Showing posts with label پينانگ، واري، پل، الطاف، شيخ،. Show all posts
Showing posts with label پينانگ، واري، پل، الطاف، شيخ،. Show all posts

Wednesday, September 04, 2013

پينانگ واري پل - الطاف شيخ

پينانگ واري پل
الطاف شيخ
ڪنهن چيو ته اليڪشن ويجھي آهي ته ان ڪري ملائيشين حڪومت ڏيکاءَ لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪري عوام کي خوش ڪري رهي آهي. ڪنهن چيو ملڪ ۾ تيل، رٻڙ ۽ ٽين (قلعي) جو پئسو جام اچي ويو آهي.
بهرحال ڏيکاءَ لاءِ يا پئسي جي گهڻي آمد ڪري ملائيشيا جي حڪومت ڏينهون ڏينهن ملڪ ۽ عوام جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندي رهي ٿي. ۽ ايشيا جون جيڪر ٻيون حڪومتون به ائين ڪن ته انهن ملڪن جي قسمت پڻ سڌري سگهي ٿي. گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪي  هتي  جي حڪومت وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، تن ۾ هڪ ته سڄي ملڪ ۾ پڪن رستن ۽ سپر هاءِ ويز جي ڄار شامل آهي. جنهن مان نه رڳو امير  ڪارن وارا فائدو وٺن ٿا پر غريب دور دراز جهنگلن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ عوام پڻ.