جي شيوا ڪندڙن جا گهر ۽ آفيس. اسان سڌو اُنهيءَ هنڌ وياسين جتي گانڌيءَ جو ڪپڙي اڻڻ وارو چرخو رکيل هو. اُتي ڪيترا ئي ماڻهو رش ڪري بيٺل هئا. اڳيان وڌي ڏٺوسين ته آشرم گهمڻ وارن کي لتا ٻين پرڪاش ڀائي جيڪا گانڌي آشرم ۾ گائيڊ طور مقرر ٿيل هئي، اُتي گانڌيءَ بابت ليڪچر ڏيئي رهي هئي ۽ ڳُتيل ماڻهو هُن کي غور سان ٻُڌي رهيا هئا. اُتي وزيٽرز لاءِ هڪ رجسٽر به رکيل هو، جنهن تي آشرم ۽ گانڌيءَ بابت تاثرات لکيا ويندا آهن، سڀئي پنهنجا پنهنجا ويچار لکي رهيا هئا ته مون کان به رهيو نه ٿيو ۽ پنهنجي کيسي مان قلم ڪڍي وڃي رجسٽر جي ويجهو ٿيس. پنهنجي تاثرات جون چند سٽون انگريزيءَ ۾ لکيون ته ڀر ۾ بيٺل پريمجِي ان تاثرات جي هيٺان لفظ ”معرفت“ لکي ڇڏيو. اهو مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هُن اِهو ڇو لکيو! هاڻ وري پريمجِي ڪاپڙي منهنجو تعارف لتاٻين سان ڪرايو. هُن ڏاڍي نهٺائي سان سواگت ڪيو ۽ چئي پئي ته، ”گانڌي جِي جي چرخي کي به هلائي ڏسو.“ مون هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڌاڳو وچڙجي پئي ويو. لتاٻين چرخي جو هئنڊل پنهنجي هٿ ۾ جهليو ۽ مون کي ٻه ٽي ڀيرا چرخو هلائي ڪپڙي اُڻڻ بابت ڄاڻ ڏني. جنهن تي مون هُن جو شڪريو ادا ڪيو. جيئن ته لتاٻين کي گجراتي صاف آئي پئي ۽ هر ڪنهن سان گجراتيءَ ۾ ڳالهائي پئي، مون سان گڏ آيل ٻئي گجراتي صاف ڳالهائي رهيا هئا ته مون پنهنجي ڪچي ڦِڪي گجراتيءَ ۾ چيو، ”ٻئو مجو آيو“ چئي موڪلايو ته لتاٻين به مون کي ’سارس‘ چئي خدا حافظ چيو. ان جي ڀر ۾ ٻئي ڪمري ۾ وياسين جتي مهاتما گانڌي رهندو هو، بلڪل سادو هوادار ڪمرو، مٿان ڪانن جي ڇت ۽ کپريل جون سُرون لڳل. بيڊ روم ۽ ريڊنگ روم کي ڏاڍي مهارت سان خيال رکي سنڀال ڪئي ويئي هئي، اهي ڪمرا ماضيءَ جي تاريخ کي خاموش زبان ۾ بيان ڪري رهيا هئا. اڳيان هلياسين ته شاگردن کي پڙهائڻ جو هڪ وڏو اڱڻ نظر آيو جتي اُنهن کي وڻن هيٺان پڙهايو ويندو هو. اتان واپس مڙياسين ته لڳو لڳ سابرمتي ندي هئي، نديءَ تائين هيٺ لهڻ لاءِ سيمينٽ جون ڏاڪڻون ٺهيل هيون. آئون ڪيتريون ئي ڏاڪڻون هيٺ لهي ويس، بلڪل نديءَ جي ڪناري تائين وڃي پهتس. موهن بچو ڀائي ۽ پريمجِي مٿان کان ئي بيٺي مون کي ڏسي رهيا هئا. ڏاڍو لطف اچي رهيو هو. اها ڏاڍي پُرسڪون جڳهه هئي. ڏاڪڻن تان مٿي چڙهي رهيو هئس ته اچانڪ حيدرآباد سنڌ مان مون وٽ ڊزائيننگ ۽ گرافڪس جو ڪم ڪندڙ نعيم ديسواليءَ جو فون اچي ويو، هُن سان پويان ڪم ڪار بابت ڳالهايو ۽ خبر چار ورتي. پريمجِي ڪاپڙيءَ پريان کان واپس اچڻ مهل چوڻ لڳو ته، ”هيڏانهن ساڄي پاسي هلو، اُتي ڪتاب گهر آهي.“
اسان اُن ڪتاب گهر ڏانهن وڃڻ کان اڳ مهاتما گانڌيءَ تي تحقيق ٿيندڙ ريسرچ سينٽر، ان ۾ گانڌيءَ جون پينٽنگس، جلسن، جلوسن جون تصويرون سڄي ڀت تي لڳل هيون، اهي پينٽنگس اصل ۾ مهاتما گانڌي جي سڄي زندگيءَ کي تصوير ذريعي بيان ڪري رهيون هيون. هڪڙي هنڌ گانڌيءَ جو انگريزيءَ ۾ جملو لکيل هو:
My life is my message.
اڳتي وڌياسين ته بُڪ شاپ جو ڪائونٽر هو، اُتي مهاتما گانڌيءَ جا ۽ هُن تي ڇپيل ڪتاب، Key chains، مختلف بال پين جنهن تي گانڌيءَ جي تصوير لڳل هئي، جتان مون ڪجهه Key chains ۽ هڪڙو ڪتاب خريد ڪيو. اُتي بُوڪ اسٽور تي ويٺل همراهه کي چيم ته، ”مهاتما گانڌيءَ جو سنڌيءَ ۾ ڪو ڪتاب آهي؟“
هُن چيو، ”نه، اهڙو ته ڪوبه ڪونهي.“
کيس چيم، ”ڀلا ’گيتا ٻوڌ‘؟“
هُن چيو، ”نه، اهو به ڪونهي.“
يعني ته سنڌيءَ ۾ ڪو به ڪتاب هُنن وٽ ڪونه هو. تنهن تي مون کيس چيو، ”ڀائي، مون پنهنجي پبليڪيشن پاران گانڌيءَ جو سنڌيءَ ۾ ڪتاب ’گيتا ٻوڌ‘ ۲۰۰۶ ۾ ڇاپيو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو ۱۹۳۰ع ۾ ڇپيو هو، موقعو مليو ته آئون توهان کي ان جي هڪڙي ڪاپي موڪليندس.“
هُن مون کي دلچسپيءَ سان ڏسندي چيو، ”جي ضرور موڪليو، اسان کي خوشي ٿيندي.“
هاڻ اسان وري اڳتي کسڪياسين ته هڪ باغيچو نظر آيو، جنهن ۾ گانڌي جو مجسمو لڳل هو. پهرين سوچيم ته گانڌي جيءَ کي اصلي روپ ۾ ته نه ڏٺو آهي پر هن جي مجسمي ڀرسان ويهي هن سان گڏجڻ جو شرف ته حاصل ڪجي. سو آئون به گانڌيءَ جي چرنن ۾ ويهي رهيس ۽ پريمجِي ڪاپڙي منهنجا جلدي ۾ ٻه ٽي فوٽو ڪڍي ورتا. هاڻ اسان واپس آشرم جي وچئين رستي تان سڌو آشرم کان ٻاهر نڪري آياسين. موهن بچو ڀائي چوڻ لڳو، ”ڀرسان ئي مهاتما گانڌي جنهن پل تان مارچ شروع ڪيو هو، اها هلي ڏسون ٿا.“
ان پل تي پهتاسين ته اهو منظر به خاموشيءَ وارو انقلاب ڀاسجي رهيو هو. اتي ئي ڀر ۾ آبادي هئي جيڪي گانڌي جا پيروڪار هئا يا ستياگرهه تحريڪ جا پونئير هئا. اُتي هڪ وڏو قديم مندر به نظر آيو، جتي ٻه گهڙيون ويهي ساهي پٽيسين. ڪجهه ئي لمحن ۾ اتان نڪتاسين ته گانڌي آشرم جي گيٽ جي بلڪل سامهون ليمون پاڻي وارو بيٺل هو. پريمجِي ڪاپڙي چوڻ لڳو، ”ليمون پاڻي ڏاڍو سٺو آهي، هلو ته ليمون پاڻي پيون.“
اسان ان گاڏي واري وٽ رکيل بينچ تي ويهي رهياسين ته ڦٽاڦٽ ليمون پاڻي به اچي ويو. ليمون پاڻي ڏاڍو مزيدار لڳو. تيستائين ٻيو گلاس به اچي ويو ۽ مون وٽ هاڻ نه ڪرڻ جي گنجائش ته بلڪل ئي نه هئي. هاڻ پريمجِي کي واڙيج وڃڻو هو، هُن به پنهنجي موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪئي ۽ موڪلائي هليو ويو. آئون ۽ موهن بچو ڀائي ويسپا تي چڙهي ڪٻيرنگر ڏانهن روانا ٿياسين. رستي تي هڪ وڏو سرڪٽ هائوس ۽سردار ولڀ ڀائي پٽيل ميوزيم به نظر آيو، جنهن کي پري کان ڏسندا ڏسندا اڳتي وڌندا رهياسين. ڪئين موٽر سائيڪلون، ڪارون ۽ ٻي ٽريفڪ اکين آڏو اچي وڃي رهي هئي ۽ خبر ئي نه پئي ته اسان ڪٻيرنگر پهچي وياسين.

No comments:

Post a Comment