Monday, November 03, 2014

نيپالي ڇوڪري ۽ وطن سان محبت! عبدالله مورائي

نيپالي ڇوڪري ۽ وطن سان محبت!
عبدالله مورائي
آئون سوچان پيو ته آخر ان ڳالهه جا ڪهڙا سبب آهن جو ڪوڪا ڪولا يا رسيلي سوپاري ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ ملي ٿي وڃي؟ ان جو مون کي هڪڙو ئي سبب نظر اچي ٿو ته ان جي ايڊورٽائيزمينٽ يا کڻي چئجي ماڻهن تائين ان شيءِ جي پهچ جو اطلاع آهي. اڄڪلهه جو دؤر انفارميشن جو دؤر آهي. هڪڙو نه پر کوڙ اهڙا ذريعا آهن جن جي وسيلي ماڻهن کي ڪنهن به وقت ڪوبه اطلاع ڏئي سگهجي ٿو. ڇونه پوءِ اهو اطلاع ڪنهن جنگ جي شروعات جو هجي يا کڻي موسم جي تبديلي جو، ڪنهن ٻوڏ جي اچڻ جو انديشو هجي يا سمنڊ ۾ طوفاني لهرن جو. اها لسٽ اڃا به وڏي ٿي سگهي ٿي. هن سال هتي سئيڊن ۾ گرمي ٿوري گهڻي پئي هئي، گرمي پد ۲۵ کن ٿئي ته سڄي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ايئرڪنڊيشن هلائين، اخبار ۾ اهي اطلاع پڻ ڏين ته فلاڻي ڏينهن تي گرمي پد هيترو يا هوترو ٿيندو، سو پاڻي گهڻو پيئو ۽ پوڙهن پڪن لاءِ صلاح ته گهرن ۾ رهو. اهو به پهريون ڀيرو ٻڌڻ ۾ آيو ته هتي سئيڊن ۾ پکا سڄي ملڪ مان ختم ٿي ويا، پوءِ ته سائين ماڻهن کي پکا يورپ جي ٻين ملڪن کان گهرائڻا پيا.


هتي ڪو به قانون پاس ڪري لڳائڻو هوندو اٿن ته ان تي ڪافي وقت بحث مباحثو ڪن، ان قانون بابت نه صرف اسيمبلين ۾ پر ريڊيو، ٽي وي، اخبارن ۾ پڻ ان نئين قانون بابت ماڻهن جا رايا وٺن. اڄڪلهه هتي اليڪشن ٿي گذري آهي. حڪمران پارٽي نوجوانن لاءِ اڍائي لک نوڪرين جو اعلان پڻ ڪيو هو ۽ وري ڪنهن ٻي پارٽيءَ ڏيڍ لک نوان گهر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، پر ووٽ سڀني کان وڌيڪ سوشل ڊيموريٽڪ وارن کنيا، سندن اعلان هو ته بهتر سئيڊن سڀني لاءِ. مزي جي ڳالهه ته هتان جي قومپرسٽ پارٽي هن دفعي اڳئين دفعي کان ٻيڻا ووٽ کڻي ملڪ جي ٽيون نمبر وڏي پارٽي ٿي اڀري آهي ۽ سندن چوڻ ته ايندڙ ٻن اليڪشنن کانپوءِ سندن حڪومت هوندي. هنن اليڪشنن ۾ منهنجي دوست پائولا بائلر Paula Bieler پڻ پارليامينٽ جي ميمبر ٿي آهي ۽ سندس تعلق هتان جي قومپرسٽ پارٽي Swedish Democrats سان آهي، معنيٰ هوءَ ۽ آئون ٻئي پنهنجي قوم لاءِ فڪرمند آهيون. نوڪريون ڏيڻ جي انهيءَ اعلان جو مطلب اهو ناهي ته هتان جي ادي جي حڪم تي ڌڙا ڌڙ ڀرتيون ٿين. انهن نوڪرين ڏيڻ ۾ ميرٽ جي لتاڙ بنهه ڪانه ٿيندي. اپارٽمينٽ ٺهرائڻ جو مقصد به اهو نه سمجهڻ گهرجي ته ڪو پنهنجا نوازي هلندي، گهر ٺهرائڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اهي گهر ٺهرائي ماڻهن کي ڪرائي تي ڏجن ته جيئن سندن مسئلو به حل ٿئي ۽ حڪومت پئسا پڻ ڪمائي.
منهنجي آمريڪن دوست لائورا Laura جنهن جو تعلق آمريڪا جي رياست Colorado سان تعلق آهي، مون ڏانهن گهڻو وقت اڳ سندس شهر بولڊر Boulder جي نالي جي ڪيپ موڪلي هئائين، اها ڪيپ ڪڏهن ڪڏهن آئون هتي اسٽاڪهولم ۾ پائيندو آهيان. ٿيو ائين جو هڪ دفعي هڪ همراهه اچي ڏاڍي گرمجوشيءَ سان مليو ۽ پڇيائين ته تون به بولڊر جو آهين ڇا، مون کلي وراڻيومانس ته نه مون کي رڳو ٽوپي بولڊر جي پاتل آهي. چيائين مون سمجهيو ته شايد تون به اتان جو آهين، ڇاڪاڻ ته مان بولڊر جو آهيان ۽ تنهنجي مٿي ۾ بولڊر جي ٽوپي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. چوڻ جو مقصد ته ڪابه ثقافت يا ٻولي ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو ڪري ڇڏي ٿي. آئون سمجهان ٿو هاڻي جيڪڏهن پرديس ۾ ڪنهن کي سنڌي ٽوپي پاتل هجي ته آئون هرو ڀرو ان جي ويجهو نه ويندس. ڇاڪاڻ ته هاڻي سنڌي ٽوپي الائي ڪير ڪير ٿو پائي، ها باقي جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌي ٻولي ڳالهائيندي ٻڌبو ته ظاهر آهي ته ڳالهائڻ کان ڪيئن مڙبو. هڪ دفعي آئون ۽ منهنجي دوست پرنيلا Pernilla اچي بس ۾ ويٺاسين، اسان کان اڳئين سيٽ تي هڪ نوجوان ڇوڪري ۽ هڪ وڏي عمر جو چاچو ويٺا هئا. پهريان ته مون غور ڪونه ڪيو پر جڏهن ڪنن ۾ مٺي سنڌي ٻولي ٻڌم ته رهيو ڪونه ٿيو ۽ سنڌي ۾ پڇومان ته اوهان ڪٿان جا آهيو؟ پاڻ هڪدم پوئتي ڏسي مرڪندي وراڻيائون ته ممبئي جا آهيون، پر اصل ۾ شڪارپور سنڌ جا. چاچي جو نالو ته الائي ڇا هو، باقي ڇوڪري سندس نالو سميٿا ٻڌايو، پاڻ هتي اسٽاڪهولم ۾ اريڪسن ڪمپني ۾ نوڪري پئي ڪيائين. اها خوشي جي ڳالهه هئي ته شڪارپور يا ممبئي جي سنڌي ڇوڪري هتي پروفيشنل نوڪري ڪري پئي. مزي جي ڳالهه ته هتي سئيڊن ۾ شڪارپور جي ٻي ادي صنم به هن سيميسٽر ۾ پڙهڻ لاءِ آئي آهي. معنيٰ پاڻ سنڌي هاڻي اڳتي نڪرون پيا. پاڻ سنڌي جيڪڏهن ائين تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچون ته سچ پچ ٿڪ ئي لهي وڃن.
ڪنهن کي اوهان ڪانٽي سان دال کائيندي ڏٺو آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ سئيڊن اچو ۽ مون کي ڪانٽي سان دال کائيندي ڏسو. سچ پچ ته سنڌ ۾ موجود ننڍن توڙي وڏن چمچن حڪمران ٽولي ۽ سندن کاٽو پٽن جي اهڙي ته چمچاگيري ڪئي آهي جو هتي سئيڊن ۾ منهنجو چمچن تان ارواهه کڄي ويو آهي، ڏٺي ڪو نه ٿا وڻن. لڳي ٿو چمچن کي ڊسٽبن ۾ اڇلائڻو پوندو، نه ئي نظر تي چڙهندا، نه ئي دل خراب ٿيندي.
هتي پنجابي توڙي ڀلي اهي انڊيا جا هجن يا پاڪستان جا، هڪٻئي سان ٻوليءَ جي ڪري ويجها ٿين. هڪ دفعي دي نيوز جي ليکڪ فاروق سلهريا ۽ ڊاڪٽر اشتياق سان هڪ ريسٽورينٽ تي ڪچهري پئي ٿي ته اتي ڪو همراهه لاهور جو هو ته ڪو لڌياني جو، مٿان وري انڊيا جي اڳوڻي وزيراعظم اندر ڪمار گجرال جو شايد ڀاڻيجو يا ڀائٽيو اچي وارد ٿيو، سڀني کي فڪر پنهنجي ٻولي بچائڻ جو هو ۽ سڀ جا سڀ پنجابي ٻوليءَ ڳالهائڻ جو مزو وٺي رهيا هئا. مون کي ائين محسوس ٿيو ته شايد هنن سڀني کي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ جو موقعو گهٽ ئي ملي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهو ٻڌي ڳڻتي ٿيندي آهي ته پنهنجا سنڌي ڪامريڊ به اڄڪلهه سنڌي بجاءِ اردو ۾ ٿا ايس ايم ايس ڪن، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اسان بس ڪئي، اسان جا هٿ مٿي.
خبرون آهن ته حڪومت جي گذريل دؤر ۾ جيڪي تعليم کاتي ۾ نوڪريون ڏنيون هئائون، سي سڀ ڪوڙيون هيون، هاڻي اها عام ماڻهن کي ڪيئن خبر پوي ته جيڪا مون کي نوڪري ملي پئي سا نسورو ڪوڙ آهي؟ پاڻ وٽ ته خبر ناهي ڪڏهن ترقي ٿئي پر هتي جيڪڏهن ڪا به نوڪري ايندي آهي ته ان جو اعلان هتان جي نوڪري وٺرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ واري اداري جي ويب سائيٽ تي ضرور ٿيندو آهي. پاڻ وٽ به اهڙو ڪو سرشتو هجي جتي عام ماڻهن کي هر هڪ نوڪري بابت خبر پوي، پر ائين ڪرڻ سان ظاهر آهي دڪانداري بند ٿي ويندي.
ٻار گهڻا پيدا ڪرڻ جو مقابلو رڳو پاڻ وٽ ڪونه ٿئي هتي سئيڊن جي اتر واري علائقي نورلينڊ ۾ هڪ عورت گهڻو وقت اڳ اوڻيهين ٻارن کي جنم ڏنو هو، جنهن مان هڪ گذاري ويو ۽ باقي ٻيا وڏا ٿيا ۽ پاڻ ٻارن ٻچن وارا ٿيا. بهرحال هاڻي هتي اهڙي شيءِ جي گنجائش ٿوري گهٽ ٿي لڳي. باقي پاڻ وٽ ته اڃا مقابلو سخت پيو هلي، جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ اچي.
مون کي اهو اندازو بنهه ڪونه هو ته نيپال جا گهڻا ماڻهو اردو يا هندي ٻولي ڳالهائين ٿا، اسان جڏهن سئيڊش ٻولي سکڻ لاءِ اسڪول ۾ وياسين ته اتي هڪ نيپالي ڇوڪري لڪشمي (Lakshmi) سان ملاقات ٿي، قد جي ننڍي پر ڳالهائڻ جي بلا. مون پڇومانس ته هتي سئيڊن ۾ ڪيئن آئي آهين، وراڻيائين ته مان نيپال مان اسرائيل ٻارن کي سنڀالڻ واري نوڪري ڪرڻ وئي هئس ۽ اتي ڪجهه سال ڪم ڪري پوءِ هتي پهتي آهيان ۽ هاڻي هتي به ساڳي نوڪري پئي ڪريان.
جيئن ننڍي هوندي اسڪول ۾ سائين (استاد) نه ايندو هو ته سڀئي شاگرد ڏاڍا خوش ٿي گهر موٽي ويندا هئا، هتي به هڪ ڏينهن اسان جي استاد انيسا (Anissa) نه آئي، سو اسان به لاڙڪاڻي جي دوست شاهزيب شيخ جي صلاح تي وڃي هڪ ڪيفيٽيريا تي ويٺاسين. لڪشمي Lakshmi به ساڻ هجي، ڪچهري ڪندي ڪندي هڪٻئي کي پنهنجي پنهنجي پسند جا گانا پئي ٻڌاياسين. اتي مون اندازو ڪيو ته لڪشمي تمام سٺو ٿي ڳائي. مون کيس چيو ته اڄ کانپوءِ تنهنجو نالو ڳائڻ وڄائڻ وارن جي دنيا ۾ لڪشمي نيپالي Lakshmi Nepali آهي، پاڻ ٿورو سوچي چيائين ته نه، مان پنهنجو نالو جيڪڏهن مون کي موقعو مليو ته پهريان پنهنجي وطن جي شروعات سان ڪندس، يعني نيپالي لڪشمي Nepali Lakshmi. مون کيس ان ڳالهه تي داد ڏيندي چيو ته ها شايد مون کي به مورائي عبدالله يا سنڌي عبدالله سڏائڻ گهرجي. جڏهن به لڪشمي (Lakshmi) سان ملاقات ٿيندي آهي ته محترم اسحاق انصاري جي ڪتاب ”نڪري پيس نيپال ڏانهن“ جي هڪ ڪردار ”صدقو“ ڏانهن ڌيان ڇڪجي ويندو آهي.

No comments:

Post a Comment