پنهنجن ٻارن کي لاڏلو ۽ ڪِڪلو نه بڻايو
الطاف شيخ
حيدرآباد ۾ سنڌين جو هڪ نئون ڪلاس رهي ٿو جن
اوس پاس جي ضلعن جي ننڍن توڙي وڏن شهرن مان، ٻارن جي تعليم يا نوڪري ڌندي لاءِ اچي
قاسم آباد وسايو آهي. هنن مان ڪيترن کي واقعي پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو فڪر
آهي. هو پنهنجن ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا...... اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن
لاءِ سٺو اسڪول معنيٰ انگريزي نالي وارو اسڪول جنهن ۾ ٻار حيدرآباد جهڙي ڪاڙهي جي
گرمي به رسيءَ جهڙي ٽائي ٻڌي وڃي. انگريز به دهلي ۽ حيدرآباد جهڙي گرميءَ ۾ هيٺ
چڍو ۽ مٿي تي ڪارڪ جو ٺهيل (Insulated) ٽوپلو پائي هلندا
هئا...... هِتي ڏسو ته معصوم ٻارن جو منهن پگهر سان ۽ ڳچي آراين سان ڀري پئي هوندي
ان مٿان ٽائي ڄڻ ته هنن کي گُهٽو ڏئي رهي هجي. مائٽن کي جِتي ٻار جي مستقبل جو فڪر
آهي اتي هو ڪن ڳالهين تي منجھيل (confused) به آهن. هو سمجھن ٿا ته
ٻارن لاءِ ٽيوشن ضروري آهي. آئون کين اهو ئي چوندو آهيان ته توهان جي چونڊيل اسڪول
۾ جيڪڏهن پڙهائڻ وارا ٽيچر يا مِسون قابل آهن ته پوءِ ٻار کي ٽيوشن لاءِ ڇو ٿا
موڪليو؟ ڪٿي ايئن ته نه آهي ته ٻار ڪلاس ۾ ڊيسڪ تي مٿو رکي ننڊون ٿو ڪري؟ ۽ جي نه
تو پوءِ اهوئي ڪلاس ۾ ورتل سبق گهر ۾ اچي پڙهي ۽ پڪو ڪري. ان جي ٿوري گهڻي چڪاس (Monitoring)
يا مدد (رهنمائي) ڪرڻ ماءُ جو ڪم آهي. ان ڪم لاءِ پيءُ تي نه ڀاڙجي جو اسان وٽ
پاڪستان ۾ به هاڻ ٻاهر جي دنيا وانگر هر پورهيو ۽ نوڪري ايڏي سخت ۽ مقابلي واري ٿيندي
وڃي جو پيءُ کي روزگار ڪمائڻ خاطر سڀ قوتون ۽ سمورو وقت پنهنجي نوڪري لاءِ وقف
ڪرڻو پوي ٿو. هڪ ماءُ لاءِ (خاص ڪري جي هوءَ هائوس وائيف آهي، يعني هوءَ نوڪري نٿي
ڪري ۽ سڄو ڏينهن گهر ۾ ٿي گذاري ته ان لاءِ ته هيڪاندو گهڻو) ضروري آهي ته هوءَ
ٻار جي پڙهائي کي پڻ ڏسي . پر اسان وٽ ڪيترين مائرن کان اهڙا ڪم نٿا پڄن جو هنن کي
TV ڏسڻ ۽ ننڊون ڪرڻ کان واندڪائي ناهي. هو
اهوئي expect ڪن ٿيون ته ڪلاس ۾ مِس هنن جي ٻارن کي
پڙهائي قابل ڪري........ يعني ڏٺو وڃي ته هڪ سڳي ماءُ ٿي ڪري کيس پنهنجي هڪ ٻار تي
نظر رکڻ جي نه خواهش آهي ۽ نه توفيق..... باقي ڪلاس روم جي مس ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٽيهن ٻارن جو خيال رکي.
سٺن اسڪولن ۾ به جِتي مس جو پگهار کڻي 15 هزار رپيا هجي هن کي هڪ پيرڊ جا سؤ رپيا
ٿا ملن يعني هڪ ٻار جا ٽي رپيا مس ٿيا. اسان وٽ مائرن جو زور رڳو پنهنجن ٻارن کي
ٽيوشن لاءِ موڪلڻ تي. پوءِ اهو ٻار ٽيوشن لاءِ تيار ٿيندو. ڊرائيور کي سڏ ٿيندا
پوـءِ ٽيوشن واري مِس جي گهر روانو ٿبو. رستي تي ڊرائيور پنهنجي لاءِ سِگريٽَ
وٺندو، صاحب جا ڪپڙا ڊراءِ ڪلين تي ڏيندو، بيگم جي واچَ جو سيل بدلي ڪرائيندو ۽
پوءِ نينگر مِس جي گهر پهچندو جيڪا موبائيل تي ڪنهن ساهيڙي سان ڳالهائڻ ۾ بزي
هوندي. ٻار ٿيلهي مان ڪاپيون ڪڍي مٿو ويٺو کنهندو. ٽيوشن واري مس (جيڪا ٻنهي جي
ڀلي لاءِ اڪثر ڪلاس ٽيچر ئي هوندي آهي) فون مان واندي ٿي وري رڌڻي ۾ ٻوڙ کي ڏسڻ ويندي يا ٽي وي تي هلندڙ سندس
دلپسند پروگرام جو حصو ڏسي پوءِ ڇوڪري کي اچي چوندي ته بابا هوم ورڪ ڪر. ههڙا سولا
حِساب به نٿا اچنئي. ڏس هينئن ٿيندا..... پوءِ کيس سڀ حساب ڪري ڏيندي يا اها ڪاپي
ڪڍي ڏينديس ته ان تان ڏسي حساب ڪر، جيڪا ڪاپي هوءَ هر سال ٻارن کي ڏيکاريندي رهي
ٿي. سيکارڻ کان آڱوٺو جو ان ڪم لاءِ مغز ماري ٿي ڪرڻي پوي.
گهر موٽڻ وقت به ڊرائيور صاحب، بيگم ۽
پنهنجا ڪم لاهيندو ايندو. ڏٺو وڃي ته اهڙي ريت ڪلاڪ ڏيڍ ان ٽيوشن پٺيان هليو وڃي
جنهن ۾ ٻار صحيح طرح ڪجهه نٿو سکي..... ان کان ته ماءُ دل لڳائي 15 منٽ به ٻار کي
يڪسوئي سان پڙهائي ته اهو بهتر آهي.
اسانجي هڪ سڃاڻي فئملي جي گهر حيدرآباد ويس
ته هنن مون کان صلاح پڇي ته هو پنهنجي ٻار کي 15 ڏينهن جي سمر ڪئمپ ۾ موڪلڻ ٿا
چاهين..... بلڪ هو پاڻ ته نٿا چاهين جو ان
جي وڏي في آهي پر جيئن ته پاڙي جو هڪ امير ٻار Join
ڪري رهيو آهي سو هنن جو ڇوڪرو به ضد ڪري رهيو آهي. ڏسو نه اڄ ڪلهه نئين ٽهي جو دور
آهي جنهن ۾ هي سڀ ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن.
مونکي خاموش ڏسي ڇوڪر جي ماءُ مونکي پاڻ ڏي
ڌيان ڇڪائيندي هڪ دفعو وري پڇيو ته ان بابت منهنجو ڇا خيال آهي ”توهان صلاح ڏيو ته
آئون ڇا ڪريان؟“ هن پڇيو.
”منهنجي جي ڳالهه مڃين ته گرمين جي هنن
موڪلن ۾ پٽهين کي رڌ پچاءُ ويهي سيکارينس. پٽاٽا بصر ڪٽرائينس، ٿانوَ ڌوئارائينس،
ڀت رڌڻ سيکارينس.....
”سر! توهان ته اسان سان چرچا ڪري رهيا آهيو
يا ٽوڪي رهيا آهيو.“ ڇوڪري جي ماءُ چيو.
مون کيس ٻُڌايو چرچا بنهه نه ڪري رهيو آهيان
پر توهانجي ڀلي ۽ ڇوڪر جي مستقبل لاءِ بهتر صلاح ڏئي رهيو آهيان. ان بعد مون کيس
جيڪي وڌيڪَ ٻُڌايو اهو هي پڙهندڙ ٻيون مائرون به هينئين سان هنڊائي سگهن ٿيون.
ڳالهه اها آهي ته اسين غريب ملڪن جا نه فقط
غريب ماڻهو آهيون پر فطرتا سست ۽ ٿوري ڳالهه تي همت هارڻ وارا پڻ آهيون. هي سمر
ڪئمپون جن ۾ ٻارن کي رانديون رونديون، ترڻ، گهمائڻ ڦيرائڻ، فلمون ۽ ڊراما ڏيکارڻ
يا ائڪٽنگ سيکارڻ ۽ نخرن سان پڙهائڻ انهن وڏن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي ڪارخانيدار،
جاگيردار ۽ بي انتها دولت وارا هجن جن کي هڪ طرف وقت ناهي جو ٻارن سان گڏ ڪجهه وقت
گهاري سگهن ۽ ٻي طرف هنن جا ايڏا ڪاروبار سيٽ ٿيل آهن جو هنن جي ٻارن کي فقط چار
اکر پڙهي ڪنهن سبجيڪٽ ۾ BA ڪري پنهنجي اباڻي فرم جو
CEO ٿيڻو آهي. هي سمر ڪئمپون يا اهڙي قسم جا
نخرا فقط پئسو ڪمائڻ خاطر آهن. انهن مان فائدو انهن کي ٿئي ٿو جيڪي ان قسم جون
ڪئمپون يا نمونا ڪن ٿا جن مان هو بيوقوف والدين مان پئسو ڪمائين ٿا. يا جيئن حيدرآباد،
سکر، لاڙڪاڻي جهڙن شهرن ۾ بيوٽي پارلر کلندا وڃن جِتي وڏن ماڻهن جون سست زالون
جيڪي ورزش ڪري پنهنجي سونهن وڌائڻ بدران وڃن ميڪ اپون ڪرائينديون. پنهنجي هڪ ڪالم
۾ لکي چڪو آهيان ته کارادر ۾ اٽي جي چَڪي هلائڻ واري پڻ، جنهن کان اٽو وٺندو هوس،
پنهنجي چَڪي بند ڪري حيدرآباد ۾ اچي بيوٽي پارلر کوليو آهي جِتي سندس زالَ جيڪا
ڪراچي ۾ ڪُتيانا ميمڻ خيراتي اسپتال ۾ دائي هئي، اها هن پارلر ۾ عورتن جي چهري جي
آڍَ ۽ مٿان ميڪ اپ جو ليپ لڳائي ٿي ۽ بقول هنن جي ان ڪم ۾ وڏي ڪمائي آهي.
اهوئي حال سَمر ڪئمپن جهڙن ڊرامن ۾ آهي.
آئون ته اهوئي چوندس ته موڪلن جو فائدو وٺي مائٽ پنهنجن ٻارن کي اسڪول/ڪاليج طرفان
هوم ورڪ ڪرائڻ بعد باقي ٽائيم ۾ پنهنجي انگريزي سڌارڻ لاءِ ڪِتاب پڙهائين جو اسان
جا ٻار ڊاڪٽري انجنيري ڪرڻ بعد نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ۾ چڱي طرح انگريزي
ڳالهائي ججن کي مُتاثر نٿا ڪريو سگهن. اڄ ڪلهه پنهنجي توڙي ڌارئين ملڪ ۾ نوڪري ملڻ
محال ٿي پئي آهي. ذرا سوچيو ته ولايت ۾ اسان جي ڪنهن مائٽ کي نوڪري ملي پر اهو ان
سبب کان موٽِي اچي ته اتي هن کي ٻوڙ ماني يا ڀت نٿو ملي جنهن جو هو عادي آهي! جپان
جي هڪ شهر ۾ پنهنجي هم وطني نوجوان کي ان سبب ڪري نوڪري ڇڏيندو ڏٺم. هو ٻارن
(فئملي) کي گهرائي نٿي سگهيو سو هن لاءِ ماني ڪير پچائي. خبر ناهي نوڪري ڇڏي موٽي
آيو يا نه باقي مون ڏاڍو سمجايو مانس ته ڀت يا ٻوڙ رڌڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي. بصر ڪٽي
ان جو داڳ ڪري ٽماٽا، مسالا ۽ ڪڪڙ جا پيسَ رُڳو سِلو باهه تي ڇڏي ڏيندي ته ٻوڙ
تيار ٿي ويندو. ماني به جهڙي تهڙي پچائي سگهين ٿو...... ڀلا ٻيو نه ته فرائنگ پئن
۾ تيل يا گيهه وجھي ان ۾ مشين ذريعي ڳٿل اٽي جو اڦراٽو ٺاهي سگهين ٿو. اهڙي طرح
ٻيون ڀاڄيون. ولايت ۾ هميشه ائين ٿيندو آهي ته ڪجهه ٻاهر جون شيون ڪجهه گهر جون،
ڪجهه تازون مڇيون ڪجهه دٻي جون ۽ بيضو پچائڻ يا مڇي گانگٽ ترڻ ۾ ڪهڙي Ph.D
جي ضرورت آهي پر اسانجا ڪي ڪي مرد به عجيب ناز نخرن وارا آهن. کانئن رڌ پچاءُ ته
ٺهيو پر پنهنجا ڪپڙا استري ڪرڻ، ٻيڙو ٽانڪڻ جهڙا معمولي ڪم به نٿا پڄن پوءِ انهن
جي جاين تي ساڳيو انڊين، بنگلاديشي، سري لنڪن ۽ ٻيا خوش ٿي نوڪري به پيا ڪندا ته
گهر جي اهڙن ننڍن مسئلن کي به پيا منهن ڏيندا.... اهي حالتون ڏسي اڄ جي مائرن کي
اها ئي نصيحت ڪندو رهان ٿو ته پنهنجي ٻارن کي لاڏلو نه ڪريو.... اڳتي ڏاڍو ڏکيو ۽
مقابلي جو زمانو اچي رهيو آهي. پنهنجي ٻارن کي تعليم ۽ تربيت (اخلاق) هڪ طرف
سيکاريو ته گهر جا ڪم ٻئي طرف. ۽ آرام پسند ”ڪِڪِلو“ بنائڻ بدران کين رَف ۽ ٽَف
بَنايو. رڳو ڪلف لڳل ڪپڙا پائي اوچي برانڊ جو موبائيل فون هٿ ۾ ۽ اکين تي مهانگو
چشمو رکي هلڻ ڪا وڏي ماڻهپي يا ڪامياب زندگي جو اهڃاڻ ناهي .......
تمام بهترين ڪالم پر سائين اکرن جو ڪلر مٽايو پڙهڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئي
ReplyDelete