ملائيشيا جي سيڪنڊ هوم اسڪيم
الطاف شيخ
ڌارين ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾
رهائڻ جي جيڪا ملائيشيا وارن ”سيڪنڊ هوم اسڪيم“ ڪڍي آهي ان بابت منهنجا ڪيترائي
پڙهندڙ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارا پڇندا رهن ٿا. اسان جهڙن ملڪن ۾ هڪ طرف شريف ماڻهو پنهنجي
ملڪ جي امن امان جي حالت خراب هجڻ ڪري ۽ هنن جي زندگي خوف ۽ پريشاني ۾ گذرڻ ڪري، ۽
ٻي طرف ڏوهاري قسم جا ماڻهو خاص ڪري اسانجا رشوت خور ڪامورا جن کي جڏهن گرفتار ٿيڻ
جو خوف ورائي ٿو ته هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهڻ جو سوچين ٿا. ان کان علاوه اهي ماڻهو
پڻ جيڪي ايماندار آهن ۽ هنن محنت ڪري حق حلال جي پورهئي يا ڌنڌي مان پئسو ڪمايو
آهي پر ملڪ جا دهشگرد يا ڀتي خور هنن کي وڌڻ ويجھڻ بدران هنن جي زندگي عذاب ڪن ٿا
۽ ٽي طرف ڪيترا غير مسلم جن سان اسانجي ملڪ ۾ پوليس توڙي عوام باهه ٻاري ڏئي ٿو ته
پوءِ هو نيٺ پنهنجو وطن ڇڏي پرائي ڏيهه وڃڻ جو سوچين ٿا. جيتوڻيڪ بقول ملائيشيا جي
اڳوڻي وزير اعظم جي هر ملڪ جي عوام کي پنهنجن اهڙن ماڻهن جي عزت ڪرڻ کپي جيڪي
پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان بزنيس ۾ وڌي رهيا آهن ڇو جو هنن جي لڳايل ڪارخانن ۽
فئڪٽرين ڪري ٻين کي به روزگار ملي ٿو ۽ سندن ڏنل ٽئڪسن مان ملڪ جا اسڪول ۽
اسپتالون هلن ٿيون روڊ ۽ رستا ٺهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جهڙا ملڪ امير ٿي
رهيا آهن جو اتي سڪون ۽ سهولتن هجڻ ڪري ٽاٽا، گودريج، واديا، امباني، برلا ۽
والچند جهڙيون فئمليون وڃن ڪارخانا ۽ فئڪٽريون وڌائينديون. پارسي، عيسائي، يهودي ۽
سنڌي هندن جهڙا ماڻهو وتن غريب عوام لاءِ مفت جا اسڪول، اسپتالون، پارڪ ۽ رهائشي گهر
ٺهرائيندا ۽ خير خيرات ڪندا. اسان وٽ NED يونيورسٽي، ڏيارام ڄيٺمل (ڊي جي) سائنس ڪاليج، آغا خان
يونيورسٽيون ٺاهڻ وارن پارسين، هندن، بوهرين، آغا خانين، قاديانين ۽ شيعن کي به
ستايو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اسان وٽ جيڪي يهودي ۽ سک رهن ٿا حڪومت کي انهن جو به خيال
رکڻ کپي جو هو به هن ملڪ جا شهري آهن. پر اسان ماڳهين هنن جا عبادت گهر به ڊاهيو
ڇڏيون.
پوءِ اسان وٽ اهڙي گهٽيل ۽ خوف جي
فضا ۾ هر هڪ ماڻهو مجبور ٿي وطن ڇڏڻ جو سوچي ٿو. پر يارو اهو ٻڌايو ته آهي ڪو اهڙو
ملڪ جيڪو اسان پاڪستانين کي رهڻ ڏئي؟ هميشه لاءِ رهڻ ته ڇا پر ڪجهه ڏينهن جي گهمڻ
لاءِ ويزا به هر ملڪ ستائي ستائي پوءِ اسانکي ڏئي ٿو. اهو فقط ان ڪري جو اڄ اسانجو
ملڪ ۽ ان جا ماڻهو بدنام ٿي پيا آهن جن کان ڌاريان ملڪ خوف کائين ٿا ته متان اسان
هنن جي ملڪ ۾ وڃي ڦڏو فساد ڪريون.... ڪنهن پڙهندڙ فون ڪيو ته ”سائين هاڻ منهنجي دل
هن ملڪ ۾ رهڻ تي نٿي چوي. مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته رهڻ لاءِ ڪهڙو ملڪ سٺو ٿيندو؟“
هن جي ڳالهه ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته
هو ڪهڙي سن جي ڳالهه پيو ڪري. ڪو زمانو هو 1967ع تائين جو اسان پاڪستانين کي ايران
يا ترڪي ۾ وڃڻ لاءِ ويزا ته ڇا پاسپورٽ جي به ضرورت نه هئي. اچڻ وڃڻ جي سهولت لاءِ
۽ هوائي جهاز جو ڳرو ڀاڙو بچائڻ لاءِ ڪراچي کان انقرهه (ترڪي) تائين روڊ ٺاهيو ويو
هو جيڪو ايران جي شهرن زاهدان، تهران ۽ تبريز مان ٿيندو انقرهه ۽ استنبول تائين ٿي
ويو ۽ ان روڊ جو نالو RCD روڊ رکيو ويو
هو. ملائيشيا سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ته 1990ع تائين ويزا جي به
ضرورت نه هئي. اهڙي طرح 1981ع تائين جپان وڃڻ لاءِ به ويزا جي ضرورت نه هئي. رڳو
ٽڪيٽ وٺي جهاز ۾ چڙهڻو پوندو هو. بئنڪاڪ، ڪوالالمپور يا ٽوڪيو ايئرپورٽ تي لهڻ سان
ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو پاسپورٽ تي لڳي ويندو هو. پر هاڻ اهو حال آهي جو هر ملڪ
جي ويزا لاءِ جھُد پٽڻا پون ٿا پوءِ ڪو مس مس مهيني جي گهمڻ جي ويزا ملي ٿي. هو ڇا شاهه لطيف سسئي واتان چورايو آهي
ته:
اڳي ائين
هياس، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا،
هاڻ ايئن
ٿياس، جو جَت نه نينم پاڻ سين.
اهو شايد پهرين به لکي چڪو آهيان
ته گذريل سال ڪوالالمپور پهچي ايئرپورٽ کان نڪري رهيو هوس ته ڪسٽم واري مونکي
اشارو ڪري ترسڻ ۽ بئگ چيڪ ڪرائڻ لاءِ چيو. سامان چيڪ ڪري بس ڪيائين ته ٿئنڪ يو چئي
وڃڻ لاءِ اجازت ڏنائين ته مون ملئي زبان ۾ چيس ته ”تون شايد منهنجي ڏاڙهي ڏسي شڪيو
آهين؟“ وراڻيائين ”نه. سائو پاسپورٽ ڏسي.“
ان تي چيومانس ”پاڪستان کي تو
اهڙو سمجھيو آهي ڇا؟ توهانجي ملڪ جي ايئر لائين، شپنگ ۽ ٻيا ڪيترا ادارا اسان
پاڪستانين ٺاهيا. مون پاڻ هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ توهان جي ملڪ ۾ ڏهه سال پڙهايو آهي.
هينئر به توهان جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾
ليڪچر ڏيڻ آيو آهيان.“
ڏک جا آثار هن جي چهري تي صاف
ظاهر ٿيا ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري رازدارانه انداز ۾ چيائين.
”سر! ڇا ڪريون مٿان آرڊر آيل آهن
ته پاڪستاني کڻي ڪو پوڙهو هجي يا عورت ذات. هن جو سامان چڱي طرح چيڪ ڪندا ڪريو.“
دل ۾ مون چيو ته واقعي هن جو ڪهڙو
ڏوهه. اسان جا پوڙها به ڏوهه ڪرڻ کان باز نٿا اچن ۽ حج يا عمري تي ويندڙ عورتون به
چرس پيون سمگل ڪن.
سو جڏهن فون ڪندڙ مونکان پڇيو ته
”ڪهرو ملڪ هن لاءِ سٺو رهندو جِتي هو وڃي رهي.“ ته مون به ٺهه پهه وراڻيس ته ”ادا دنيا جي گولي تي
آهي ڪو ملڪ جيڪو اڄ اسان کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي. بنگلاديش، انڊيا، برما ۽ نيپال جهڙو ڪو
ملڪ به اسان کي سندن ملڪ ۾ گهڙڻ نٿو ڏئي.“
بهرحال ملائيشيا وارن ڌارين کي
پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ڪافي عرصي کان “Second
Home” جي نالي سان هڪ اسڪيم شروع ڪئي آهي. اها
اسڪيم هنن ڪا اسانجي ڀلي يا سِڪَ لاءِ نه ٺاهي آهي ته اسان پاڪستاني اچي رهون پر
پنهنجي فائدي لاءِ ايجاد ڪئي آهي. هونءَ ملئي ماڻهو ڏسڻ ۾ يا هڪ ٻه دفعو ملڻ ۾
لڳندو ته هو ڪي اسان جي ڳوٺاڻن وانگر سادا سودا ۽ گهٽ عقل وارا آهن پر هو، توڙي
سندن حڪومت وڏي گهري سوچ رکي ٿي. هنن لاءِ پنهنجي قوم ۽ پنهنجو ملڪ سڀ ۾ اهم آهي.
هِتي ”قوم“ سان منهنجو مطلب فقط ملئي
مسلمان نه پر ملائيشيا جو هر شهري توڙي کڻي هو چيني هجي يا تامل، سک هجي يا ڪرسچن،
پارسي، ٻڌ.... ڌارئين ملڪ جي مسلمان، عرب توڙي انگريز يا آمريڪن کان به اهم آهي.
هو ڌارئين ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ (يعني شهريت) ته ڇا پي آر (Permanent Residency) يعني هميشه لاءِ رهڻ لاءِ پاس
ڏيندي به ڪيٻائين ٿا. باقي اهو چاهين ٿا ته ٻين ملڪن جا امير ماڻهو سندن ملڪ ۾
ٿوري عرصي لاءِ گهمڻ ضرور اچن جيئن هو ٽوئرسٽ انڊسٽريءَ مان ڪمائي سگهن. اهڙي طرح
هن ”سيڪنڊ هوم اسڪيم“ ۾ به هنن جي ماڻهن ۽ حڪومت جو وڏو فائدو آهي جو هو ان طريقي
ذريعي ٻاهرن جو پئسو پنهنجي ملڪ ۾ ڇڪيو وٺن.
ملائيشيا حڪومت اهو سو ڪم ڪيو آهي
جو سنگاپور ۽ جپان جهڙن ملڪن کي ڏسي ڏسي هنن وانگر پنهنجي ملڪ ۾ ڪافي حد تائين امن
امان ۽ انصاف قائم ڪيو آهي جنهن ڪري هڪ ڌاريون ماڻهو ملائيشيا اچي سڪون محسوس ڪري
ٿو ۽ هن جي دل چوي ٿي ته هِتي رهي پوان. پر ملائيشيا وارن اٽڪل ڪري اهڙو طريقو ڪڍيو
آهي جو فقط امير ماڻهو سندن ملڪ ۾ اچي سگهن ٿا. هنن هيءَ اسڪيم ٺاهي ته يورپ،
آمريڪا ۽ امير عرب ملڪن لاءِ آهي پر ڪو يمن، پاڪستان يا آفريڪا جي ڪنهن ٺڳ ملڪ جو
ماڻهو اچڻ چاهي ته اهو به اچي سگهي ٿو.... بس پئسو سو جام هُجيس.... پوءِ اهو پئسو
هن پنهنجي ملڪ ۾ ڀلي ڌاڙا هڻي ڪمايو هجي يا رشوت ذريعي.
ماڻهو ته سمجھن ٿا ته ملائيشيا
وارا ”سيڪنڊ هوم“ ٿا آفر ڪن.... يعني هڪ گهر توهانجو ملڪ آهي ته ٻيو گهر توهان
ملائيشيا کي سمجھو جنهن لاءِ هو ملائيشيا جو پاسپورٽ ڏيندا هوندا پر ايئن هرگز
ناهي. هو توهان کي نه شناختي ڪارڊ ڏين ٿا ۽ نه وري پاسپورٽ.... بس توهانجي پنهنجي
ملڪ جي پاسپورٽ تي ڏهن سالن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏين ٿا.... يعني توهان ڏهن سالن
لاءِ ملائيشيا ۾ اچي وڃي سگهو ٿا ۽ ملائيشيا ۾ پنهنجو گهر به وٺي سگهو ٿا. پر ايئن
ناهي ته اِهو گهر توهان ڪنهن ڳوٺ يا سمنڊ ڪناري ڏهين ويهين لک جو وٺي سگهو ٿا.
هرگز نه. هر فارينر فقط اهو گهر وٺي سگهي ٿو جنهن جي قيمت پاڪستاني رپين ۾ ڏيڍ ڪروڙ
يا ان کان مٿي هجي. يعني اهو فائدو به ملائيشيا وارن کي ٿيو. هو پنهنجي جھنگلن
وارا علائقا صاف ڪري اتي انهن جون ڪمپنيون فلئٽ ٺاهيو مهانگا وڪڻن ٿيون.ان ڳالهه ۾
به هنن جي ماڻهو جو فائدو ٿئي ٿو ۽ ملائيشيا ۾ رهڻ جو ڌاريون شوقين ڦرجيو وڃي.
گهر/فلئٽ خريد ڪرڻ بعد هو هن ۾ سڄو سال رهي يا نه رهي پر هر سال ميونسپالٽي جو
ٽئڪس هڪ طرف ڏيڻو اٿس ته ٻئي طرف هر مهيني ان فلئٽ جوMaintenance چارجز الڳ ڏيڻيون اٿس جيڪي تمام ڳريون ٿين ٿيون.
ان کان علاوه ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ چوويهه ئي ڪلاڪَ بجلي ۽ پاڻي ته اچي ٿو پر ڇا
ڳريون انهن جون چارجز آهن! اسان وٽ ته سئي گئس ڄڻ مفت ۾ آهي پر ملائيشيا ۾ گئس نه
هجڻ ڪري سلينڊر خريد ڪرڻا پون ٿا جيڪي بيحد مهانگا آهن. ڪو زمانو هو..... 1990ع
تائين به ملائيشيا ۾ کاڌي پيتي جون شيون سستيون هيون. ڪي ڪي شيون خاص ڪري مڪاني
فروٽ: ڪيلا، انناس، رمبوتان، چڪون، شريفا ۽ مڙيئي ڀاڄيون اسان جي ملڪ کان گهڻيون سستيون
هيون پر هاڻ هي ملڪ ماڊرن ڇا ٿيو آهي هر شيءِ جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪري.
اسان جي ڏينهن ۾ نيرن لاءِ ”اڦراٽو“ يا ”ناسي ليما“ (ناريل جي کير ۾ رڌل چانورن جي
پليٽ) 30 سينٽن ۾ ملي ٿي جيڪو اگهه ان وقت اسان جي ٽن رپين برابر هو جو ملئي رنگٽ
اسان جي اٺن نون رپين برابر مس هو. پر هاڻ اهي معمولي شيون به ڏيڍ رنگٽ (ملئي
ڊالر) ۾ ملن ٿيون يعني اسان جي 42 رپين برابر ٿيو جو اسانجو رپيو ايترو ڪري پيو
آهي جو 36 رپين ۾ هڪ رنگٽ ملي ٿو. يعني اسان جي ناڻي جو قدر ڪرڻ ڪري اسان کي ٻاهرن
ملڪن ۾ هر شيءِ مهانگي پوي ٿي. دبئي، سعودي عرب، انگلنڊ ۽ يورپ جهڙن ملڪن ۾ ته
اسان لاءِ هر شيءِ اڃان به مهانگي آهي.
هاڻ اچو ان ڳالهه تي ته ملائيشيا
وارن سيڪنڊ هوم اسڪيم لاءِ ڌارين تي ڪهڙا شرط رکيا آهن. هڪ ته 50 سالن کان وڏي عمر
واري لاءِ ملائيشيا جي بئنڪ ۾ ستر لک رپيا کن فڪس ڊپازٽ ۾ رکڻا آهن جن جو اڌ هڪ
سال بعد ڪڍي سگهي ٿو باقي اڌ بئنڪ ۾ رهندو جيسين هو ويزا ڪئنسل ڪرائي يا 10 سال
پورا ڪري جنهن ملڪ کان آيو هجي اوڏانهن روانو ٿئي. ان کان علاوه هن کي پنهنجي ملڪ
جي بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ سال کان رکيل هڪ ڪروڙ رپين جي statement ڏيکارڻي آهي. ان کان علاوه ٽيون شرط اهو آهي
ته هن جو پنهنجي ملڪ يا ڪنهن ٻئي ۾ ڪو اهڙو ڪاروبار هجي يا ڪو مائٽ مٽ هجي جيڪو هن
کي خرچ پکي لاءِ هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ ٽي لک رپيا ملائيشيا ۾ موڪليندو رهي. ان کان
علاوه ٻيا ڪيترائي ننڍا ننڍا شرط آهن جيئن ته ملائيشيا ۾ سيڪند هوم وٺڻ واري کي
ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ڪو به ڪاروبار يا نوڪري ڪرڻي ناهي. هن جا فقط 18 سالن کان
ننڍا ٻار هن سان گڏ رهي سگهن ٿا.... وغيره وغيره. هاڻ ڏسو ته هر طرف ملائيشيا جي
ڪمائي ۽ ڪمائي آهي ۽ اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو جنهن سڪون لاءِ پنهنجو وطن ڇڏين ٿا
اهو سڪون جي هنن کي پنهنجي ملڪ ۾ مهيا ٿي ملي ته ڇو هو ايڏو خرچ ۽ خواري برداشت ڪري
ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ اچن.
No comments:
Post a Comment