Showing posts with label وقت چورائڻ به حرام آهي، ملائيشيا، الطاف شيخ،. Show all posts
Showing posts with label وقت چورائڻ به حرام آهي، ملائيشيا، الطاف شيخ،. Show all posts

Tuesday, August 24, 2021

وقت چورائڻ به حرام آهي الطاف شيخ

وقت چورائڻ به حرام آهي

الطاف شيخ



ڪجھه سالن بعد  جي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ هڪ دفعي وقت کان وڌيڪ ڪار پارڪ ڪرڻ تي منهنجو چالان ٿي ويو. دڪانن تان ڪم لاهي موٽيس ته ڪار جي ونڊ اسڪرين ۾ پرچو لڳل ڏٺم. ڏنڊ ڀرڻ لاءِ پوليس آفيس ڀر ۾ ئي هئي. اندر داخل ٿيان ته اتي جو پوليس DSP سِک هو جنهن سان منهنجي سٺي دوستي هئي. مون کي خبر نه هئي ته هو هتي ملاڪا جي هن علائقي ۾ بدلي ٿي آيو آهي. هو مون کي هر وقت مانيءَ جي دعوت ڏيندو رهيو ٿي. مون کي ڏسي چيائين ته “سٺو ٿيو جو چالان بهاني توکي اچڻو پيو. لنچ جو ٽائيم آهي، اچو ته هڪ انڊين جي هوٽل تان ماني کائي اچون. اڄ بنا مانيءَ جي توکي وڃڻ نه ڏيندس.” هو منهنجو سٺو دوست ٿي ويو هو. پاڻ جيتوڻيڪ ڄائو نپنو هتي، پر سٺي پنجابي ۽ اڙدو ڳالهائي سگھيو ٿي. مون پنهنجي اڪيڊمي جي ڪيترن فنڪشنن تي ساڻس گڏ سندس فئمليءَ کي به گھرايو هو ۽ هو مون کي هر وقت سندس گھر هلي ماني کائڻ لاءِ چوندو هو - جنهن لاءِ آئون نٽائيندو رهيس ٿي پر اڄ بچڻ جي واهه نه هئي. نيٺ چيومانس ته هل ته ماني کائون پر ڪنهن اهڙي ريسٽورنٽ ۾ وٺي هل جتي بنا وقت ضايع ٿيڻ جي ماني کائي وٺون. هو هڪ گجراتيءَ جي ئي هوٽل ۾ وٺي آيو ۽ اجايو تڪلف ڪري ٻه ٽي ڊش گھرايائين، جنهن جو ويهه ڊالر بل آيو. (ملائيشيا ۾ ٽِپ جو رواج ناهي.) مانيءَ بعد موٽي سندس آفيس ۾ آياسين ته چيومانس “سردار جي! هن علائقي جو مالڪ ٿي ڪري مون تي اڄ اجايا پنج رنگٽ (ملئي ڊالر) ڏنڊ لڳي ويا آهن!”