Tuesday, November 04, 2014

ننڍي عمر ۾ ولايت وڃڻ - الطاف شيخ

ننڍي عمر ۾ ولايت وڃڻ
الطاف شيخ
نوڪريءَ جا آخري 25 سال کن مون ماستريءَ ۾ گذاريا جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا شاگردن سان واسطو پيو. ان کان علاوه ڪيترن ملڪن جي نوجوانن جهازن تي توڙي ملائيشيا ۾ منهنجي هٿ هيٺ ڪم ڪيو. ننڍي کنڊ جي نوجوانن کي ٿو ڏسجي ته ان ۾ انڊين شاگرد بيحد محنتي ۽ هوشيار آهن. هنن جي تعليم هيٺين ڪلاسن کان رُخَ ۾ ٿئي ٿي. ممبئي، پوني، دهلي، بنارس ۽ بڙودا جهڙن شهرن جي مختلف اسڪولن توڙي يونيورسٽين ۾ وڃي ڏٺو اٿم ته هو (شاگرد) ڪافي حد تائين Punctual (وقت جا پابند) آهن ۽ پڙهائيءَ کي گهڻو وقت ڏين ٿا. ممبئي يونيورسٽي جي لئبرري ۾ به شامَ جو نائين ڏهين تائين شاگرد ويٺا هوندا. اهڙن موقعن تي پنهنجي سنڌ يونيورسٽي کي ڀيٽي ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم.


سري لنڪا ۽ بنگلاديش جي تعليمي درسگاهن ۽ شاگردن جو حالُ بهتر نظر اچي ٿو. ملائيشيا ۾ انهن ملڪن جا شاگرد جيتوڻيڪ انڊين جهڙا ذهين نه هوندا هئا پر محنت ڪندا رهيا ٿي. سادگي ۾ رهيا ٿي. گهمڻ ڦرڻ تي وقت وڃائڻ بدران شامَ جو به فقط واڪ ڪري وري اچي لئبرري ۾ ڪِتاب پڙهندا. لڳو ٿو هنن کي مائٽن ننڍي هوندي کان محنت جي عادي وڌي آهي ۽ وقت ضايع ڪرڻ کان پرهيز سيکاري آهي.
اسانجو پاڪستاني شاگرد خاص ڪري سنڌ جو ايڏو هوشيار ناهي. پورهئي کان ڪيٻائي ٿو. هيءَ آئون جنرل ڳالهه ڪيان ٿو..... گهڻي ڀاڱي شاگردن جي هو هر وقت شارٽ ڪٽ ۽ سفارشن جي چڪر ۾ رهي ٿو. ڪجهه سالَ ڪراچي جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارتمينٽ جو هيڊ ٿي رهيس. نيول آرڪيٽيڪٽ ۽ شپ ڪنسٽرڪشن جهڙا سبجيڪٽ پاڻ پڙهائيندو هوس. آئون ڏسندو هوس ته ڪلاس روم ۾ يا ماهيانا امتحانن دوران ڪو نه ڪو ڪئڊٽ (شاگرد) سڃاڻپ پيدا ڪرڻ لاءِ اچي چوندو ته سائين آئون به پيٽارو جو آهيان... يا ان ڳوٺ جو آهيان جنهن سان توهانجو واسطو آهي... يا توهان جو فلاڻو دوست منهنجو چاچو/ مامو آهي.
ڪيڏو عجيب ٿو لڳي ته جهاز هلائڻ جهڙي اداري جو يا ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد.... جنهن جي هٿ ۾ ٻين جي زندگي رهي ٿي.... اهو پڙهي پنهنجي پروفيشن ۾ قابل ٿيڻ بدران سفارشون پيو هلائي! اهڙن پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ ڪنهن کي بنا پورهئي جي فائدو رسائڻ..... اهو چاهي پنهنجو ڀائيٽو ڀاڻيجو يا پٽ هجي ان لاءِ ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصان ۽ ويساگهاتي آهي. ائون پهرين شاگرد کي ئي ٽوڪي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو آهيان، جيئن ٻين جي همٿ نه ٿئي. ”پيٽارو جو پڙهيل آهين ته هن وقت ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي“، آئون هميشه اهو چوندو آهيان؛ ”امتحان ۾ اهڙي اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکار جو آئون تنهنجو پڇندو رهان ته هي ڪهڙي ڪاليج کان آيو آهي.... ڪهڙي ڳوٺ جو آهي.... ڪهڙي فئملي مان آهي.“
اسان جي ملڪ جو نوجوان (يعني گهڻي ڀاڱي)، دل لڳائي پڙهڻ يا نوڪري ڪرڻ بدران گهمڻ ڦرڻ ۽ شوبازي ۾ وڌيڪَ دلچسپي رکي ٿو. اڄ ڪلهه ننڍي وهي ۽ ڪچي عمر ۾ ٻارن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم لاءِ موڪلڻ عجيب فئشن ٿي پيو آهي. مون وٽ ڪجهه والدين جا ان بابت صلاح پڇڻ لاءِ اڪثر فون اچن ٿا. ڪالهه به نواب شاهه کان هڪ پيءُ جو فون آيو ته هن جي پٽ انٽر ڪئي آهي هو کيس ملائيشيا يا چين ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ موڪيل ٿو. اهو ٻڌي آئون سمجھي ويندو آهيان ته ڪچيءَ ۾ يعني شروع جي ڪلاسن ۾ نه ڇوڪري محنت ڪئي ۽ نه مائٽن هن تي نظر رکي جو هن جي انٽر ۾ سٺي پوزيشن اچي سهگي ۽ هو مقابلي ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي علائقي جي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪري سگهي. هن شاگرد سان به اهو مسئلو هو. هو سٺين مارڪن سان پاس نه ٿيو هو هاڻ ٻاهر پڙهڻ ٿي چاهيائين.
دراصل ٻاهرن ملڪن ۾ به ملائيشيا، چين هجي يا انگلنڊ، آمريڪا.... اتي جي سٺين يونيورسٽين ۾ داخلا انهن شاگردن کي ملي ٿي جيڪي top جا آهن باقي هر ملڪ ۾ ڪيترائي ردي قسم جا ٺڙڳ ٺڳيءَ جا ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج آهن جن ۾ھ بيڪار قسم جي شاگردن کي به داخلا مليو وڃي جو هنن جو مقصد فقط ۽ فقط پئسو ڪمائڻ آهي ۽ ڪو به پئسو ڏئي داخلا وٺي سگهي ٿو. ان بعد انيڌ منڊي attendance تي به هن کي ڊگري ڏني وڃي ٿي. ان دگري تي ڪٿي نوڪري ملڻ به سوالي نشاني آهي. گذريل مهيني ڪجهه اهڙن اسانجي ڏڏ شآگرد کي چين جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پرهندو ڏٺم. هنن وڏي فخر سان ٻڌايو ته هنن کي چيني به سيکاري وڃي ٿي ۽ ليڪچر انگريزي ۽ چيني ۾ ڏنا وڃن ٿا! هاڻ انهن شاگردن کي ڇا چين ۾ نوڪري ملي سگهندي جِتي هنن جي سٺن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد به بي روزگار ويٺا آهن ۽*8 ساڳي طرح پنهنجي ملڪ ۾ جِتي Dow ۽ لياقت يونيورسٽين جي گرئجوئيٽس کي ئي نوڪري نٿي ملي سو هنن مان ڪيترن کي ملي سگهندي؟!
مون نوابشاهه واري پيءُ کي صلاح ڏني ته پاڪستان ۾ سرڪاري ڪاليج ۾ داخلا نٿي ملي نه بهتر اهو ٿيندو ته پنهنجي پٽ کي اسرا، سر سيد، باقئي، همدرد يا ڪنهن ٻي خانگي يونيورسٽي ۾ داخلا ڏيار جِتي ولايت جي مقابلي ۾ خرچ به گهٽ ٿيندو ۽ توهان جي به پنهنجي ٻار تي نظر رهندي.
”پر سائين هن کي شوق آهي ۽ ضد ٿو ڪري ته هو ملائيشيا يا سنگاپور وڃي پڙهي جِتي هن جا ٻيا دوست به وڃي چڪا آهن.“ هن ٻڌايو ۽ منهنجي ڪجهه وڌيڪَ سمجھائڻ تي به مون ڏٺو ته هي والد convince ٿي رهيو هو بلڪه هو فيصلو ڪري چڪو هو ته سندس پٽ ٻاهر پڙهڻ لاءِ وڃي ۽ هاڻ هو ڪنهن به ريت روڪڻ جون ڳالهيون ٻڌڻ بدران اهو ٿو چاهي ته ڪو هن جي فيصلي تي واهه واهه ڪري ۽ چوي ته اهو سٺو ڪم اهي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته تنهنجو پٽ ولايت پڙهڻ لاءِ پيو وڃي.
اسان جڏهن انٽر سائنس ڪئي ته ان وقت سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن (جيڪ ان وقت سڄي سنڌ لاءِ هڪڙو حيدرآباد ۾ هو) ان سال جنهن شاگرد پهرين پوزيشن کنئي هئي اهو اسانجي ڪاليج جو منهنجو ڪلاس ميٽ هو. انهن ڏينهن ۾ اسانجي ڪاليج جو پرنسپال هڪ گورو (انگريز) هو جيڪو هڪ قابل تعليمدان هو. ان کنا جڏهن هن پهريون نمبر آيل شاگرد صلاح ورتي ته هو B.E (انجنيرنگ) پڙهڻ لاءِ انگلنڊ وڃڻ جو سوچي رهيو آهي ته پرنسپال هن جي والدين کي سمجايو ته ان ڪچي عمر ۾ ٻار کي ٻاهر هرگز نه موڪلجو. هن کي گرئجوئيشن (بيچولر) ۽ ويندي ماسٽرس پنهنجي ملڪ مان ڪري پوءِ ڊاڪٽوريٽ (Ph.D) لاءِ ٻاهر وڃڻ کپي. تيسين هو عمر جي حِساب سان ڪافي Mature ٿي ويندو.
اها ڳالهه اسان شاگردن کي ان وقت ته سمجهه ۾ نه آئي هئي پر پوءِ وڏو عرصو ولايت ۾ رهڻ بعد  مون اهو ئي اندازو لڳايو ته اسانجي پوڙهي انگريز پرنسپال جي ڳالهه صحيح آهي ۽ اڄ آئون به والدين کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هو ڪچڙي ذهن جيٻارن کي ٻاهر نه موڪلين. ڇو جو سواءِ ڪجهه جي گهڻي ڀاڱي پنهنجي هم وطني شاگردن کي جنهن آزادي سان بلڪ ڇڙواڳ نموني سان ٻاهرن ملڪن ۾ گهمندي ۽ پنهنجو وقت ضايع ڪندي ڏسندو آهيان. ان تي افسوس ٿئي ٿو. ڌارين ملڪن ۾ اڌ اگهاڙين ڊريسن ۾ ڇوڪريون، جوا خانا، مساج پارلر ۽ مئخانا ڏسيو اسان جا ماڻهو وائڙا ٿيو وڃن ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪرن جي ڀٽڪڻ جي ته اڃان به وڌيڪَ tendency آهي. ويتر هنن کي ولايت ۾ قدم رکڻ سان جي ڪڏهن اهڙو مڪاني يا سندن ڳوٺ جو شاگرد دوست ٿيو ٿو وڃي جيڪو پرهائي کان وڌيڪَ عياشي جو شوقين آهي ته پوءِ ٻي کي کرڻ ۾ دير نٿي لڳي. پوءِ سگريٽ ۽ شراب جي عادتن کان علاوه ڇوڪرين سان عشقن جا چڪر ۽ رقابتون ۽ پوءِ ان شيطاني چڪر ۾ خونرريزن جا به ڪيس ٿي ٻيا آهن.  مون ڪيترن ئي اهڙن ننڍي عمر جي شاگرد کي سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ رات جو دير تائين هوٽلن تي ڪچهريون ڪندي ڏٺو هوندو ۽ نصيحت ڪئي هوندي ته هڪ سٺي شاگرد کي سوير سمهڻ کپي ۽ هنن هوٽلن ۾ پئسو ۽ وقتُ ضايع نه ڪرڻ کپي. پوءِ اهڙا شاگرد جڏهنن موڪلن ۾ ڳوٺ پهچن ٿا ته م ائٽن سان هڪڙيون ڳالهيون ڪن ٿا پر هڪ جيڏن سان پنهنجي گهمڻ ڦرن، اصلي توڙي خيالي عشقن ۽ عياشين جون ڳالهيون ڪر يٻين کي به هر کائين ٿا ۽ پوءِ ٻيا به  مائٽن کي مجبور ڪن ٿا ته هنن کي به ولايت موڪليو وڃي ۽ پريشاني مائٽُ اهو ئي سوچي ٿو ته هيستائين ته هو نه پڙهيو (ظاهر آهي پڙهي ها ته انٽر ۾ سٺي پوزيشن اچيس ها. نه پڙهڻ ڪري ۽ سٺي گريڊ نه اچڻ ڪري هن کي مهراڻ يا لياقت يونيورسٽي ۾ به داخلا نه ملي) سو هاڻ ٻاهر موڪليانس ته من ڊاڪٽر/انجنير ٿي اچي. پوءِ مائٽ ويچارو قرض کڻي به پٽ کي ٻاهر موڪلي ٿو... ويتر هن کي ڪو نه ڪو اهڙو مون جهڙو مليو وڃي جيڪو ٻاهر رهيو آهي، اهو صلاح ڏئيس ٿو ته هن ملڪ جي هن ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ موڪلينس.
هن دفعي ڪوالالمپور ويس ته منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته هن اسڪول کوليو آهي جنهن ۾ هو فلاڻا ڪورس ڪرائي ڊپلوما ڏيندو. آئون هن کي حيرت سان ڏسڻ لڳس ته هن منهنجي حيررت جو سبب سمجھي مونکي ٻڌايو ته فڪر نه ڪريو. ڪيترا شاگرد ۽ انهن جا والدين ملائيشيا کي پسند ڪن ٿا ۽ تعليم جي بهاني هِتي رهڻ پسند ڪن ٿا جو هڪ شاگرد پويان سندس ماءُ يا پيءُ کي ملائيشيا ۾ رهڻ جي ويزا مليو وڃي. هن مونکي اهو به چيو ته تون پنهنجي ڪالم ذريعي يا سرندي وارن کي پنهنجي ملڪ جي فائو اسٽار هوٽل ۾ گهرائي هنن کي سندن ٻار، منهنجي هن ڪاليج ۾ موڪلڻ جي رغبت پيدا ڪر ته توکي به ٻين ايجنٽن وانگر في شاگرد جي داخلا تي هڪ هزار رنگٽ (يعني 32 هزار رپيا) ڏيندس... مونکي ان وقت ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هيءَ بيماري هن قسم جي ايجنٽن به پکيڙي آهي ۽ ننڍي عمر جي ٻارن توڙي هنن جي والدين جو برين واش ڪن ٿا.
هونءَ ته ڪو مائٽ چوي ته هن پنهنجي پيءُ يا ڌيءَ کي MBBS يا B.E لاءِ ملائيشيا، سنگاپور، چين يا ٻئي ملڪ موڪليو آهي ته ڏٺو وڃي ته اها هن جي پنهنجي بي عزتي آهي... ڇو جو اڳلو سمجھي وڃي ته هن جو ٻار ايڏو نڪمو آهي جو هن کي چانڊڪا جهڙي ميڊيڪل يا نوابشاهه جهڙي انجنيئرگ ڪاليج ۾ به داخلا نه ملي. پر آئون ڏسان ٿو ته اڄ ڪلهه اهڙن شاگردن جا والدين وڏي فخر سان ٻڌائيندا رهن ٿا ته انٽر بعد هن جو پٽ ملائيشيا ۾ انجنيئرنگ ۽ ڌيءَ چين ۾ ميڊيڪل پڙهي رهي آهي ۽ ٻيا ٻڌڻ وارا Impress ٿيو وڃن ۽ ڪيترا غريب اهو ئي سوچين ٿا ته ڪاش هنن وٽ به پئسو هجي ته هو به پنهنجن ٻارن کي ٻاهر موڪلين.

ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته گذريل پنجاهه سٺ سالن کان اسان وٽ اها فخر جي ڳالهه هئي ته ڪنهن جو ٻار ولايت پڙهڻ لاءِ ويو آهي. فخر جي ڳالهه ان ڪري هئي ۽ هئڻ به کپي جو هن شاگرد هِتي داڪٽريا يا انجنيئري يا ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ (IT، فزڪس، ڪيمسٽري وغيره) ۾ اعليٰ پوزيشن ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ تي UNDP، IMO، يا جپان، انگلنڊ ۽ آمريڪا جي وڏي يونيورسٽيءَ ۾ هن کي ان سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس يا ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ جي آڇَ ڪئي آهي. ۽ ان قسم جي ڳالهه ٻڌي اوڙو پاڙو، دوست سنگتي هن هوشيار شاگرد ۽ هن جي ماءُ پيءُ کي مُبارڪ ڏيڻ ويندا هئا ته هو ولايت پڙهڻ پيو وڇي. پر اڄ افسوس ٿو ٿئيم ته اسان جا ماڻهو ان کي مُبارڪ ٿا ڏين جيڪو ڏڏ آهي جنهن مئٽرڪ ۽ انٽر جهڙن خصيص امتحانن ۾ به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ مائٽ قرض کڻي کيس ڊاڪٽري يا انجنيري لاءِ ملائيشيا يا چين جي ڪنهن بيڪار ڪاليج ۾ پيا موڪلينس! هي سلسلو اڃا هاڻ شروع ٿيو آهي. شل اهڙن گرئجوئيٽن کي انهن ملڪن مان بيچلر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد انهن ملڪن مان بيچلر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد انهن ملڪن ۾ يا پنهنجي وطن جي ڪنهن چمبڙ، تلهار، عمرڪوٽ يا اوٻاوڙي جهڙي اسپتال ۾ به ڪا نوڪري ملي سگهي! باقي اهي ٻار جيڪي اٺين نائين ڪلاس ۾ آهن انهن جي والدين کي منهنجي ته اها ئي صلاح آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اهي چار سال ته کين محنت ڪرايو جيئن انٽر ۾ سٺي پوزيشن کڻي پنهنجي ملڪ جي ئي ڪنهن پروفيشنل ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهي ۽ هو توهان جي اکين اڳيان پڙهي سگهي ۽ جي ڊاڪٽري يا انجنيري ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪري ٿو وٺي ۽ وڌيڪَ تعليم لاءِ کيس ڪنهن فارين جي يونيورسٽي جي اسڪالرشپ ملي ٿي وڃي ته ضرور وڃي. اڄ به شهدادپور، بدين، راڻيپور، کپرو، سانگھڙ ۽ سنڌ جي ٻين ڳوٺن جا ڪيترا ئي اهڙا محنتي، قابل ۽ ذهين شاگرد ملائيشيا، سنگاپور کان لنڊن نيويارڪ ۽ ٻين ملڪن ۾ مختلف سبجيڪٽن ۾ M.Sc ۽ Ph.D پيا ڪن.  

No comments:

Post a Comment