Monday, November 03, 2014

سنڌي ٽوپيءَ وارو راشي آفيسر ۽ دوزخ جي ٽڪيٽ - عبدالله مورائي

سنڌي ٽوپيءَ وارو راشي آفيسر ۽ دوزخ جي ٽڪيٽ
عبدالله مورائي
سائين چوندا آهن ته؛ ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي. منهنجو ڪراچيءَ ڊفينس وارو فليٽ به گهڻي وقت کان نڌڻڪو هيو، سو هاڻي جڏهن آئون سنڌ ويس ته ان کي وڪڻڻ جو فيصلو ٿيو ۽ موٽ ۾ دوزخ جي ٽڪيٽ به وٺيو آيس. ٿيو ائين جو هڪ پارٽي ڳولهڻ کانپوءِ سودو طئي ٿيو ۽ ڪاغذ پٽ تيار ڪرائي جڏهن ڊفينس واري علائقي جي رجسٽرار وٽ پهتاسين ته ڏاڍي خوشي ٿي. رجسٽرار جيڪو شايد ڪو سکر واري پاسي جو هيو. نرڙ تي سنڌي ٽوپي پايو وڏي رعب سان ويٺو هيو. مون سمجهيو ته سنڌي ٿي ڪري خيال ڪندو پر سائين اٽي جو گهوٻاٽو. اچي ٿا فائيل مان غلطيون ڪڍن، هيءَ به صحيح نه آهي، هو به صحيح ناهي. ساڻس گڏ ٻيا ٻه همراهه هڪ کي عبدالله جي نالي سان پئي سڏيائون ۽ ٻيو ڪو شاهه صاحب هيو، چوڻ لڳا ته هيءُ ڪم نه ٿيندو. بهرحال پوءِ دوزخ جي ٽڪيٽ پنجويهه هزار مقرر ڪيائون جيڪا پوءِ رعايتي اگهه تي ويهن هزارن ۾ ملي. وري ٿي سگهي ٿو دوزخ ۾ ملن. مهرباني ڪري رشوت وٺڻ مهل سنڌي ٽوپيءَ کي لاهي پنهنجي واسڪوٽي ۾ لڪايو ته بهتر، سنڌي ٽوپيءَ جي لڄ رکو.


هتي يورپ ۾ ڪنهن وٽ به جيڪڏهن ٻن چئن ڏينهن لاءِ مهمان ٿي وڃبو آهي ته سڀ کان پهريان توهان جي آرام وارو ڪمرو هلي ڏيکاريندا، ڪاڪوس وغيره به ڏيکاريندا پوءِ چوندا ته توهان ڀلي پنهنجي ڪمري کان ٿورو واقف ٿيو ۽ ايزي (Easy) محسوس ڪيو ۽ پوءِ ڪلاڪ اڌ کانپوءِ چانهه پاڻي پڇندا ۽ گڏوگڏ کاڌي پچائڻ کان پهريان اهو به ضرور پڇندا ته توهان کي ڪنهن شيءِ مان الرجي ته نه آهي ته جيئن ان شيءِ کان پاسو ڪجي. ائين به نه آهي ته هتان جا اڇي چمڙي وارا سڀ جا سڀ شراب جا شوقين هجن يا شراب واپرائين. شراب کي هي گناهه ڪو نه سمجهن پر اهو ضرور ڄاڻن ٿا ته شراب صحت لاءِ هاڃيڪار آهي تنهن کان پاسو ڪن. مختلف قومن ۾ مختلف قسمن جون شيون خراب ۽ سٺيون سمجهيون وڃن ٿيون. هتي يورپ ۾ شراب پيئڻ، ڪنهن سان شادي يا نڪاح کان بغير گڏ رهڻ ۽ ٻار پيدا ڪرڻ، جوا کيڏڻ وغيره کي خراب ڪو نه سمجهن، باقي جيڪڏهن ڪير ٽيڪس چوري ڪري ٿو، ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ڪنهن سان تيز ٿي ڳالهائي يا ڪنهن کي گهورڻ غلط سمجهيو وڃي ٿو. پاڻ وٽ جيڏو وڏو چور، اوڏو وڏو معتبر.
هتي ڪو به آفيسر يا حڪمران اهو تصور به نٿو ڪري سگهي ته هو ڪنهن کي ذاتي ملازم سمجهي ۽ ان سان تيز ٿي ڳالهائي يا کڻي ڪنهن کي چماٽ وهائي ڪڍي. هونئن به چوندا آهن ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي. ارباب رحيم ڪنهن آفيسر کي چماٽون هنيون هيون ته اسيمبلي ايندي کانئس به بدلو ورتو ويو. سجهڻ واري لاءِ سبق ڪافي آهي. هتي ماڻهو قانوني حق رکن ٿا ته جيڪڏهن ڪير به کين اهڙي طريقي سان پيش آيو ته ان کي ڪورٽ ۾ گهرائين ۽ آئينده جي لاءِ اڳلو ماڻهو خيال ڪري. مزي واري ڳالهه ته هتي اهو به منع ٿيل آهي ته جيڪڏهن ڪو دڪان مان ڪا شيءِ چوري ڪري ڀڄي ته ان جي پويان ڀڄڻو نه آهي متان چور تِرڪي پوي ۽ ٽنگ ٻانهن نه ڀڃائي وجهي يا دل جو دورو نه پويس.
توڙي جو هتي ماڻهن وٽ زندگيءَ جون سڀ سهولتون موجود آهن، تڏهن به ماڻهو اڪيلائي جو ڏاڍو شڪار آهن. اولاد جوان ٿيڻ وقت مائٽن جو گهر وڏي شوق سان ڇڏي وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن پوءِ زال ۽ مڙس ۾ طلاق ٿئي ٿي ته ٻنهي جي زندگي عذاب ٿيو پوي. هتي وڏي عمر جي ماڻهن کي رهائڻ جا به خاص انتظام ٿيل آهن، انهن جي کاڌي پيتي، صحت ۽ سوشل زندگي (Social life) جو جوڳو بندوبست ٿيل آهي جتي هو پنهنجي هم عمر ماڻهن سان زندگي گذارين ٿا. يورپ جي ٻن ملڪن اٽلي (Italy) ۽ اسپين (Spain) جا ماڻهو وري پاڻ وانگر ٿين. گهڻي قدر وڏي عمر جي خاندان جي ماڻهن کي پاڻ سان گڏ رکن ۽ انهن سان تمام ويجها رهن.
اٽلي جي شهر ميلان (Milan) ۾ آئون هڪ هفتو پنهنجي دوست گئيڊو (Guido) سان سندس فليٽ تي رهيس. ان هڪ هفتي دوران سائين هڪ ڏينهن همراهه پنهنجي وڏي ڀاءُ فرانڪو (Franco) ۽ سندس زال کي رات جي مانيءَ تي گهرايو ۽ مون سان ملاقات ڪرائي ۽ هڪ ڏينهن ڇڏي وري انهن مون کي سندن فليٽ تي دعوت ڏني ۽ آخري رات وري مون کي اٽلي (Italy) ۽ سئٽزرلينڊ (Switzrland) جي بارڊر واري علائقي ۽ ڪومو ڍنڍ (Como lake) جي ڀرسان ماني کارائڻ لاءِ وٺي هليا ۽ سندن ڀيڻ جي ڌيءَ کي به پاڻ سان گڏ وٺي هليا، اهو علائقو انتهائي دلڪش هيو ۽ بار بار اوڏانهن وڃڻ تي دل چوي ٿي.
هنن ملڪن ۾ پاڻ وانگر زوري ماني ڪو نه کارائين يا زوري چمچو ڀري توهان جي پليٽ ۾ وجهن، کائڻ پيئڻ ۾ شرم ڪو نه ڪن، اهو پختو يقين اٿن ته هر ڪو اوترو کائيندو جنهن کي جيتري گهرج هوندي، باقي زور نه آهي. هڪ دفعي ڪن دوستن سان ماني پئي کاڌي، مان به ٿورو شرم کان ڪم ورتو ۽ ٿوري ماني کائي هٿ ڪڍيم، سائين پوءِ مجال آهي جو وري هو کڻي چون ته وڌيڪ ڪڍي کاءُ، ڏاڍيون مانيءَ جون تعريفون به ڪيم ته متان وري چون پر نه سائين. ها بهرحال ائين ضرور آهي ته ماني واپسيءَ تي جيڪڏهن وڌيڪ آهي يا بچيل آهي ته پوءِ ائين صلاح ڪن ته جيڪڏهن توهان کي کپي ته لنچ باڪس ۾ ضرور کڻي وڃو.
هتي پينا فليڪس (Penaflex) واري چمچاگيري ۽ چاپلوسي ڳولهئي ڪا نه لڀي. پاڻ وٽ ٻين وبائن سان گڏوگڏ اها وبا به تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جنهن علائقي مان گذر ٿئي پينا فليڪس تي لڳل ’ڦوٽن‘ مان اندازو ٿئي ته ڪهڙي سياستدان جي ذاتي اسٽيٽ مان پيا گذرون ۽ اهي سياستدان اسان مٿان ڏند ڪڍيو ۽ چشما پايو چٿرون پيا ڪن. پنجاب جي گورنر چوڌري سرور جڏهن ڏٺو ته چمچا سندس ’ڦوٽو‘ پينا فليڪس تي لڳائي لاهور ۾ هر هنڌ پيا لڳائين ته همراهه غيرت ڪري اهي سڀئي لهرائي ڇڏيا. ڏسون پاڻ وٽ ڪير ٿو ائين ڪري؟ اهو پڪ ڄاڻو ته انهن سياستدانن جا اهي مهانڊا ڪنهن کي به ڪو نه ٿا وڻن.
پاڻ دعويٰ سان چئي سگهون ٿا ته قاسم آباد حيدرآباد وارو علائقو سنڌين جي وڌ ۾ وڌ پڙهيل لکيل ۽ ٻين لفظن ۾ اتي آباد گهڻي قدر ماڻهو سنڌ جي Cream تصور ٿئي ٿي. قاسم آباد مان گذرڻ دوران اکين ۾ روئڻ ته اچي ئي اچي ٿو پر انهن پڙهيل لکيل Cream تي افسوس به ته کين اتي گند جا ڍير، روڊ ڀڳل، نالين ۽ گٽرن جو اٿلڻ کانپوءِ روڊن ۽ رستن ۽ گهٽين ۾ وهڻ نظر نٿو اچي ۽ جيڪڏهن اچي ٿو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا آهن؟ پاڻ چاهيون ته قاسم آباد واري علائقي کي سنڌ جو ماڊل (Model) ٽائون ڪري پيش ڪيون ۽ اتان کانپوءِ بقايا سنڌ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪيون.

هاڻوڪي سنڌ ياترا دوران اهو ڏاڍو محسوس ڪيم ته دوائن جي اسٽورن تي تمام گهڻي رش رهي ٿي. دوائن جو ڪاروبار به لڳي ٿو ڪو وڏي مافيا (Mafia) کان گهٽ نه آهي، نقلي دوائون، پوءِ ماڻهو ويچارا ڪاڏي وڃن. الله تعاليٰ معافي ڏئي باقي ڪم زور آهي. اچو ته پنهنجي وطن کي سڌاريون، سچ پچ ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهڻ ايڏو سولو نه آهي، ماڻهو مجبوريءَ جي ڪري رهن ٿا نه ته پنهنجي وطن جهڙي ڪا ٻي شيءِ ٿي ئي نٿي سگهي.

No comments:

Post a Comment